پلاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پلاڻ

پلاڻ انگريزي (Saddle) اُٺ يا ڏاچي جي پٺيءَ تي رکي سواري ڪرڻ يا بار کڻڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. سنڌ جي ڪن علائقن ۾ هن کي پلڻ به چون ٿا. پلاڻ جي اڳين لڳل ٿلهين ڪاٺين کي ڪتب چئبو آهي ۽ پوئين ٽيڪ واري حصي کي ڪُوٽي چئبو آهي.پاسي ۾ لڳل لٺين کي بَج چئبو آهي. پلاڻ جانورن جي وارن مان جڙيل چادر يا ڳوڻ جهڙي چادر مان جُڙندو آهي جنهن ۾ ڪَک ڀريا ويندا آهن. ڪي وري پلاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪاوا، ڪچ ڪوڏيون به ڪم آڻيندا آهن ته سُٽ مان ٺهيل گلن سان به سنواريو ويندو آهي. پلاڻ سڄي سنڌ سان گڏٿر توڙي ڪاڇي ۾ اُٺن تي بار کڻڻ لاءِ ڪم ايندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "پلاڻ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-04.