پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بين الاقوامي مزدور ڏهاڙو

ممبئي ۾ مئي ڏينهن ريلي
سرڪاري نالو بين الاقوامي مزدورن جو ڏينهن
عرفيت مئي ڏينهن - مي ڊي
تقريبون مختلف ريلين جو انعقاد، گهٽي مورچا ۽ مظاهرا
تاريخ مئي 1
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو
لاڳاپيل مئي ڏينهن، مزدورن جو ڏهاڙو، مزدورن جو ڏينهن، پورهيتن جو عالمي ڏينهن ۽ ٻيو مئي ڏينهن

پورهيتن جو ڏيهاڙو : پهرئين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي طور  ملهايو ويندو آهي. [1] اِن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد امريڪا جي شهر شڪاگو جي پورهيتن جي جاکوڙ کي ياد ڪري ڀيٽا ڏيڻ آهي [1] [2]

مسئلو[سنواريو]

اولهہ دنيا ۾ صنعتي انقلاب کان پوءِ، سرمائيدارن جون بدعنواني وڌي ويون، جنهن جي خلاف مخالف نظرياتي خيال پڻ سامهون آيا. سوشلزم تحت واپاري اتحاد (ٽِريڊ يونينز) جو بنياد رکيو ويو. صنعتي مرڪزن ۽ ڪارخانن (فيڪٽريرن) ۾ پورهيتن (مزدورن) جي بدحالي حد کان وڌيڪ وڌي وئي.  پورهيتن کان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو ڪم ڪرايو ويندو هيو.

مطالبا[سنواريو]

مئي ڏينهن جي شروعات، 1886ع ۾، محنت ڪندڙ مزدورن پاران اَٺَ ڪلاڪَ ڪم جو وقت مقرر ڪرڻ جي مطالبو سان ٿيو.[1] واپاري اتحاد (ٽِريڊ يونين)، مزدورن جي تنظيمن ۽ ٻين سماجي ادارن (سوشلسٽ ادارن)، ڪارخانن ۾ هرڏينهن اَٺَ ڪَلاڪَ ڪَمُ  ڪرڻ جي گُهرَ (مطالبو) ڪيوويو.

احتجاج يا هڙتال[سنواريو]

انهي ڏينهن، آمريڪا جي مزدورن مڪمل هڙتال ڪئي. 3 مئي تي انهيءَ سلسلي ۾ شڪاگو ۾ منعقد مزدورن جي احتجاجي جلسي تي هَلان (حملو) ٿيو، جنهن ۾ چار مزدور مارجي ويا. ان بربريت جي خلاف پورهيت احتجاجي مُظاهري جي لاءِ هائي مارڪيٽ چوُدَڳِيءَ (Hey market square ) تي احتجاج لاءِ گڏ ٿيا. [1] پوليس احتجاج کي جهَلڻ جي لاءِ پورهيتن تي تشدد ڪيو، انهيءَ مهل بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس آفيسر مارجي ويو، ته پوليس پاران مظاهرو ڪندڙن تي گولين جو مِينهُن وسائي ڏِنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور ڪارڪن مَارجي ويا ۽  ڪجهہ درجن جي تعداد ۾ زخمي ٿيا، اِن موقعي تي، سرمائيدارن مزدورن اڳواڻن کي گرفتارڪري انهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. [3] [4] جيتوڻيڪ ان جي خلاف ڪو ثبوت نہ هو تہ هو ان بم ڌماڪو واري واقعي ۾ ملوث آهن. پورهيتن مزدور تحريڪ جي لاءِ جان ڏئي سرمائيداراڻي سِرشتي جو نِياءُ (انصاف) ۽ بربريت کي وائکو ڪري ڇڏيو. انهن مارجي ويل اڳواڻن چيو تہ "توهان اسان کي جسماني طور ختم ڪري سگهو ٿا، پر اسان جا آواز نٿا دٻائي سگهو"

نتيجو[سنواريو]

هن جدوجهد جي نتيجي ۾، سڄي دنيا جي مزدورن اٺ ڪلاڪ ڪم جو وقت حاصل ڪيو. پر اڄڪله ڪجهه پورهيت تنظيمن پاران اٺ ڪلاڪ بدران چار ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو وقت رکڻ جي گُهر ڪئي وڃي ٿي.

درشن خانو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 Foner, Philip S. (1986). May Day: A Short History of the International Workers' Holiday, 1886–1986. New York: International Publishers. pp. 41–43. ISBN 0-7178-0624-3. 
  2. "The Brief Origins of May Day". IWW Historical Archives. Industrial Workers of the World. وقت 7 جنوری 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 May 2014.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  3. "Act II: Let Your Tragedy Be Enacted Here". The Dramas of Haymarket. Chicago Historical Society. وقت 7 جنوری 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-01-19.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  4. Ward, William. "Letter from Captain William Ward to Inspector John Bonfield". Haymarket Affair Digital Collection. Chicago Historical Society. وقت 7 جنوری 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-01-19. I saw a man, whom I afterwards identified as Fielding [sic], standing on a truck wagon at the corner of what is known as Crane's Alley.  Check date values in: |archive-date= (مدد)

<references group="">

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]