پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن
پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن | |
---|---|
اسلام آباد يادگار پاڪستان تي پاڪستاني جهنڊو | |
سرڪاري نالو | پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن |
عرفيت | يوم آزادي (آزادي جو ڏينهن) |
ملهائڻ وارا | پاڪستان |
قسم | قومي موڪل |
تقريبون | جهنڊو ڦڙڪائڻ, پريڊ, اعزازن جي ورهاست , گانا ملي نغما ۽ قومي ترانو, تقريرون صدر ۽ وزيراعظم, تفريحي ۽ ثقافتي رانديون |
تاريخ | 14 آگسٽ |
دورانيو | 1 ڏينهن |
تقرر | ساليانو |
پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن یا يوم استقلال هر سال 14 آگسٽ تي پاڪستان ۾ آزادي جي ڏينهن جي نسبت سان ملهايو ويندو آهي۔ هي اهو ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان 1947ع ۾ انگلستان کان آزاد ٿي ڪري وجود ۾ آيو. 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي قومي ڏڻ جي طور تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي پاڪستاني عوام هن ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو هوا ۾ بلند ڪندي پنهنجي محسنن کي ڀيٽا پيش ڪندو آهي ۔ سڄي ملڪ ۾ اهم سرڪاري عمارتن تي چراغان ڪئي ويندي آهي۔اسلام آباد جيڪو پاڪستان جودارالحڪومت آهي، ان کي خاص طور تي سجايو ويندو آهي، ان جا منظر ڪنهن جشن جو ماحول پيدا ڪري رهيا هوندا آهن۔ ۽ هتي هڪ قومي حيثيت جي حامل تقريب ۾ صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم قومي جهنڊو بلند ڪندي ان ڳالهه جو عهد ڪندا آهن ته اسان هن جهنڊي وانگر هن پياري وطن کي به عروج ۽ ترقي جي بلندين تائين پهچائينداس۔ انهن تقریبن کان علاوہ نه صرف صدارتي ۽ پارلياماني عمارتن تي قومي جهنڊو لهرايو ويندو آهي پر سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن تي به سائو چنڊ وارو جهنڊو شان ۽ شوقت سان بلندي جو نظارو پيش ڪري رهيو هوندو آهي۔ يوم اسقلال جي ڏينهن تي ريڊيو، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ تي سڌوسئون صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي تقریرن کي نشر ڪيو ويندو آهي ۽ اهو عهد ورجايو ويندو آهي ته اسان سڀني کي ملي ڪري هن پياري وطن کي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميبن جي بلند سطح تي پهچائڻو آهي.
سرڪاري طور تي يوم آزادي ڏاڍي شاندار طریقي سا ملهائيندي اعليٰ عهديدار پنهنجي حڪمت عملين جو ذڪر ڪندي پنهنجي عوام سان اهو عهد ڪندا آهن ته اسان پنهنجي تن من ڌن جي بازي لڳائي به پياري وطن کي ترقي جي راهه تي گامزن رکنداس ۽ سدائين پنهنجي رهنما قائداعظم محمد علي جناح جي قول "ايمان، اتحاد ۽ تنظيم" جو خيال رکنداسين.