مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وحيدالدين خان ھندستان جو ھڪ مسلمان مفڪر، عالم دين ۽ امن جو داعي ھو. ھن قرآن جو تفسير تذڪر القرآن جي نالي سان لکيو. ھي 1925ع ۾ ھندوستان جي رياست اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙھ ۾ واقع بڌاريا نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ھي ڪجھ وقت جماعت اسلامي جو ڪارڪن بہ رھيو، پر ھن کي جماعت جي ديني تصور ۾ خاميون نظر آيون، ۽ ڪجھہ ئي سالن ۾ ھن جماعت کان علحدگي اختيار ڪئي. وحيدالدين خان سينٽر فار پيس اينڊ اسپرچيولٽي جو باني ھو، ھي ادارو اسلامي ادب کي عالمي دنيا ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ آھي. ھي اسلام جي سياسي تشريح کي رد ڪندڙ ھو ۽ سياسي اسٽيٽس ڪو جو حامي ھو. ھن کي 2009ع ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ 500 بااثر مسلمانن واري فھرست ۾ شامل ڪيو ويو، ان کان سواءِ ھن کي ڀارت جي وڏن شھري اعزازن پدم ڀوشن ۽ پدم وڀوشن سان پڻ نوازيو ويو. ھن جي وفات 2020ع ۾ ڪورونا وبا سبب ٿي ۽ ھي بستي حضرت نظام الدين لڳ پنج پيران قبرستان ۾ مدفن آھي.