مواد ڏانھن هلو

پشپا ڪماري ڪوهلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


پشپا ڪماري ڪوهلي
Pushpa Kumari Kohli


پيدائش1990 (1990)
ضلعو ميرپورخاص, سنڌ, پاڪستان
مادر علميڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز
رشتيدارنارايڻ داس (مڙس)
پوليس ڪيريئر
شعبوسنڌ پوليس‎
رتبواسسٽنٽ سب انسپيڪٽر پوليس (اي ايس آءِ، صوبيدارڻ)

پشپا ڪماري ڪوهلي (انگريزي ٻولي: Pushpa Kumari Kohli) پهرين هندو عورت آهي جيڪا پاڪستان ۾ صوبيدار پوليس آفيسر ٿي آهي.[1][2][3][4] سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي صوبائي چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، کيس سنڌ صوبي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آف پوليس (اي ايس آءِ) طور پوسٽ تي ڀرتي ڪيو ويو. [5] [6] [7]

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

پشپا ڪماري ڪوهلي 1990 ۾ شيڊولڊ ذات هندو خاندان ۾ پيدا ٿي. هيءَ سنڌ صوبي ۾ ميرپورخاص ضلعي ، جي سامارو تعلقي جي هڪ وچولي درجي جي خاندان ۾ پيدا ٿي. هن جو پيءُ هڪ گروسري اسٽور هلائيندو آهي ۽ سندس ماءُ آبادي واري کاتي ۾ فيملي پلاننگ آفيسر جي طور تي ڪم ڪندي آهي. [8]

تعليم

[سنواريو]

پشپا ڪماري پنهنجي شروعاتي تعليم سامارو شهر مان حاصل ڪئي.

پشپا ڪماري 2014 ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان ڪريٽڪل ڪيئر آءِ سي سي ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي.[1] [8][2][9]

ڪيريئر

[سنواريو]

پشپا پنهنجي اباڻو شهر سامارو ۾ هڪ اين جي او، ماري اسٽوپس سوسائيٽي لاءِ ڪم ڪيو هيو. انکانپوءِ هي ميڊيڪل جي شعبي ۾ شامل ٿي. 2018 تائين، پشپا ڪماري بي نظير ڀٽو ايڪسيڊينٽ ۽ ايمرجنسي ٽراما سينٽر ۾ انتهائي نگهداشت (انٽيسيو ڪيئر يونٽ، آءِ سي يو) ۾ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪيو. هن 2016ع ۾ اي ايس آءِ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو فارم ڀرايو هو.[10] 2018 ۾، هن خالي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر پوسٽ لاءِ درخواست ڏني ۽ جنوري 2019 ۾ مقابلي وارو امتحان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڪوائليفائي ڪيائين، جيڪو قابليت عمر ۽ پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آئي) بڻجي وئي. [8]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

پشپا ڪماري پنجن ڀائرن مان سڀني کان ننڍي آهي،[2] سندس تعلق سنڌ جي ميرپورخاص ضلعي جي سامارو ڳوٺ ۾ هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي سان آهي.[2] هن جي ماءُ خانداني منصوبابندي ۾ آفيسر طور آبادي جي ڀلائي واري کاتي لاءِ ۾ ڪم ڪندي آهي.[2] سندس پيءُ هڪ پسارڪو دڪان هلائيندو آهي.[2]

پشپا ڪماري نارائڻ داس سان شادي ڪئي آهي، جيڪو بحريا ٽائون ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪري ٿو. هن وقت هو ڪراچي ۾ رهائش رکندو آهي. هن جو مڃڻ آهي ته برادري جون ٻيون ڇوڪريون ۽ عورتون هن کان متاثر ٿي پوليس، فوج، هوائي فوج يا بحري وانگر ڪيريئر ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪنديون. [8][11]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "آرڪائيو ڪاپي". onlineindus.com. اصل نسخو مان 2021-06-20 تي محفوظ ڪيل. 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 4 5 6 "Upwards and onwards: Sindh Police appoints first Hindu woman ASI". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2019-09-04. 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ Sachwani, Anusha. "Sindh Police Appoints First Hindu-Woman as ASI | Brandsynario" (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ "First Hindu woman appointed as ASI in Sindh Police". BOL News (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-09-05. اصل نسخو مان 2021-04-13 تي محفوظ ڪيل. 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ Ashfaq Ahmed (4 September 2019). "Pushpa has become the first Pakistani Hindu girl to serve as police officer in Sindh Pakistani Hindu girl Pushpa from Sindh province takes over as Assistant Sub Inspector". Gulf news. 16 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ "Pak's Sindh province get first Hindu woman police officer". Indian Express. 4 September 2019. 16 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ Arora, Kamna (September 5, 2019). "Pakistan: In a historic first, Hindu girl inducted into Sindh Police; here's how Twitter reacted". Pakistan news. September 16, 2020 تي حاصل ڪيل.
  8. 1 2 3 4 Hafeez Tunio (5 September 2019). "Upwards and onwards: Sindh Police appoints first Hindu woman ASI". Express Tribune. 16 September 2020 تي حاصل ڪيل.
  9. ↑ Media, Naya Daur (2019-09-05). "In A First, Hindu Woman Appointed As ASI In Sindh Police". Medium (انگريزي ۾). 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-12-05 تي محفوظ ڪيل, 2020-11-27 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  11. ↑ "پشپا ڪماري ڪميشن پاس ڪري صوبيدار ٿي وئي". Daily Sindhyar (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2020-10-24 تي محفوظ ڪيل. 2020-11-27 تي حاصل ڪيل.