يمن ڪلياڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يمن ڪلياڻ شاھ جي رسالي ترتيب جي لحاظ کان رسالي ۾ ٻيو نمبر سر آهي. يمن ڪلياڻ بہ ڪلياڻ جو قسم آهي. ’يمن‘ جي معنيٰ آهي ’من کي روڪڻ‘. هن سر ۾ شاھ صاحب من کي وس ۾ آڻڻ لاءِ هدايتون ٿو ڏئي. ڏمر ڏک آهي ۽ صبر ۾ سک. سڀني سان من کي ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي. يمن ڪلياڻ لاءِ اندازو اھي تہ شاھ لطيف اھو سر پنھنجي جوانيءَ ۾ لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو تہ: ”هن سُر جي پنجين داستان ۾ شاھ صاحب فرمايو آهي تہ ”صوفي“ ڪنھن کي چوڻ روا آهي ۽ صوفيءَ لاءِ ڪھڙيون وصفون گهرجن.“ هن سُر ۾ پرينءَ جي باري ۾ جدا جدا تمثيلون آيل آهن. ڪٿي هو شھسوار آهي تہ ڪٿي ڪامل تيرانداز. ڪٿي ويڄ آهي تہ ڪٿي ڪلال تہ ڪٿي لھار.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.