وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2021/مهينو جنوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راجا وڪرمدتيا

راجا وڪرمدتيا يا راجا وڪرمادتيه راجا وڪرماجيت (Raja Vikramaditya) سنڌ هند جو راجا هيو، سندس نالي پويان سنبت وڪرمي ڪئلينڊر سال جو نالو رکيل آهي. راجا وڪرماجيت جي ڏينهن ۾ آريا برهمڻ، ويدڪ ڌرم جي پرچار لاءِ عرب ويندا هئا. هڪ عرب شاعر نعمان بن آدم راجا وڪرماجيت جي ساراهه ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جيڪو حميده لائبرري يروشلم ۾ موجود آهي. عمرو بن هشام حارث لکن ٿا ته اهو شاعر، شو جو پوڄاري هو. اصل ۾ ان شاعر کي عرب ابوالحڪم (ڏاهپ جو ابو) سڏيندا هئا جو پوءِ نبي پاڪ صه کي نه مڃڻ ڪري مسلمانن سندس نالو بدلائي ابوجهل جي لقب سان مشهور ڪيو. هو مڪي شهر جو مکيه ماڻهو عالم ۽ شاعر هو. ان هڪ نظم، شو مهاراج جي شان ۾ لکيو آهي جنهن ۾ آهي ته مهاديو جي تعريف ڪرڻ ڪري ماڻهو کي وڏو درجو نصيب ٿئي ٿو، ڀارت مذهب جو مرڪز آهي، جتي پهچي ماڻهو کي ڇوتڪارو حاصل ٿئي ٿي … اهو نظم قاهره جي الهلال اخبار مارچ 1932ع ۾ ڇپيو