وڪيپيڊيا:ناري واد ۽ لوڪ وارتا/2024

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آرڪائيو ٿيل
وڪي محبوب عورتون ڏکڻ ايشيا 2020رِٿائي صفحاتجويز ڪيل مضمونڀائيوارَ

ناري واد ۽ لوڪ وارتا مضمون لکڻ جو هڪ مقابلو آهي، جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي درجيڪارين ۾ موجود جنس جي فرق کي بهتر بنائڻ ۽ جنسي وِٿي کي ڀرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ئي نارين جا سوانحي مضمون پڻ لکڻ آهي.

مرڪزي خيال[سنواريو]

هِن سال ناري واد ۽ لوڪ وارتا جو مکيه ڌيان لوڪ سڀيتا ۾ ناري واد (فيمينزم)، نارين جي سوانح حيات ۽ وڪي لوڪ ڪهاڻين هيٺ هِن رٿا جي لاءِ ٻَڌي ۾ وڪيپيڊيا تي جنسي وِٿي کي ختم ڪرڻ لاءِ صنف تي ٻَڌل موضوعن تي ڌيان ڏيڻ آهي. لوڪ داستان ۾ منفرد شخصيتون، لوڪ ڪلچر (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچُ، لوڪ گلوڪار، لوڪ موسيقارن، لوڪ راندين جي رانديگرن، افسانن ۾ ناريون، لوڪ داستانن ۾ ناري سورمين (سورهيه ويڙهاڪ ناري)، ڏائڻين ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڪھاڻيون شامل آهن، پر هي رُڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهي ۽ وڌيڪ اهڙا ٻيا موضوع پڻ ان ۾ شامل آهن). ان جي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي سڀني ٻولين منجهان هڪ ناري کي ناظم بڻايو ويندو ۽ انهن جي مدد سان وڪيپيڊيا جي ڏکڻ ايشيائي برادرين جي وچ۾ هي چٽاڀيٽي منعقد ٿي رهيو آهي.

صنف موضوع[سنواريو]

روان سال تحريڪ نسائيت، لوڪ ثقافت ۾ مشهور نارين جا سوانحي مضمون ۽ ٻيا صنفي موضوع هن رٿا جو مرڪزي خيال هوندا.

جٽاءُ[سنواريو]

مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) فيبروري 1، 2024 کان مارچ 31، 2024 تائين جاري رهندو. روان سال ۾ هي مقابلو پهرئين فيبروري 2024ع کان شروع ٿيندو ۽ ايڪٽيهين مارچ 2024 تي پنهنجي پُڄاڻي تي پهچندو.

اصول ۽ ضابطا[سنواريو]

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (4000 Bytes) ۽ ٽي سئو (400 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مشيني ترجمو ناهي ڪرڻو.
  • مضمون پهرئين فيبروري کان ايڪٽيهين مارچ جي دوران رچنا ڪيل يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون صنفي (نارين جي) موضوع يعني عشق ۽ محبت، نارين ۽ صنف سان لاڳاپيل اهڙن ٻين موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) جي ڀڃڪڙي نہ ٿيل هجي.
  • مضمون معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن.
  • مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي اصولن، هدايتن موجب مناسب حوالا درج ٿيل هُجن تہ جيئن ان جي مواد جي ثابتي ٿي سگهي.

انعامَ[سنواريو]

  • ٽاپ 5 ڀاڱيدارن ۽ جج (جيوري) جي لاءِ ٽي شرٽس ۽ ٽوٽ بيگ
  • گهٽ ۾ گهٽ 4 مضمونَ تخليق ڪندڙ ڀاڱيدارن جي لاءِ ڊجيٽل پوسٽ ڪارڊ ۽ بارن اسٽارز

لکيل ۽ سنواريل مضمون[سنواريو]

حصو وٺندڙ ڀاڱيدار هن مقابلي جي مرڪزي خيال موجب ڪنهن بہ موضوع تي مضمون تيار ڪرڻ يا لکڻ لاءِ آزاد آهن، جيڪي وڪيپيڊيا عام معروفيت هدايتن تي پورا لهندا هجن.

شرڪت ۽ شريڪ ٿيندڙ[سنواريو]

داخلا[سنواريو]

  • هن مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ واپرائيندڙ (يوزرز) هيٺ پنهنجو نالو درج ڪريو:

مضمون جو اندراج[سنواريو]

هيٺ ڏنل بٽڻ تي ٺِڙڪ (ڪِلڪ) ڪري اُتي پنهنجا مضمون درج ڪيو


Submit contributions (through CampWiz)



Results

مضمون[سنواريو]

ناظمَ[سنواريو]