ملائڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عيسائي مذھب جو وڏو ملائڪ ميخائيل(ميڪائيل) رومي فوجي جبي ۾

ملائڪ(انگريزي: Angel)(، فارسي: فرشتہفارسي: فرشتہ)ابراھيمي ۽ ڪجهه ٻين مذھبن ۾ ھڪ مخلوق جو نالو آھي. جيڪا خدا ۽ انسانن جي وچ ۾ تعلق جو ڪردار ادا ڪندڙ آھي ۽ خدا پاران مختلف سونپيل ڪم پورا ڪندڙ آھي.اھي ڄاڻ ۽ طاقت ۾ انسان کان وڌيڪَ پر خدائن کان گھٽ سمجھيا ويندا آهن. اھي لافاني نہ ھوندي بہ مرندا ڪانہ آھن[1].

نالو ۽ ھم معني لفظ[سنواريو]

قرآن ۾ واحد لاءِ ملك ۽ جمع لاءِ ملائكة لفظ استعمال ٿيو آهي. تفھيم القرآن قرآن مطابق لفظ ملك جي عربي معني پيامبر آھي ۽ ان لفظ جو ترجمو فرشتو آھي. [2].لفظ اينجل angel انگريزيءَ جو لفظ آهي ۽ اولڊ انگلش جي لفظ اينججيل ( engel ) جي بگڙيل صورت آهي جيڪو وري اولڊ فرينچ لفظ angele مان نڪتل آهي[3] اھي ٻئي لفظ لاطيني لفظ ايجيلس angelus مان نڪتل آھن جنھن جي معني پيامبر يا پيغمبر "messenger"آھي. لاطيني لفظ وري يوناني لفظ ايجيلوس ἄγγελος aggelos مان ورتل آهي[4] عبراني ۾ ان لفظ کي ملاڪ mal’ākh چئبو آهي جنھن جي معني بہ پيغامبر آهي[1] .[5]لفظ اينجل يوناني لفظ اينجلاس(انگريزي: angelos) مان نڪتل آهي جنھن جي معني پيغامبر آھي.

ملائڪن جي تصور جي جي شروعات[سنواريو]

ملائڪن جو تصور سڀ کان اول 3000 سال قبل مسيح ۾ سميريا ۾ جنم ورتو. سميري ماڻھو گھڻن خدائن تي يقين رکندڙ (انگريزي: polytheists)ھئا ۽ انھن جو عقيدو ھو تہ ملائڪ ديوتائن ۽ انسانن جي وچ ۾ پيغام پھچائڻ جو ڪم ڪندا آهن. انھن جو خيال ھيو تہ ماڻھن جي اندر ھڪ روحاني ساٿي سڄي عمر انھن سان گڏ رھندو آھي، لڳي ٿو تہ اھو گارجين ملائڪ(انگريزي: guardian angel) جو شروعاتي روپ ھيو. قديم آثارن جي کوٽائي مان گھرو عبادتگاهن ۾ ڪجهه مورتون مليون آهن جن ۾ پرن وارا انسان ڏيکاريل آھن جيڪي مورتون ملائڪن سان منصوب ڪيل ھيون. اھو رجحان بابل ۽ اشور جي تھذيبن ۾ بہ جاري رھيو[1][6]

ملائڪن جو زرتشتي مذھب وارو تصور[سنواريو]

650 ق م ۾ زرتشت دعویٰ ڪئي ھئي تہ وٽس ملائڪ اچي توحيد واري مذھب جا اصول نازل ڪيا ھئا جيڪو بعد م زردشتي مذھب(انگريزي: Zoroastrianism) سڏجڻ لڳو. ان مذھب م. نازل ٿيندڙ ملائڪ جو نالو مٿراس (انگريزي: Mithras) ھيو جنھن کانسواءِ ڇھ وڏا ملائڪ (انگريزي: archangels) ۽ ڪيترائي ننڍا ملائڪ ھيا. زردشتي ملائڪن جي تصور کان يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام پڻ متاثر ٿيو.[1]

ملائڪ (اينجل) جو بائيبل وارو تصور[سنواريو]

گارجين يا نگھبان ملائڪ ٻارن جي نگھباني ڪندي.

بائيبل م ملائڪن کي بغير جنس واري خدا جي خدمتگار مخلوق طور ڏيکاريو ويو آهي ۽ اھي لازوال نہ ھجڻ باوجود مرندا ناهن ۽ انھن جو ڪم خدا جي حمد ڪرڻ آهي، آسماني ڪائونسل ۾ ڪم ڪندي خدا جي ھر حڪم جي تعميل ڪندا آهن. انھن مان کوڙ پيغام پھچائيندڙ ھوندا آھن، ڪجهه ويڙھاڪ ء ڪجهه محافظ ھوندا آھن. بائيبل جي تصور مطابق اھي روحاني مخلوق آھن ۽ نظر نہ ايندڙ آھن پر انساني روپ اختيار ڪري سگھندا آهن اھڙي جو انسان ۽ ان ۾ فرق ناممڪن ھوندو آھي.[1]


فريسڪو ، سائنس ء. مذھب جي مطابقت

بائيبل ڪٿي ڪٿي خدا ء ملائڪ ۾ فرق نہ رکيو آهي. مثال طور بائيبل م لکيل آهي تہ خدا جو ملائڪ موسیٰ جي آڏو ٻرندڙ ٻوڙي ۾ نمودار ٿيو، پر ٻن آيتن بعد بيان ٻڌائي ٿو تہ خدا موسیٰ کي ساڳي ٻوڙي مان سڏ ڪيو. عبراني بائيبل ۾ ملائڪن جا ٻہ ٻيا قسم بہ ڏنل آھن جن ۾ ھڪ: سريفيم ، جيڪي نانگ وانگر ڇھن پرن وارا ھوندا آھن. وچين دؤر جي عيسائيت ۾ کين اعلیٰ رتبي واري حيثيت ڏني وئي جن جي پھچ خدا جي تخت تائين ھئي، ۽ ٻيو قسم: چيروبيم :پرن وارا جيڪي انساني خصوصيتن وارا آھن جيڪي آدم ۽ ايو(انگريزي: Eve) جي نيڪالي کان پوءِ عدن جي باغ جا نگھبان ھيا[1].

شاعري جي ھڪ خيالي مخلوق جي ڪھاڻي

ملائڪن جو پراڻي عبراني بائيبل يا پراڻي عھدنامي ۾ مختصر ذڪر ٿيل آھي جنھن مطابق اھي پيغام کڻي ايندڙن وارو ڪم سرانجام ڏيندڙ آھن ان کان سواءِ آھي نگھبان، رھنمائي ڪندڙ ۽ خدا جي نمائندي وارو ڪم ڪندڙ ۽ خدا جي دشمنن تي حملو ڪندڙ آھن. پراڻي عھدنامي جي بعد وارين لکڻين ۾ ملائڪ ڪردار ، نوعيت ۾ وڌيڪ اھم ڏيکاريا ويا آھن شايد اھو بابل ۽ زرتشتي مذھب جي اثر ڪري ڪيو ويو[1]. ھاڻي ملائڪ رومي بادشاھ ڪنسٽنٽائين اعظم(280–337)، کي راز به ٻڌائيندا ھيا ۽ اسپين جي شھر سيويل(انگريزي: Seville) ۾ لڳل مجسمي وانگر پرن سان آھي نظر بہ اچڻ لڳا. ڊينيئل واري ڪتاب ۾ پھريون دفعو جبرائيل ۽ ميڪائيل جو ذڪر ٿيو ۽ ملائڪن جو پورو سلسلا متعارف ڪيا ويا جن مان ميڪائيل کي ھڪ عظيم شھزادو ڪري ڏيکاريو ويو. عھدنامن جي درميان وارو عرصو (چوٿين کان پھرين صدي قبل مسيح ۾ ) ملائڪيت جو تصور تمام وسيع ٿي چڪو ھو جيڪو شايد زرتشتي تصورات جو اثر هو. ان خيال مطابق ملائڪن جو تعداد تمام گھڻو ھيو ۽ انھن کي ھڪ سلسلي واري ترتيب ۾ رکڻو پيو جنھن ۾ وڏن ملائڪن جي تصور جنم ورتو.ان کان علاوه ڌڪاريل ملائڪن(انگريزي: fallen angels) جو تصور متعارف ٿيو اھڙي طرح نيڪي ۽ بدي جي ٻٽي خيال جنم ورتو.[1] ھن خيال ۾ ملائڪن کي مرضي سان فيصلو ڪرڻ ۽ خدا جي نافرماني ڪرڻ جي طاقت ھجڻ جي خيال. جنم ورتو. ڪجهه ملائڪ ملائڪاڻي فوج جو حصو بڻيا ۽ ڪجهه محافظ ۽ نگھبان جو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا. مثال طور رافيل ملائڪ (انگريزي: Raphael) ٽوبٽ(انگريزي: Tobit) کي بچائيندو آهي جڏھن ٽوبيٽ ميڊيا طرف سفر ڪري رھيو ھو. عيسائين جي بائيبل يا (پھرين صدي عيسويءَ واري) نئين عھدنامي ۾ ملائڪ عیسیٰ مسيح جي پيدا ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا ۽ خدا جا ڪم ڪندا رھن ٿا. انھن عیسیٰ مسیح جون ضرورتون پوريون ڪيون جڏهن ھو تنھا ڪيو ويو ھو. ان ھوندي بہ آھي ھن کان درجي ۾ ھيٺ ھيا.[1] جيوڊ واري ڪتاب ۾ انھن ملائڪن جو بہ تذڪرو آھي جن فيصلي جي ڏينھن تائين گرفت ۾ رھڻ خلاف بغاوت ڪئي[1]. وحي واري ڪتاب ۾ نيڪي ۽ بدي جي طاقتن وچ ۾ فيصلا ڪن جنگ ۾ ملائڪن اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان ۾ وڏو ملائڪ ميڪائيل ملائڪن جي فوج جي قيادت ڪندي شيطان سان وڙھي ٿو جنھن ۾ شيطان کي شڪست ملي ٿي ۽ شيطان پنھنجي ساٿي ملائڪن سان گڏ زمين تي ڪري ٿو[1].

جيڪب (يعقوب) فرشتي سان ڪشتي ڪندي

ملائڪ جو قرآن وارو تصور[سنواريو]

مولانا ابوالاعلي مودودي جي خيال مطابق آھي رڳو مجرد قوتون ناھن جيڪي تشخص نہ رکنديون ھجن، بلڪہ اھي شخصيت رکڻ واريون ھستيون يا وجود آھن.جن کان الله ڪائنات جي انتظام ۾ ڪم وٺي ٿو. مولانا وڌيڪ لکي ٿو تہ اھي خدا جي سلطنت جا ڪارندہ آھن، جيڪي الله جي حڪمن کي نافذ ڪن ٿا[7]. اسلام ۾ بہ ملائڪ جو تصور ساڳيو يھودين ۽ عيسائين وارو آھي. آھي خدا جا خدمتگار ۽ انسانن تائين وحي کڻي ايندڙ آھن ، تنھن ھوندي بہ اسلام ۾ اھي پنھنجي مرضيءَ وارا نہ ھوندا آھن ۽ آھي گناھہ يا خدا جي نافرماني نہ ٿا ڪري سگھن، اھڙي طرح اھي بدي جي طاقت نہ ھوندا آھن. اسلام ۾ بہ ملائڪن جا درجا ھوندا آھن ۽ انھن کي مخصوص ڪم سونپيل ھوندا آھن. مثال طور: جبرائيل جو ڪم خدا جي وحي پيغمبرن تائين پھچائڻ آھي جنھن ۾ قرآن محمد تائين پھچائڻ بہ شامل آھي. دنيا جي ھر انسان سان زمين تي الڳ ملائڪ مامور ٿيل آھن جيڪي ان جا ڏوھ ۽ ثواب درج ڪندا آهن[1]. اسلام ۾ انھن جو تصور قرآن ۾ ڏنو ويو جيڪو اسلام کان اڳ زرتشتين ، يھودين ۽ وچ اوڀر جي عيسائين جي عقيدن سان مشترڪ آھي[8]. اسلامي روايتن مطابق اھي آسماني ڪعبي جي زيارت ڪندا آهن جھڙي طرح ڌرتي تي مسلمان ڪن ٿا. اھي جنت ۾ ماڻھن کي خوش آمديد چوندا[8]. قرآن مطابق ڪجهه ملائڪن کي مخصوص ڪم سونپيا ويا آهن جن مان جبرائيل وحي پهچائيندڙ ملائڪ آھي، عزرائيل موت جو ملائڪ آھي[8]. مالڪ دوزخ جو نگھبان آھي، اسرافيل توتارو وڄائيندو تہ قيامت ٿيندي، منڪر ۽ نڪير قبر ۾ پڇا ڳاڇا ڪندا ۽ ملائڪ نور جي پيدائش آھن[8]. رواہتن مطابق اھي انساني روپ پڻ اختيار ڪري سگھن ٿا[8]. قرآن مطابق پيغمبر جي معراج تي وڃڻ وقت جبرائيل ساڻس گڏ سفر ڪيو[8].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no:16
  2. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 62 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  3. "angel - Definition of angel in English by Oxford Dictionaries". Oxford Dictionaries - English. 
  4. Strong, James. "Strong's Greek". Biblehub.com. حاصل ڪيل 4 October 2017. Transliteration: aggelos Phonetic Spelling: (ang'-el-os) 
  5. Kosior, Wojciech. "The Angel in the Hebrew Bible from the Statistic and Hermeneutic Perspectives. Some Remarks on the Interpolation Theory". "The Polish Journal of Biblical Research", Vol. 12, No. 1 (23), pp. 55-70. حاصل ڪيل 22 November 2013. 
  6. Guiley, R. (2004). Encyclopedia of angels. New York: Checkmark
  7. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 62 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages # 43,