پاڪستان ۾ آرڪائيوز جي شروعات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پاڪستان ۾ آرڪائيوز جي شروعات هسٽاريڪل رڪارڊ ۽ آرڪائيوز ڪميشن جي قيام سان ٿي: جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان هِڪدم پوءِ سال 1948ع ۾ جوڙي وئي. هن ڪميشن جي سفارشن تحت 1951ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪائيوز ۽ لائبرريز جو قيام عمل ۾ آيو. هن اداري کي شروعات ۾ وزارت تعليم جي ماتحتيءَ ۾ ڏنو ويو. 1973ع ۾ آرڪائيوز جي اهميت جي پيش نظر ان کي لائبررين کان ڌار ڪري الڳ شعبو وزارت سياحت ۽ ثقافت جي ماتحتيءَ ۾ اسلام آباد ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ صوبائي آرڪائيوز جي مرڪزن کي پڻ صوبائي گاديءَ جي هنڌن تي قائم ڪيو ويو. 1993ع ۾ وفاقي حڪومت باقاعدي هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن کي نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جو ايڪٽ (سال 1993ع جو ايڪٽ نمبر 6) جو نالو ڏنو ويو، جنهن ذريعي آرڪائيوز کي وسيع بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ قانوني مدد ملي وئي.

آرڪائيوز ڪهڙا آهن[سنواريو]

نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۾ آرڪائيوز جي متعلق مڪمل وضاحت ڪيل آهي، ايڪٽ جي سيڪشن 2 جي سب سيڪشن “e” تحت پبلڪ رڪارڊ/ آرڪائيوز جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي:

  • سيڪشن 2 حصو “e” (الف )

ڪاغذ، دستاويز، ليک، رجسٽر، ڇپيل مواد، ڪتاب، نقشه، ڊرائنگ، ڪمپيوٽر رڪارڊ، تصويرون، مائڪرو فلمون، دستاويزي فلمون، آواز ۽ تصويري رڪارڊنگس (ڪنهن به قسم جون)، سرڪاري طرح مليون هجن يا ڪنهن سرڪاري اداري پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ٺاهيا هجن يا ڪنهن سرڪاري اداري، آفيسر يا ملازم پنهنجي سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾ ٺاهيا هجن ۽ ان سان گڏ وفاقي حڪومت جي ڪنهن ڪميشن يا ڪاميٽيءَ سان تعلق رکندڙ هجن، ان کي پبلڪ رڪارڊ چئبو.

  • سيڪشن 2 حصو “e” (ب )

ڪي به دستاويز، ڪتاب، پمفليٽ، رسالا، خط، هينڊ آئوٽ، سرڪاري اخبارون، اخبار، جرنل، فائيل، مخطوطا ڇپيل هجن، لکيل هجن يا ٽائپ ڪيل ۽ ٻيو تاريخي ۽ قومي آرڪائيول مواد، جيڪو پاڪستان لاءِ اهميت وارو هجي ۽ اهو ڊائريڪٽر جنرل، نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان لاءِ حاصل ڪيو ويو هجي.

  • سنڌ آرڪائيوز (Sindh Archives )

انگريز دؤر ۾ سنڌ حڪومت پراڻي سرڪاري رڪارڊ ۽ ٻين تاريخي دستاويزن کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ آرڪائيوز جو عمل ۾ آندو. هي ادارو سنڌ جي قومي دستاويزن جو محافظ ادارو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي -تاريخ- ۽ -ثقافت- بابت مواد گڏ ڪيو ويو آهي. سنڌ آرڪائيوز 1853ع ۾ چيف ڪمشنر سنڌ جي هٿ هيٺ هڪ مرڪزي رڪارڊ روم طور قائم ٿي. ان وقت ۾ ڪمشنر ئي سنڌ جو ڪرتا ڌرتا هوندو هو. سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر بارٽل فريئر 1820ع کان سنڌ جو رڪارڊ، قديم دستاويز، نقشا، گزيٽيئر، تاريخ ۽ ڪلچر بابت مواد محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. هن رڪارڊ روم کي ڪيترا ڀيرا وسعت ڏني وئي. ۽ ان قيمتي رڪارڊ کي آخري ڀيرو ڪمشنر آفيس (موجوده گورنر هائوس جي عمارت) ۾ 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ بعد آندو ويو.
قيام پاڪستان بعد جڏهن ايوبي مارشل لا ختم ٿي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پهريون جمهوري دور آيو، تڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي زماني ۾ تعليم کاتي جي هٿ هيٺ ڪلچرل سيل ڪم ڪندو هو. اڳوڻي وزير تعليم پيار علي الانا ۽ عبدالحميد آخوند جي ڪوششن سان تعليم کاتي کان ڪلچرل سيل ڌار ڪرائي، ثقافت، سياحت، راندين، ۽ نوجوانن جي معاملن وارو کاتو قائم ڪرايو ويو. اهڙي طرح 1977ع ۾ سنڌ آرڪائيوز، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي هٿ هيٺ هڪ ڊائريڪٽوريٽ طور قائم ٿي. ان جي قائم ٿيڻ بعد اڳوڻي ڪمشنر سنڌ جي آفيس وارو سمورو رڪارڊ 1992ع ۾ سنڌ آرڪائيوز جي موجوده عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. سرڪاري رڪارڊ سان گڏ هڪ ريسرچ لائبرري به قائم ڪئي وئي. ڪيترن عالمن جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، پير حسام الدين راشدي، جهامنداس ڀاٽيا، حميد هارون، پير علي محمد راشدي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين جون ذاتي لائبرريون ۽ قديم نسخا، سنڌ آرڪائيوز کاتي خريد ڪري ورتا. ان ڏس ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند سنڌ آرڪائيوز کاتي کي مستحڪم ۽ فعال ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن وقت سنڌ آرڪائيوز جي لائبرريءَ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تمام وڏو مواد موجود آهي. سنڌ آرڪائيوز، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽرين عبدالحميد آخوند کان وٺي، گل محمد عمراڻيءَ جي دور تائين کاتي جي ماتحت رهي، پر 1993ع ۾ جڏهن ماهتاب اڪبر راشدي، اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ٿي ته سنڌ آرڪائيوز، اطلاعات کاتي سنڌ جو حصو بڻجي وئي ۽ ان وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌ آرڪائيوز اطلاعات کاتي جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. 2003ع کان 2005ع تائين سنڌ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪليم لاشاري رهيو، جنهن هن اداري جي ترقيءَ لاءِ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. هن اداري لاءِ ڪجهه اسڪيمون منظور ٿيون، پر ڪجهه عرصي لاءِ ڊائريڪٽر جي غير موجودگيءَ سبب التوا ۾ رهيون. جڏهن آڪٽوبر 2005ع کان اقبال نفيس خان سنڌ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته ترقياتي رٿن تي ٻيهر ڪم شروع ٿيو. هن وقت تائين آرڪائيول رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ٿي چڪو آهي. 50 سيڪڙو ڪتابن جي ڪيٽلاگنگ ٿي چڪي آهي ۽ 0.6 ملين دستاويز ۽ نسخا اسڪين ڪيا ويا آهن. سنڌ آرڪائيوز پاران ڪيترا اهم ڪتاب به ڇپجي چڪا آهن.[1]