پوسٽل ڪوڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فرير آسٽريلوي گادي جي خطي جو ٽپال جو نشان جيڪو 2706 پوسٽ ڪوڊ ظاھر ڪري ٿو


ٽپال جو ڪوڊ يا پوسٽ ڪوڊ(انگريزي: Post Code ) مختصرن ان کي پن ڪوڊ يا زپ ڪوڊ پڻ چون ٿا. اھو عددي يا اکري ۽ ڪڏهن ڪڏهن عددي ۽ اکري ايڪن جو مجموعو ھوندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن انھن ايڪن ۾ وٿيون ۽ بيھڪ جون نشانيون پڻ شامل ھونديون آھن. پوسٽل ڪوڊن سان علائقن ۽ شھرن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن شھرن ۽ ڳوٺن کان سواءِ اھي ڪوڊ مختلف سرڪاري ء غير سرڪاري ادارن جي پتن کي بہ ڏنا ويندا آهن جن جي ٽپال تمام وڏي پيماني تي موڪلي ويندي آهي. ادارن کي ڏنل ڪوڊ مخصوص ڪوڊ (special code) سڏبا آهن. اھو نظام ٽپال جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو جنھن ذريعي ھر ملڪ ، خطي، شھر يا اداري جي ٽپال آساني سان پھچائڻ لاءِ ورھائي موڪلي سگھبي آهي. فيبروري 2005 ۾ دنيا جي 190 ملڪن مان 117 ملڪن ۾ يونيورسل پوسٽل يونين جا رڪن ٿي چڪا ھئا.


مختلف نالا[سنواريو]

  • سي اي پي (CAP):(انگريزي: codice di avviamento) يا پوسٽل ايڪسپيڊيشن ڪوڊ :اٽلي جو ڪوڊ
  • سي اي پي (CEP) (انگريزي: código de endereçamento postal) يعني پوسٽل ائڊريسنگ ڪوڊ : برازيل جو ڪوڊ
  • ايريڪوڊ (انگريزي: Ericode ) : آئرلينڊ جو ڪوڊ
  • سين پي اي (NPA) (انگريزي: numéro postal d'acheminement) ۽ پي ايل زيڊ (PLZ) سوئيٽزرلينڊ جو ڪوڊ
  • پن (PIN) پوسٽل انڊيڪس نمبر : انڊيا جو ڪوڊ
  • پوسٽل ڪوڊ:. ڪئناڊا ۽ پاڪستان
  • پوسٽ ڪوڊ: ڪيترائي انگريزي ٻوليءَ وارا ملڪ ۽ نيدرلينڊز
  • زپ ڪوڊ (ZIP) (انگريزي: Zone Improvement Plan) آمريڪا جون گڏيل رياستون، فلپائن

حوالا[سنواريو]