وڳڻ
ڏيک
وڳڻ Wagan | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 27°28′29″N 67°58′01″E / 27.47472°N 67.96694°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | لاڙڪاڻو ڊويزن |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
وڳڻ(انگريزي: Wagan ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي وارھ تعلقي ۾ انڊس ھاء وي تي واقع ھڪ ننڍڙو شھر آھي.
تاريخ
[سنواريو]وڳڻ جو بنياد ڪلهوڙن جي دور ۾ پيو ھو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[2] “
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.citypopulation.de/Pakistan-Balochistan.html?cityid=11413
- ↑ {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}