مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو سيپٽمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بوڪيفالا ۽ نيڪايا سڪندر اعظم پاران ھندوستان تي قبضي دوران جھلم ندي جي ڪناري تي اڏايل ٻہ شھر ھئا. ھي جاڙا شھر سڪندر پاران اڏايل ڪيترن ئي شھرن مان بہ شھر ھئا، جيڪي 326 قبل مسيح ۾هائيڊاسپس جي جنگ ۾ راجا پورس جي شڪست کان پوءِ تعمير ڪيا ويا. اها پڪ ناهي تہ جنگ جي ميدان تي اڏيل ھنن شھرن مان ڪهڙي شھر جو نالو ڪھڙو ھو. پر گھڻو ڪري جهلم درياھہ جي اڀرندي ڪناري تي اڏيل شهر کي نیڪايا سڏيو ويندو هو، جڏهن تہ اولھندي شھر جو نالو شايد سڪندر جي گھوڙي بوسيفالس جي نالي پٺيان بوڪيفالا رکيو ويو. بوڪيفالا جو ذڪر ڪيترن ئي يوناني رومي ماخذن ۾ آيل آھي، جڏھن تہ نيڪايا جو ذڪر تمام گهٽ ملي ٿو. ٻنھي شهرن جا صحيح هنڌ معلوم نہ آهن، پر امڪان اهو آهي تہ بوڪيفالا جلالپور جي ويجھو ھو جڏھن تہ نیڪايا درياھہ جي پار اڄوڪي مونگ جي ويجهو هو.