پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Framed mosaic of philosophers gathering around and conversing
Plato's Academy mosaic, made between 100 BCE to 79 AD, shows many Greek philosophers and scholars
پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز
فائل:Pakistan Academy Sciences.jpg
پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز
چونڊيل چوڻي Promoting Science, Technology, and Innovation for Socio-economics Development
تشڪيل 16 فيبروري 1953؛ 71 سال اَڳُ (1953-02-16)
صدر دفتر اسلام آباد، پاڪستان
President
Dr. انور نسيم
وابستگي رويال سوسائٽي
ويب سائٽ www.paspk.org

پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز ٺاهڻ جو اعلان نومبر 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پهرين نيشنل ايجوڪيشن ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو هو ۽ ان موقعي تي ناميارا سائنسدان ۽ تعليمي ماهر اِن اڪيڊميءَ جي قيام لاءِ چونڊيا ويا هئا، پر بعد ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيل پاڪستان سائنس ڪانفرنس جي پنجين تقريب جي موقعي تي 16 فيبروري 1953ع تي ان وقت جي وزيراعظم خواجا ناظم الدين هن اڪيڊميءَ جو باقاعدي افتتاح ڪيو. 19 فيبروري 1953ع تي ان اڪيڊميءَ جا عهديدار چونڊيا ويا، جن ۾ پروفيسر ايم. افضل حسين (صدر) ۽ ڊاڪٽر ايم. رضي الدين صديقي (سيڪريٽري) چونڊيا ويا.[1]

هي غير سرڪاري ۽ غير سياسي ادارو آهي. جنهن اداري کي سرڪار طرفان ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سائنسي ڪوششن ۽ ان ۾ درپيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنس جي اهميت بابت صلاحڪاري اڪيڊميءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. هن اداري جي جنرل باڊيءَ جا 17 ميمبر آهن.[1]

مول ۽ متا[سنواريو]

هن اداري جا مول ۽ متا هن ريت آهن: ملڪ ۾ معياري سائنسي معلومات ۽ اعليٰ سطحي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ. ملڪ ۾ سائنسي ترقيءَ لاءِ معيار طيءِ ڪرڻ ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ادارن جي پرک ڪرڻ. سائنسي معلومات تي ٻڌل رسالا، تحقيقي جرنل، مونوگراف، ڪتاب ۽ ٻيو معلوماتي مواد شايع ڪرڻ. ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنسي تحقيق بابت ڪم ڪندڙ يونين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سائنسي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۽ قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سائنسي معلومات بابت گڏجاڻيون منعقد ڪرائڻ. سائنسي تحقيق تي اعزاز، تمغا، انعام ۽ اسڪالرشپس ڏيڻ. سائنسي مسئلن تي حڪومت سان مشاورت ڪرڻ ۽ بين الاقوامي سطح تي پاڪستان ۾ سائنسي ڪم جي نمائندگي ڪرڻ.[1]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]