مواد ڏانھن هلو

عبدالڪريم سنديلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لاڙڪاڻي شهر ۾، ڊاڪٽر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو (ولادت 1923ع) جي ذاتي لائبريري، سال 1942ع کان قائم ڪيل آهي. پرائيمري اُستاد ٿيڻ شرط لکڻ جي لـــُـونجهه لڳس ڪتاب گڏ ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي پيو. سپروائيزريءَ وقت ۾، ڪافي آڳاٽا ڇپيل ڪتاب هٿ ڪيائين. سندس پسنديده موضوع ”لوڪ اَدب“ ۽ لغت آهن، جن ۾ ملازمت واري مدت (رٽاير 4-4-1979ع) تائين کوجنا جاري رکيائين. اِنهيءَ سلسلي ۾ تحقيق ڪري، هن ڊزن کن ڪتاب لکي ڇپائين. وٽس لائبريريءَ ۾ رسالن ۽ اَخبارن کان علاون ڪتابن جو تعداد چار هزار کن ٿيندو. هندو اَديبن جا لکيل سنڌي، هندي، گرمکي ۽ سنسڪرت ٻولين ۾ ڪتاب، هن لائبريريءَ ۾ ڪثرت سان ملندا. لغتن جو به وڏو ۽ قيمتي ذخيرو گڏ ڪيل آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ