وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو آگسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جهانسي جي راڻي
جهانسي جي راڻي جنگ دوران

جهانسي جي راڻي يا ، راڻي لڪشمي ٻائي، (انگريزي ٻولي: Rani_of_Jhansi) (نومبر 19, 1828 -کان 18 جون 1858) جنهن جو نالو لڪشمي ٻائي هيو. سا اُتر انڊيا، پرنسلي رياست جهانسي رياست، هاڻي جهانسي ضلعو، اتر پرديش ۾) جي راڻي هئي. راڻي لڪشمي ٻائي 19 نومبر 1828ع تي پيدا ٿي هئي ۽ 18 جون 1858ع تي وفات ڪري وئي. هن جنگ آزادي هند 1857 ۾ ڀرپور ڪردار نڀائيندڙ اڳواڻن منجهان هِڪَ هئي، جنهن هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ ۾ زبردست ڪردار نڀايو. جيئن تہ آزادي جي جنگ ۾ ڪيترن ئي رياستن حصو ورتو هيو، جن ۾ هڪ مغل سلطنت طرفان بهادر شاهہ ظفر ۽ ٻئي طرف جهانسي جي راڻي لڪشمي ٻائي. جهانسي جي راڻي شروعاتي کان ئي هڪ همٿ واري ناري هئي ۽ انگريزن سامهون کين مُنجهائي ويندي هئي. ڪنهن هندستاني تي انياءُ (ظلم) نہ سهي سگهندي هئي ۽ جيڪڏهن انگريز هندستاني تي ظلم ڪندو هيو تہ انکي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيندي هئي.

آزادي جي تحريڪ مئي ۽ جولاءِ 1857 ۾ ميرٺ کان شروع ٿي. اصل ۾ ان تحريڪ کي ان مهل طاقت ملي جڏهن انگريزن جي فوج ۾ گهڻائي هندستاني ماڻهو موجود هيا ۽ انهن ڳئون ۽ سُوئر (خنزير) جي چرٻي وارو ڪاتوس استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جن ۾ ان وقت انگريزن جي فوج ۾ جيئن تہ هندستاني هندو ۽ مسلمان شامل هيا تنهنڪري مسلمان انڪري انڪار ڪيو تہ اُهي سوئر (خنزير) کي ملعون سمجهندا آهن ۽ هندن انڪري انڪار ڪيو تہ ڳئونءَ کي ڀاڳڀري (برڪت واري) سمجهندا آهن، تنهنڪري ٻنهين جي لاءِ جائز نہ هيو تہ هو ڪارتوس استعمال ڪن.