منگلا شرما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منگلا شرما
سنڌ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر
دفتر سنڀاليو
13 آگسٽ 2018
حلقو عورتن لاءِ مخصوص سيٽ
ذاتي تفصيل
قوميت پاڪستاني
سياسي جماعت متحده قومي موومنٽ

منگلا شرما (انگريزي ٻولي: Mangla Sharma) هڪ پاڪستاني سياستدان آهي جيڪا آگسٽ 2018 کان سنڌ صوبائي اسيمبلي جي عورت ميمبر آهي.[1] هيءَ نيشنل انٽرفيٿ هارموني ڪائونسل آف پاڪستان جي سنڌ لاءِ چيئرپرسن پڻ آهي.[2] سندس تعلق ٿرپاڪر سان آهي.

منگلا شرما پهرين اقليتي عورت آهي جيڪا سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽ تي نامزد ڪئي وئي آهي.[3]

سياسي ڪيريئر[سنواريو]

شرما 2018 جي عام چونڊن ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص سيٽ تان متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اميدوار جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبلي جي لاءِ ميمبر چونڊجي وئي. [4][1] منگلا شرما پاڪ هندو ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو، جيڪا اقليتن جي مزدوري ۽ سماجي حقن لاءِ ڪم ڪري ٿي. هوءَ عورتن جي حقن لاءِ صوبائي ڪميشن جي ميمبر طور نامزد ڪئي وئي آهي ۽ انڪلوسيسي سيڪيورٽي سان گڏجي ڪم ڪري ٿي، جيڪا هڪ آمريڪي عير منعفتي سفير سويني هنٽ، پاران قائم ڪئي وئي هئي. منگلا شرما کي عورتن جي ترقي واري وزارت پاران ”فاطمه جناح ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو.

پرويز مشرف جي دور ۾ منگلا شرما لوڪل گورنمنٽ وسيلي سياست ۾ آئي.

منگلا شرما پهرين لوڪل سٽي گورنمنٽ ۾ سال 2001 کان 2005 ۽ 2016 کان 2018 تائين ڪراچي جي سٽي ڪائونسلر هئي.[1] منگلا شرما پاڪستان هندو ڪائونسل جي اڳوڻ پڻ آهي.[5]

ذاتي زندگي[سنواريو]

شرما جو تعلق هندو برادري سان آهي.[1] سندس مڙس جو نالو شام لال آهي، کين ٽي پُٽ آهن. [6] هيءَ تازو ئي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي هُئي. [7][8] [9] ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ رپورٽ مثبت هئڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجي رهائشگاهه تي اڪيلائي ۾ هلي وئي. [10] سندس مڙس شام لعل[1] جي ڪرونا ٽيسٽ پڻ مثبت آئي هئي.[11]

تعليم[سنواريو]

منگلا شرما ميٽرڪ جي امتحان ۾ حيدرآباد بورڊ ۾ ٻي پوزيشن ماڻي،[3] ۽ انٽرميڊيٽ ۾ سچل سرمست ڪامرس ڪاليج مان هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي.[3] 12 درجا پڙهائيءَ کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪائونٽنسي ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو،[3] جنهن ۾ کيس ٽئين پوزيشن ملي. انکانپوءِ هن جي شادي ٿي وئي.[3]

منگلا شرما پنهنجي شادي جي 10 سالن کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ماسٽر جي ڊگري ورتي آهي. [12][1] ان کان اڳ هن حيدرآباد جي سچل سرمست ڪاليج مان ڪامرس ۾ بيچلرز (بي ڪام) جي تعليم حاصل ڪئي هئي.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 "Welcome to the Website of Provincial Assembly of Sindh". www.pas.gov.pk. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  2. "مذهبي رواداريءَ جي فروغ لاءِ مذهبي اڳواڻن ۽ قائونصل جنرل پاران عبادتگاهن جو دورو". پاڪستان ۾ امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 Bano, Sheher. "My aim is to continue working for women". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  4. "PPP bags most of the reserved seats in new Sindh Assembly" (en ۾). The News. 13 August 2018. https://www.thenews.com.pk/print/354299-ppp-bags-most-of-the-reserved-seats-in-new-sindh-assembly. 
  5. onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/69171. حاصل ڪيل 2020-11-27.  Missing or empty |title= (مدد)
  6. Goyal, Divya (7 January 2020). "Two years after it counted population, Pakistan silent on minority numbers". Indian Express. https://indianexpress.com/article/india/2-yrs-after-it-counted-population-pakistan-silent-on-minority-numbers-6203547/. 
  7. "اي اين پي جو اڳواڻ غلام احمد بلور به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  8. https://www.urdupoint.com/daily/livenews/2020-05-13/news-2379413.html
  9. https://jang.com.pk/news/770680
  10. https://mmnews.tv/mpa-mangla-sharma-tests-positive-for-covid-19/
  11. https://pahenjiakhbar.com/news_paper/ايم-ڪيو-ايم-پاڪستان-جي-ايم-پي-اي-منگلا-ش/[مئل ڳنڍڻو]
  12. http://www.insanfoundationtrust.org/thedatabase/women-groupscivil-societyactivistsnetworks/mangla-sharma/