ٺلهه مير رڪڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٺلهه مير رڪڻ

ٺلهه مير رڪڻ انگريزي (Thul Mir Rukan) سنڌ پاڪستان ۾هڪ منفرد جوڙيل ٻڌ مت جو اسٽوپا آهي جيڪو دولتپور صفن ضلعو شهيد بينظيرآباد (نواب شاهه)جي قريب ڳوٺ ٺلهه مير رڪڻ لڳ واقع آهي.[1] ٺلهه مير رڪڻ[2][3] [4]دولتپور صفن شهر کان اوڀر-ڌکڻ ۾ 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ قاضي احمد کان اتر پاسي آهي. 60 فوٽ اونچو ٻڌمت جي هن يادگار کي گنبذ آهي ۽ ٺلهه پڪين سرن جو تعمير ٿيل آهي.[5] ڪجهه تفصيلي تاريخي حوالا هن ورثي جي نه صرف گھڻي قدامت کي ظاهر ڪن ٿا پر معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ٺلهه گھڻي عرصي تائين سنڌ ۾ ٻڌمت مذهب جو مرڪز رهيو. کوجنيڪن هن ٺلهه وٽ ٻڌ مذهب ۽ گوتم ٻڌ جي متعلق ڪتريون ئي شيون ڳولي نروار ڪيون آهن.[6]

حوالا[سنواريو]