پاري ننگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاري نگر(انگريزي: Pari nangar ) يا پاري نگر(انگريزي: Pari nagar ) سنڌ ۾ ويرا واھ جي ڀرسان ٿر ۽ پارڪر جي سرحدن اندر ھڪ قديم شھر پاري ننگر جا کنڊر آھن. جڳھن ۽ گھٽين جي اڏاوتن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ سندس تعمير پڪين سرن سان ٿيل ھئي، جن جا نشان اڄ تائين محسوس ڪري سگھجن ٿا. گھر ڊاھي سرون ويرا واه جي موجوده ڳوٺ جي عمارتن جي اڏاوتن ۾ استعمال ڪيون ويون آھن. شھر جي اڏاوت مان معلوم ٿيندو، تھ اھو پراڻو شھر پنھنجي دؤر جو ھڪ وڏو سکيو ستابو ۽ مشھور شھر ھو. ڪڇ جي رڻ جو ھڪ سوڙھو پٽو، ويرا واه ڳوٺ جي ڀرسان نظر ايندو. اھا ھڪ حقيقت آھي، تھ ڪيئي صديون اڳ اتي جھاز رانيءَ لائق پاڻي موجود ھو ۽ پاري ننگر ھڪ بندر ھو. پاري ننگر جي تباھي ان حقيقت ڏانھن منسوب ڪئي ويندي آھي، تھ زمين سمونڊ کي ڌڪي پوئتي ھٽائي ڇڏيو،ڪڇ ھڪ رڻ بڻجي ويو ۽ پاري ننگر جو مشھور معروف بندر ھميشھ لاءِ تباه ۽ برباد ٿي ويو..[1]پاري ننگر جو بندر پھرين عيسوي صديءَ ۾ قائم ٿيو ۽ پوءِ وڌندو ويجھندو رھيو. ڪن روايتن موجب سندس آدمشماري 40,000 ھئي. پوئين دؤر ۾ مٿس پرمار سوڍن جي حڪمراني رھي. ان کان پوءِ، دھليءَ جي ڪنھن شھنشاھ ھن خوبصورت شھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو. ھي واقعو 1226ع جو چيو وڃي ٿو. پاري ننگر جي کنڊرن ۾ جين ڌرم سان لاڳاپيل پنج ڇھ وڏا مندر آھن. انھن مان گھڻا سنگ مرمر سان تعمير ٿيل آھن. ھيتري ساري زماني گذرڻ کان پوءِ بھ، ڪيترن جا ڪجهه حصا باقي بچيل آھن، جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا عيني شاھد آھن. سندن بناوت جي طرز ۽ ڪن پٿر جي داٻڙين تي لکيل تاريخ مان پتو پوي ٿو، تھ اھي يارھينءَ صديءَ جي وچ جا ٺھيل آھن. سنگ تراش، جن بت گھڙيا، سي پنھنجي دؤر جا مھان ڪاريگر ھئا. مندرن ۾ موجود اڪريل تصويرون يا خوبصورت بت يا ٻيون ڪي اھڙيون لاڳاپيل شيون ڏاڍيون سھڻيون آھن، جن جو مشرق ۾ مثال ئي ڪونھ ٿو ملي. پارڪر جي خوشحال ماضيءَ جون ڪيتريون ئي شاھديون موجود آھن. پاڻيءَ جا ٺاھيل ڪيترائي تلاءَ جيڪي ھاڻي پورجي ويا آھن، سي ان دؤر جي سماج جي سخي ۽ ڏاتار انسانن جي خاموش زبان ۾ ڄڻ واکاڻ ڪري رھيا آھن. کاريا ۽ سوراچند وارن ٻن تلائن جي کوٽيل پٿرن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ پھرئين جي تعمير يا مرمت 1434ع ۾، ۽ ٻئي جي 1465ع ۾ ٿي ھئي. پارڪر ۾ ڀوڏيسر جي ڀرسان جين ڌرم جي مندرن جا کنڊر مليا آھن. مسجد تي ھن طرح جي لکت موجود آھي. ”جيڪڏھن ھن مسجد جي عمارت ڊھي پوي ۽ ڪو حڪمران ان جي مرمت نھ ڪرائي، ت اھو خدا جو گنھگار آھي.1436". پاري ننگر کي جڏھن دھليءَ جي مسلمان فوجن 1226ع ۾ تباھ ۽ برباد ڪيو، تھ اتان جو واپاري طبقو لڏي اچي ڀوڏيسر ۾ آباد ٿيو. ان کان پوءِ 1388ع ڌاري لڏي وڃي ڪي ڪڇ جي مانڊو، ڄام ننگر ۽ ھالار ۾ اچي ويٺا. اھا تعجب جي ڳالھھ آھي، تھ ھن تجارتي طبقي جي لڏ پلاڻ سالن ۾ پوري ٿي. پھريون اھي پاري ننگر مان ڀوڏيسر پھتا، اتان کان ڄام ننگر. ٿورو عرصو اتي رھيا ۽ اتان کان وري مانڊو پھتا. لڏپلاڻ جو سبب ملڪي سماجي ابتري ھئي. سندن لڏپلاڻ پنھنجي رضا خوشيءَ سان ھئي، درجھ، بدرجھ لڏپلاڻ سبب سندن خوشحالي ٿي. ٿي سگھي ٿو تھ ھڪڙو سبب اھو بھ ھجي، تھ ڪڇ وارو سمونڊ سڪي پوئتي ھٽي ويو ۽ بندر بازاريون ڦٽي ويران ٿي ويون. ان ڪري سندن اتي رھڻ ممڪن ڪونھ ھو ۽ پوءِ سمنڊ آھستي آھستي پوئتي ھٽندو ويو، تھ ھو بھ ان سان گڏ اڳتي وڌندا ويا ۽ اچي ڪڇ جي سامونڊي ڪناري وٽ مانڊو پھتا..[1] ويرا واھ جي ڀرسان، موئن جي دڙي وانگر، هڪ ڦٽل شهر جا نشان آهن، جي ڏيڍ ميل ڊگها ۽ اڌ ميل ويڪرا ٿيندا. جتي اڃا تائين، پراڻن مندرن ۽ جاين جون پيڙهيون موجود آهن. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيق آهي ته هي شهر، 512 سال قبل مسيح ٻَڌايو ويو هو، جنهن ۾ هڪ لک گهر هئا. اهو شهر، 1200 ع ڌاري، مسلمان حاڪمن سان مقابلن ۽ لڙاين جي ڪري ناس ٿي ويو. هن شهر جي ڀرسان سمنڊ هو، حقيقت اها آهي ته هن شهر جو زوال، ان دور ۾ شروع ٿيو، جڏهن سمنڊ هٽڻ شروع ڪيو ۽ رڻ بنايو.[2] ”پاري ننگر“ کان، ٽن يا چئن ميلن جي پنڌ تي، ”ڏوتڙ“ (ڏو يا دو معنيٰ ٻه، ۽ تڙ معنيٰ بندر يا پڳهه هڻڻ جو هنڌ“ نالي هڪ وسندڙ بندر هو. ان بندر لاءَ وڏڙن جا وڏا ڳالهيون ڪندا هئا ته هن بندر تي، جهازن کي جهلڻ لاءِ وڏا لوها زنجير ۽ ڪڙا پيل هوندا هئا. پنڊت نهرو، پنهنجي جڳ مشهور تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ”پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾، گجرات جي لڳ ڀڳ، ڪن ڪنارن وارن بندرن کي سمنڊ ڇڏي ويو، جنهن ڪري ڪيترا هندو واپاري، واپار جي سانگي لڏي، جاوا ۽ بالي ٻيٽن ۾ وڃي آباد ٿيا.“ (جي هن وقت انڊونيشيا ۾ آهن).[2] چون ٿا ته گانڌيءَ جا اصل ابا ڏاڏا به ان بندر جا رهواسي هئا. افسوس اهو آهي ته اڄ تائين، ههڙي تاريخي شهر جي کوٽائي ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو ويو آهي. ايترو ٿيو آهي جو ان شهر مان سنگمرمر جون ڪي چيزون، مسٽر گائيلر ڊپٽي ڪمشنر، ڪراچيءَ جي عجائبخاني ۾ رکايون هيون.[2]ان طرح، مسٽر ڪزنس، پنهنجي ڪتاب ”ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ پڻ هن ڦٽل شهر جو ذڪر ڪيو آهي. اها به روايت آهي ته هن شهر جا ڪيترائي عجائبات، بمبئيءَ جي ميوزيم ۾ موجود آهن. هن شهر ۾ اڄ به خبث الحديد جا ڍير لڳا پيا آهن، جنهن کي ”ڪٽوهڙ“ ٿا چون. ان مان واضح ٿو ٿئي ته اتي، ايامن کان، ڪي لوهه جا وڏا ڪارخانا هئا. ان کان سواءِ، ڪي بُتَ به اڃا سلامت موجود آهن. ضرورت آهي ته آثار قديمه وارا، هنن ناياب تاريخي آثارن کي نه فقط سنڀالين، پر انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري تحقيق ڪن، تهذيبي جائزو وٺن. ٻيو ته سنڌ جي تهذيبي ورثي ۾ اهي آثار به شمار ڪري سگهجن ٿا.[2]


ڪپتان اسٽئنلي ريڪس 1847ع ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ اسٽيٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو هو. مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو تعلقا، جي انهيءَ سال برٽش سرڪار جي حفاظت ۾ آيا، تن جو انتظام ڪپتان ريڪس جي حوالي ڪيو ويو. صاحب موصوف سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان تجس ڪرڻ بعد ” حالات ٿر ۽ پارڪر بابت هڪ ڪتاب سال 1856ع ۾ لکيو جو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار شايع ڪيو هو. اهو پهريون ئي ڪتاب آهي. جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين خواه پوئين حالات تي ڪجهه روشني وجهي ٿو. ڪئپٽن ريڪس جي تحقيقات موجب پارڪر ۾ هڪ قديم سلطنت جو پتو پئجي سگهي ٿو، جنهنجو مکيه شهر پاري ننگر هو ۽ جنهن جو بنياد چوڻ ۾ اچي ٿو ته عيسوي پهرين صديءَ ۾ پيو. اتي جي ماڻهن جو مذهب جين ڌرم ۽ پاري ننگر جي آدمشماري 40 هزار هئي ۽ هڪ وڏو بندرگاهه هو. جنهن کي هاڻي ڪڇ جو رڻ چئجي ٿو، اهو خود عربي سمنڊ جو ڀاڱو هو. ان وقت سنڌو ندي خود اتان وهندي هئي ۽ ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ هاڪڙي جي نالي سان سڏجن ۾ ايندي هئي.[3] هيءُ عيسوي پهرين صديءَ ۾ هاڪارو شهر ۽ سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه هو. هتي ڏوتڙ وٽ جهاز بيهندا هئا، جتي لوهه جي ٽڪرن جا نشان اڄ به ڏسجن ٿا. ان وقت هتي جي آمدشماري اندازي موجب چاليهه هزار هئي، جن ۾ گهڻو تعداد جيني هئا. هن بندر ۽ شهر جا ٽن – چئن ميلن ۾ کنڊهر آهن. هاڻي ڦٽل حالت ۾ ڀِڙو آهي، ”سَڏِوَنت سارنگا“ جي مشهور رومانوي قصي ۾ پاري ننگر جو ذڪر موجود آهي[4].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ننگر پارڪر جا آثار قديم؛ مير محمد بخش ٽالپر ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1966؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو