وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو سيپٽمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
علامہ آءِ. آءِ. قاضي

علامہ آءِ. آءِ. قاضي(انگريزي: Alama I. I.Kazi) مرحوم جو پورو نالو، امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندس وڏا انصاري خاندان جا پاٽ ڳوٺ، ضلعي دادوءَ جا هئا. علامه صاحب جو والد قاضي امام علي سرڪاري ملازمت جي ڪري پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي حيدرآباد جي بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو. سندس والد قاضي امام علي ڪجهه عرصي لاءِ دادوءَ ۽ نوشهري فيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو. آخوند صاحب علامه قاضيءَ کي قرآن پڙهايو ۽ ابتدائي سنڌي، فارسي ۽ علم رياضيءَ ۾ پڻ سکيا ڏني. انهيءَ کان علاوه آخوند صاحب کيس ”مفتاح الصلواة“ به پڙهايو. علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان ۽ لنڊن اسڪول آف ارويئنٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتي. علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سندس مزار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ آهي.