پاروتي بول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاروتي باؤل "روحانيت" "صوفياڻو راڳ ميلو ، پراڻو قلعو ، دهلي، 2011 ۾ پرفارم ڪري پئي

پاروتي باؤل (انگريزي ٻولي: Parvathy Baul) (ڄم سال 1976) هڪ باول لوڪ ڳائڻي، موسيڪار ۽ بنگال کان داستان نِگار ۽ هندستان ۾ باؤل جي هڪ نامياري راڳي آهي.[1] هن بنگال ۾ باؤل گروئن، سناتن داس باول، ششانڪو گوشائي باول جي تربيت هيٺ سکيا ماڻي آهي ۽ 1995 کان هندستان ۽ ٻين مُلڪن ۾ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن جي شادي هڪ مشهور پاوا ڪتهاڪلي دستانو ڪاٺ جي پَتلي فنڪار روي گوپالان نائر سان ٿي هُئي. ۽ 1997 کان ڪيرالا جي تروانانت پورم ۾ رهندي آهي جتان هي، "ايڪترا باؤل سنگيٿا ڪالري" بائول ميوڪ اسڪول پڻ هلائيندي آهي.

شروعاتي زندگي ۽ پس منظر[سنواريو]

PARVATHY AT KOLKATA, 2015

پاروتي بائول اولهه بنگال ۾ هڪ روايتي بنگالي برهمڻ گهراڻو ۾، موسومي پاريل جي نالي سان پیدا ٿي هئي. هن جو ڪُٽنب اصل ۾ اوڀر بنگال کان هيو ۽ هندستان جي ورهاست کانپوءِ اولهہ بنگال هليا ويا هيا. هن جو پيءُ، هندستاني ريلوي ۾ انجينئر هيو، جنهن کي هندستاني ڪلاسيڪي موسيقي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ هو گهڻو ريت پنهنجي ڌيءُ کي راڳ محفل ۾ وٺي ويندو هيو. هن جي ماءُ، گهريلو زائفان، صوفياڻو سنت رام ڪرشن جي پوئلڳ هُئي، ان علائقي جي مختلف هنڌن تي پنهنجي پيءُ جي پوسٽنگ جي سبب، هيءَ آسام، ڪوچ بيهار ۽ اولهہ بنگال سان لڳندڙ ويجهن علائقن ۾ پلي نپني آهي. هن سنيتي اڪيڊمي، ڪوچ بهار کان هائر سيڪنڊري جو امتحان پاس ڪيو.

ڪيريئر[سنواريو]

جيتوڻيڪ، هن 1995 ۾ پرفارم ڪرڻ شروع ڪيو هيو، پر 1997 ۾ هيءَ مقامي روحاني ۽ ٿيٽر جي رواین جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيرالا جي ترويوانت پورم آئي هُئي. هتي سندس ملاقات روي گوپالان نائر سان ٿي، جيڪو هڪ ڪيندي جي هڪ روايتي ڪاٺ جي گُڏي، آنڊي پانڊارم آهي، جيڪو دستانو جي پُتلي يا پاوا ڪٿڪالي پڻ بڻائيندو آهي. هن ان لاءِ ٿيٽر ۾ استعمال ٿيندڙ گرٽووسڪي ٽيڪنيڪ سکي روتي ۽ سال 2000 ۾ ورمونٽ، امريڪا ۾ پتلي ٿيٽر تخليق ڪار پيٽر شومن سان گڏ تعليم حاصل ڪئي، پيٽر شومن ڪٺ پتلي کي سڌوسنئون فن کي ٿيٽر جي پرفارمنس ۾ ڏيکارڻ جي لاءِ سڃاتو ويندو هيو.[2] ان کان اڳ هن جرمني جي هنوور ۾ ايڪسپو 2000 ۾ سيون بيسڪ نيڊز نمائش دوران پنج مهينن تائين ٿيٽر ڪپني سان گڏ ڪم ڪيو. تروانت پورم ۾، هن عبدالڪلام سان ملاقات ڪئي، جيڪو هڪ مسلمان فقير قلندر هيو، جيڪو هن جو گُرو بڻيو هيو، ان سان گڏ ئي کيس ميوزڪ سکي ۽ ان کيس روايتي موسيقي جي روحاني معنيٰ جي باري ۾ تعليم ڏني.

Parvati Baul performing at Bharat Bhavan Bhopal India 2017
پاراوٿي بائول ڪنسرٽ ۾

حوالا[سنواريو]

  1. "RENOWNED BAUL SINGER SHARES HER MUSIC WITH SUFI". Sufi Journal of Mystical Philosophy and Practice. 
  2. Nagarajan, Saraswathy. "Play of puppets". The Hindu. حاصل ڪيل 30 May 2014. 

ٻاهِريان ڳنڍڻا[سنواريو]