پي اي سي ايڇ ايس ون
پي اي سي ايڇ ايس-ون يو سي-7، پي اي سي ايڇ ايس-1 | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز-I | |
بي اي ايم ايم ڪاليج، پي اي سي ايڇ ايس | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°52′03″N 67°03′43″E / 24.86750°N 67.06194°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
پي اي سي ايڇ ايس-1 يا پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز نمبر-1 (P.E.C.H.S-1) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۽ اولھه پي اي سي ايڇ ايس-ٽو، ڏکڻ ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ اوڀر م جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن واقع آهي. 2013ع کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر-6 جو ھيو ۽ سال 2013ع ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙن، پنجابي ماڻھن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائيڪي ماڻھو رھندڙ آھن.
سال 2015ع جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ مستجب انور چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي رانا تنزيل الرحمان چونڊجي آيا، ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي.[1] ھن يو سي ۾ خوشحال ماڻھو رھندڙ آھن ۽ شھري منصوبابندي تحت آهي. جن يونين ڪاميٽي مان گذرندڙ روڊن ۾ شاھراھه فيصل، ڊاڪٽر محمود حسين روڊ، شاھراھه قائدين، طارق روڊ، علامه اقبال روڊ، شاھ عبداللطيف روڊ، ڪشمير روڊ، سرسيد روڊ، خالد بن وليد روڊ ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ محمد علي جناح يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ امرجنگ سائنسز، ليوپرڊ ڪوريئر سروس ھيڊ آفيس، حرمين پارڪ، بي.اي.ايم.ايم. ڪاليج، سٽي اسڪول، بيڪن هائوس ڪالج، ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪيمپس-2، مدينة العلم اسلامي اڪيڊمي، پي اي سي ايڇ ايس ٽراما ھاسپيٽل، المرتضا فيملي پارڪ، عبدالله شاھ غازي رينجرز ھيڊ ڪوارٽر، فائونڊيشن پبلڪ اسڪول، سينيئر ماڊل گورنمينٽ بوائيز اسڪول، جونيئر ماڊل گورنمينٽ سيڪنڊري گرلس اسڪول، "دنيا نيوز" ڪراچي بيورو آفيس، آء بي ايم، لياقت پارڪ، عثمانيه گرائونڊ، محمود غزنوي پارڪ، طارق روڊ قبرستان ۽ پي اي سي ايڇ ايس لائبريري واقع آھن. ھن يونين ڪاميٽي-7 پي اي سي ايڇ ايس-1 جي آفيس رينجرز ھاسپيٽل جي ڀرسان مسجد طيبه اسٽيريٽ، بلاڪ-2، پي اي سي ايڇ ايس ۾ واقع آهي.