ڀون سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ڀَوَنداس لوھاڻو
پيدائش ڀَوَنداس
جنوري 11 1954(1954-01-11)ع
ٽنڊو باگو، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
تعليم ڪيميسٽري ۾ ايم.ايس.سي، ۽ اقتصاديات ۾ ايم.اي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
مُکيه ڪم ”دَرد بڻيو دِلرُبا“ (ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو)

سنڌي ٻولي جو ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڀَوَن سنڌي، جنھن جو پورو نالو ڀونداس پُٽ جئرامداس لوھاڻو آھي، 11 جنوري 1954ع ۾ سنڌ جي شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ٽنڊي باگي شھر مان حاصل ڪيائين ۽ 2014 ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي مان رٽائر ٿيو.

تعليم[سنواريو]

  • انٽر سائنس مسلم ڪاليج حيدرآباد
  • ايم.ايس.سي (ڪيميسٽري) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
  • ايم.اي (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي
  • ايل.ايل.بي، سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد

تصنيفون[سنواريو]

ڀَوَن سنڌي دنيا جي مختلف ٻولين جي نامور ڪھاڻيڪارن جون 100 کان وڌيڪ ڪھاڻيون ترجمو ڪري چڪو آھي، جن ۾

  • درد بڻيو دلرُبا (2015ع) نئون نياپو اڪيڊمي. (ھن ڪتاب کي سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران سال 2015 جو بھترين ترجمي جو ڪتاب قرار ڏنو ويو.)
  • گوري گهاگهر ۽ گوندر[1] (1985ع : پھريون ڇاپو نئون نياپو پبليڪيشن. 2015 : ٻيون ڇاپو نئون نياپو اڪيڊمي.)
  • محبت ماريا ماڻھو (2016ع) نئون نياپو اڪيڊمي[2]
  • ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص (2015ع) نئون نياپو اڪيڊمي
  • سُندري، سپنا ۽ صليب (شاعري جو مجموعو، 1986ع)

٭ درد بڻيو دلرُبا[3] (2015ع) نئون نياپو اڪيڊمي

  • برھم پترا (ناوليٽ جو گڏيل ترجمو)

شامل آھن. ڀَوَن سنڌي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تنقيدي موضوع، طبعزاد ڪھاڻيون، مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ پرڏيھ جا سفرناما پڻ لکيا آھن.

ملازمتون[سنواريو]

ڀَوَنداس لوھاڻو 2014ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي مان رٽائر ٿيو.

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]