پاکڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاکڙو

پاکڙو انگريزي (Riding Saddle for camel) ڪاٺ جو ٺاهيل جيڪو خاص طور اٺ جي پٺيءَ تي سواري ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. پاکڙي جا ويهڪ لاءِ ٻه حصا يا خانا ٿين ٿا. سڄي سنڌ ۾ اٺ تي پاکڙو رکي سواري ڪرڻ جو رواج هو ۽ اڄ به آهي. ٿر ۽ ڪاڇي ۾ هن جو رواج گهڻو رهيو آهي. پاکڙن کي گلن چٽن ۽ ڪاون سان به سينگاريو ويندو آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. "پاکڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-04. 
  2. "پاکڙو | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-07-04.