مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

پهاڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پهاڪو (Proverb) ڪوننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو ھوندو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا وري ڪو سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي.[1] يعني عام سادي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل هڪ روايتي حقيقت اصطلاح يا محاورا پهاڪي جي دائري ۾ نہ ٿا اچن. ڪي پهاڪا سادا عوامي گفتا ٿين ٿا ۽ انهن جي معنيٰ پڌري هجي ٿي پر ڪي پهاڪا سوچ ويچار ۽ معنيٰ سان ڀريل هوندا آهن ۽ زندگيءَ جي منجهيل معاملن سان واسطو رکن ٿا. ڪي پهاڪا وري ظاهر ۽ مثالي ۽ تشبيهي ٿين ٿا پر حقيقت ۾ مڻيادار ۽ اندروني معنيٰ وارا هوندا آهن. ڪي پهاڪا نہ رڳو ننڍا ۽ ياد رکڻ جھڙا هجن ٿا پر اُهي بي معنيٰ ۽ ڪنھن مطلب کان خالي بہ نہ هوندا آهن. ساڳي وقت اهو بہ ضروري نہ آهي پھاڪا ڪو سؤ سيڪڙو حقيت تي ٻڌل هجن. ڇاڪاڻ تہ لوڪ سياڻپ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ۾ عقل جي ابتڙ ۽ سمجھ کان مٿانهين بہ هوندي آهي.

”پھاڪو“ سنڌي لفظ ”پھ“ مان ورتو ويو اھي، جنھن جون معنائون آھن، خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح ڏيڻ/وٺڻ سوچڻ ۽ نبرڻ وغيره. پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھڳڻن جا ٻول، سنڌي سياڻپ جو آئينو آھن. منجهن سنڌي رھڻي ڪھڻي ۽ کڻ کوت جي گھڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آھي. جيتوڻيڪ پھاڪا مختصر آھن، پر چوڻ وقت مطلب کي پڌرو ڪن ٿا. اھڙي طرح پھاڪن مان ماڻهن جي عادتن ۽ گفتار، رسم ۽ رواج، ڪمال ۽ زوال، حرکت ۽ بدعت وغيره جو پتو پوي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ اصطلاح ڪافي آھن. انھن ۾ اڪثر نج ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آيل آھن. اھي سنڌي ادب توڙي معياري ادب جا عام جز آھن. سنڌي لوڪ ادب جي انھن املهہ موتين کي گڏ ڪرڻ جو ڪم سنڌي عالمن جھڙوڪ ڪيولرام آڏواڻي، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، سيد عبدالحسين شاھ موسوي، ڪشنچند جيٽلي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، الطاف شيخ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، پروفيسر روي ٽيڪچنداڻي، محمد صديق منگي، انجينئر عبدالوهاب سهتي ۽ ٻين سر انجام ڏنو اھي. انھن صاحبن، پھاڪن جي ارتقاءَ، سندن معنائون، مطلب ۽ پيڙھ ۽ اصليت جا اھڃاڻ پڻ ڪي قدر پيش ڪيا آھن.[2] ڪجهہ مثال:

  • جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
  • ڏڌو کير، ٿڻين نہ پوي.
  • گهڻين زالين گھر نہ ھلي، گهڻين مردين ھر نہ ھلي.
  • جھڙا ڪانوَ تھڙا ٻچا.
  • رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھ ٿيا.

ماڻهو سڀ نہ سھڻا، پکي سڀ نہ ھنج.[3]

پهاڪو ۽ محاورو[سنواريو]

محاورا (Muhaawira) ۽ ’اصطلاح‘ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ به ڪتب ايندا آهن. اِهي لفظ پوءِ اُردو، هندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ عام ٿي ويا آهن. ’محاورو‘ لفظ جو عربيءَ ۾ اُچار آهي، ’محاورت‘. اِهو ’حاور‘ يا ’حوَر‘ فعل مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي- موٽائڻ ورندي ڏيڻ. پوءِ اِنهيءَ جي معنا ۾ تفصيل ٿي ويو آهي. پلاٽس اِنهيءَ جي معنا ۾ تفصيل ٿي ويو آهي. پلاٽس اِنهيءَ لفظ جو اُردو- هندي ڊڪشنري ۾ معنائون ڏنيون آهن: (1) گفتگو، ڳالھ ٻولھ (2) اصلاح، لفظي ميڙ، عام ٻول چال جو طريقو (3) ٻوليءَ ۾ استعمال، (4) روايت، پرمپرا، عادت.

جام سنڌي لغات ۾ ’محاوري‘ لفظ جو معنائون هن ريت ڏنل آهن: محاورو= جمع ’محاورا‘ (مذڪر) =هُن ورائي چيو- (عربيءَ ۾ بنياد- حور). گفتگو = ٻول- چال، ڳالھ- ٻولھ، سوال، جواب. علم نَحوَ جُملو ٺهڻ موجب اهو جملو، جنهن جي لفظي معنيٰ هڪڙي هجي ته ڪنايتن (لاڪشڻِڪ) معنا ٻي هجي. جيئن ته: اکيون پورڻ = بي شرم ٿيڻ، مرڻ، وغيره. اصلاح = ورجيس.

پهاڪو ۽ محاورو ٻئي بيان ۾ اکري معنيٰ بدران ٻئي گهربل معنيٰ ۾ ڪتب ايندا پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته پهاڪو پورو جملو هوندو آهي ۽ محاورو جملي جو هڪ حصو هوندو آهي. محاورو جملي ۾ جدا جدا زمان موجب پنهنجي صورت بدلائي ڪتب ايندو آهي. پر پهاڪي جي رچنا ۾ ڪا به تبديل نه ٿيندي آهي. [4]

زمانو[سنواريو]

پهاڪن کي گذريل زماني جي گڏ ڪيل موڙي يا سيڙايل سياڻپ چوڻ به شايد ٺيڪ نه لڳي؛ بهتر ٿيندو ته اسان ائين سمجهون ته پهاڪا اُهي اهڃاڻ يا وسيلا آهن جي ڪن خاص خيالن کي ٺاھ ٺوھ بنا اسان تائين پهچائين ٿا.

انگريزي[سنواريو]

پهاڪي کي انگريزي ۾ Proverb چون ٿا. عيسائي مذهبي ڪتاب انجيل (Bible) جي پراڻي عهد نامي (Old Testament) ۾ ته اخلاقي سکيا ۽ عملي نصيحتن سان ڀريل هڪ الڳ باب ڏنل آهي جنهن کي چون ئي پهاڪن جو ڪتاب. نئين آڪسفورڊ ڊڪشري مطابق انهن مان گهڻا پهاڪا حضرت سليمان جا چيا وڃن ٿا. اصل ۾ انگريزيءَ جا ڪيترا ئي پهاڪا انهيءَ پراڻي عهدنامي تان ئي ورتل آهن. انگريزيءَ ۾ پهاڪي يعني (Proverb) کانسواءِ ٽي ٻيا لفظ به آهن جي لڳ ڀڳ ساڳي پهاڪي واري معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا.

  1. ADAGE
  2.  APHORISM
  3. MAXIM

Adage[سنواريو]

آنندرام شهاڻي توڙي سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ پهاڪو، چوڻي لکيل آهي.

Aphorism[سنواريو]

جي معنيٰ آنندرام شهاڻيءَ چوڻي يا مثال ڄاڻائي ٿو ته سنڌيڪا واري ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ چوڻي يا پهاڪو لکيل آهي.

Maxim[سنواريو]

آنند رام جي ڊڪشنري ۾ قول يا مثال ته سنڌيڪا ڊڪشنريءَ ۾ ان لفظ جو مطلب آهي اهو مڃيل اصول جنهن ۾ ڪو اخلاقي ضابطو بيان ڪيو ويو هجي. آنندرام جي ڊڪشنريءَ ۾ Proverb جو مطلب ته عام طرح قبول ڪيل پهاڪو يا چوڻي ڏنل آهي ۽ سنڌيڪا جي ڊڪشنريءَ ۾ ان کي چوڻي يا ننڍڙو مثال جيڪو سچ کي هٿي ڏيڻ واسطي ڪم اچي، ڄاڻايل آهي.

شاھ جو رسالو[سنواريو]

هن ڪتاب ۾ پهاڪن سان گڏ شاھ جي رسالي مان چونڊيل، سون ورنيون سٽون پڻ ڏنل آهن ۽ اهي به عام ڳالھ ٻولھ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ پهاڪن، مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون.

ٻيا ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌي پهاڪا ۽ محاورا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-12. 
  2. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  3. پهاڪو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2020-01-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-01-12 
  4. ڪتاب: سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس، ليکڪ: روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام