پاڪستان جي آئين ۾ سترھين ترميم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جي آئين ۾ سترھين ترميم جنھمڍن کي سترھين ترميم 2003ع جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، ڊسمبر 2003ع ۾ ڪئي وئي۔ ھي ترميم تقريباََ ھڪ سال تائين ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف جي حامين ۽ مخالفیٺن جي وچ ۾ بحث مباحثن ۽ ڪيترن ئي موقعن تي تلخين کان بعد منظور ڪئي وئي۔
ھي ترميم ان لحاظ کان نھايت اھميت جي حامل آھي تہ آئين پاڪستان ۾ وسيع پئماني تي ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون۔ انھن ترميمن ۾ ڪيتريون ئي پاڪستان جي صدر جي عھدي سان لاڳاپيل ھيون پاڪستان جي آئين ۾ تيرھين ترميم ۾ ڪيل تقريباً سڀ ترميمون واپس ورتيون ويون۔ پاڪستان جي آئين ۾ سترھين ترميم جا مک نڪتا ھيٺ ڏنل آھن۔

  • صدر مشرف جي طرفان پيش ڪيل ليگل فریم ورڪ آرڊر يا ايل ايف او کي جزوي عارضي تبديلين سان آئين جو حصو بڻايو ويو۔
  • آئين جي آرٽيڪل (ڊ)(1)63 کي 31 ڊسمبر 2004ع کان فعال تصور ڪيو ويو۔ جنھن سان ڪنھن بہ شخص جي ھڪ ئي وقت ٻن عھدن، يعني سياسي عھدي ۽ سرڪاري ملازم جو عھدو رکڻ کان منع ڪيو ويو۔ پر بعد ۾ ھڪ عمومي قانون جيڪو پارليامان 2004ع ۾ سادي اڪثريت سان منظور ڪيو، ان سان صدر مشرف کي اب ڳالھ جي اجازت ڏني وئي تہ ھو ھڪ ئي وقت صدر کي سياسي عھدو ۽ پاڪستان جي فوجن جي سربراھ جو سرڪاري عھدو رکي سگھي ٿو۔
  • جيڪڏھن صدر پاڪستان ھن ترميم جي ٽن ڏينھن جي اندر اليڪٽورل ڪاليج کان اڪثريتي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو تہ ان کي باقاعده طور تي صدر پاجستان تصور ڪيو ويندو۔ ياد رھي تہ پھرين جنوري 2004ع تي صدر مشرف اليڪٽورل ڪاليج جي 1170 ووٽن مان 658 ووٽ وٺي ڪري 56 سيڪڙو اڪثريت حاصل ڪئي ۽ ھن کي ھن شق سان صدر پاڪستان قرار ڏنو ويو۔
  • صدر پاڪستان کي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسمبلين تحليل ڪرڻ جو اختيار واپس ملي ويو ۽ اھڙي طرح ھو مخصوص حالاتن ۾ وزير اعظم پاڪستان کي فارغ ڪري سگھي پيو۔ پر انھن تمام اقدامن جي منظوري پاڪستان جي عدالت عظميٰ جي توثيق سان مشروط رھي۔
  • صوبائي اسمبلين جي تحليل جي باري ۾ گورنر جي راءِ جي منظوریڍي کي بہ پاڪستان جي عدالت عظميٰ کان توثيق ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو۔
  • پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 152A جنھن سان پاڪستان جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائوننسل تشڪيل ٿي، کي بہ منظور ڪرايو ويو۔

سانچو:پاڪستان جو آئين