ٽکڙ، ٽنڊو محمد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽکڙ (انگريزي: Takkar ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم م سنڌو ندي لڳ واقع ھڪ ڳوٺ جنھن کي وسي ملوڪ شاھ پڻ سڏيندا آهن. هي ڳوٺ اصل ۾ ميان ملوڪ شاهه وڏي ٻڌايو هو، جنهن ڪري کيس ”وسي ملوڪ شاھ“ سڏيندا هئا. ٻه دفعا درياءُ اڳي پائي ويو هوس، هي ٻيون پَٽُ هوس. ڪچي جي آباديءَ جي گهٽتائيءَ ۽ وقتي ٻوڏن، منجهانئس رونق ڪڍي ڇڏي آهي. اهو ڳوٺ جنهن ۾ علمي مجلسون، شعر شاعريون، ڪچهريون ٿينديون هيون، سو هڪ معمولي ڳوٺڙو وڃي رهيو آهي. ويتر سيد ميان ملوڪ شاهه ولد حاجي عبدالحڪيم شاهه جي 1947ع ۾ وفات ان کي هڻي هيڻو ڪري ڇڏيو. ان شهر کي سيد ملوڪ شاھ ولد شهمير شاھ (متوفي 1232ھ، مطابق 1817ع) ٻڌو ۽ زور وٺايو، ۽ پوئين ملوڪ شاھ جي وفات ان جو هيڻو حال ڪري ڇڏيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو