وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو اپريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قلعي مان جيسلمير شهر جو نظارو
جيسلمير قلعي جو رات جو نظارو. هي 5000 کان مٿي مقامي رهاڪن جي رهائشي هڪ فن تعمير جو هڪ ڊگهو نمائش آهي. کليل ڇت واري هوٽلن مان رات جو نظارو صرف کاڌي جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪري ٿو ۽ ماحول نومبر جي آخر کان فيبروري جي آخر تائين دلچسپ آهي.

جيسلمير (انگريزي: Jaisalmer, راجستاني: जैसलमेर، ٻُڌو) يا جئسلمير ھندستان جي صوبي راجستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو جئپور کان 575 ڪلوميٽر (357 ميل) اولھ ۾ آباد آھي. جوڌپور ھتان کان 215 ڪلوميٽر (135 ميل) پري ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي.

ھي شھر ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ جيسلمير رياست جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن شھر جون اڪثر عمارتون پيلي ناسي پٿر مان ٺاھيون ويون آھن ۽ سج جي روشنيءَ ۾ سون وانگر چمڪنديون نظر اينديون آھن، انڪري ھن شھر کي ڀارت جو سونھري شھر سڏيو وڃي ٿو. ھتان جو جيسلمير قلعو ھن شھر جي سونھن آھي جنھن کي 2013ع ۾ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي واري ماڳ طور رجسٽر ڪيو ويو. ھن قلعي اندر شاھي محل، جين ڌرم جا خوبصورت مندر، ھوٽلون ۽ ڪيترائي گھر ٺھيل آھن. قلعي اندر گيان ڀنڊار (علم جو خزانو) نالي ھڪ وڏي لائبرري بہ موجود آھي جنھن ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين ۾ لکيل ڪيترائي قديم ۽ ضخيم ڪتاب موجود آھن. ھتان جي گڏيسر ڍنڍ شھر جي قدرتي حسن کي چارچنڊ لڳائي ٿي. ھي شھر ھندستان جي ٿر ريگستان ۾ آباد آھي ۽ ھن جي آبادي اٽڪل 78000 آھي. ھي جيسلمير ضلعي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي.