پاڪستان ۾ آدمشماري
پاڪستان ۾ آدمشماري ھر 10 سال کان پوءِ ٿيندي آھي. سڀ کان پھرين آدم ڳڻپ ورهاڱي کانپوءِ 1951ع ۾ ٿي ھئي. پوء 1961ع، 1972ع، 1981ع ۽ 1998ع ۾ ٿي هئي. 1972ع واري آدم ڳڻپ اصل ۾ 1971ع ۾ ٿيڻ واري هئي، پر پاڪستان-ڀارت جنگ جي سبب ایک ورهيه دير سان ٿي ۽ پوءِ 1991ع جي آدم ڳڻپ سياسي ڳهٽ جي ڪارڻ پٺتي ٿي وئي. پاڪستان ۾ آخری ڀيرو آدم ڳڻپ 1998ع ۾ ڪرائي وئي هئي.
غير سرڪاري انگن اکرن موجب 2010ع ۾ پاڪستان جي آباديءَ لڳ ڀڳ 18,08,08,000 هئي. پاڪستان دنيا جو ڇهون نمبر ڳتيل آبادي وارو ملڪ (برازيل کان گهٽ ۽ روس کان مٿي) آهي. پاڪستان جي آباديءَ ۾ 1950ع کان 2008ع تائين ڳوٺاڻي سطح تي ستوڻ ۽ شهري آبادي چئوڻ تي وڌي آهي.
ماضيءَ ۾ پاڪستان جي آبادي تمام تيزي سان وڌي، پر هن وقت جوڳا اپاءَ وٺي ڄم جي عمل کي گهٽ ڪيو ويو آهي ۽ هن وقت آبادي 1.6 سيڪڙو جي حساب سان وڌي پئي ته جيئن وسيلا محدود نه ٿي وڃن، پاڪستان جي 1990ع کان 2003ع تائين ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳوٺاڻي آبادي 36 سيڪڙو هئي ۽ هن وقت پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ رهي ٿي. پاڪستان ۾ ڪيترين ئي ريتن، رسمن، رواجن ۽ مذهبي عقيدي وارا ماڻهو رهن ٿا.
قومون ۽ نسلون
[سنواريو]پاڪستان ۾ هند آريائي توڙي غير آريائي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ ڌار ڌار قومن ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. جن جي ڌار ڌار تاريخ آهي ۽ اهي ثقافتون پڻ نراليون ۽ منفرد رکن ٿا. پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مقامي ديسي نسلن کان سواءِ آريائي، دراوڙي، ايراني، دردي وغيره نسلن جا ماڻهو موجود آهن.
پناهگير
[سنواريو]ٻيا ڪي نسل ويجهي ماضيءَ ۾ لڏي پلاڻي اچي ويٺا آهن، جن ۾ هندستان، بنگلاديش ۽ برما وغيره جا ماڻهو شامل آهن. مجموعي طرح هاڻي اهي سمورا نسل پاڪستاني سڃاڻپ رکن ٿا. ڪن لڏي ايندڙ پناهگيرن کي مقامي آباديون ۽ ملڪ جو قانون پاڪستاني نٿو مڃي، جن ۾ 1971ع جي پاڪستان-ڀارت جنگ کان پوءِ آيل بهاري ۽ گذريل ڪجهه سالن کان پناهه وٺندڙ افغاني شامل آهن. انهن مان ڪي غير قانوني طور شناختي ڪارڊ حاصل ڪري شهريت حاصل ڪري چڪا آهن، پر گهڻائي اڃا تائين ڌارئين ليکي وڃي ٿي، جن کي هتان جي شهريت ڏيڻ تي قومپرست ڌريون ناپسندگيءَ جو اظهار ڪن ٿيون.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ پاڪستان ۾ آدمشماري سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |