وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو آڪٽوبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چارلس جيمس نيپئر (Charles James Napier) انگريز جنرل 10 آگسٽ 1782ع تي فوجي ڪرنل ’جارج‘ جي گھر ۾، انگلينڊ ۾ ڄائو. هيءُ اڃا ٽن سالن جو مس هو ته سندس خاندان لنڊن (برطانيا) ڇڏي ڊبلن, آئرلينڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيو. نـنـڍي هـونـدي سـاڻـس هـڪ حـادثـو پيـش آيـو، جنهنڪري هيءُ بيمار رهڻ لڳو ۽ بيمار رهڻ ڪري اڪثر جسماني طور ڪمزور ۽ طبيعت ۾جذباتي ٿي پيو، پر هُو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ چالاڪ هو. جنوري 1794ع ۾ ڪميشن پاس ڪري شاهي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنجن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقي ڪري 1803ع ڌاري ڪئپٽن ٿيو. چارلس نيپئر بدترين مصيبتن ۽ ذلتن جو شڪار رهيو. 1809ع واري اسپين جي جنگ ۾ جنگي قيدي ٿيو. 1810ع ڌاري قيدين جي مٽاسٽا ۾ آزادي ماڻي، مائٽن سان ملي، وري اچي پنهنجي ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. ساڳئي سال ’بساڪو‘ واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ ۾ سندس هڪ هٿ جو چنبو ڀڄي پيو. 1811ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مقرر ٿيو. 1815ع ۾ وري فرانس واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ تان موٽندي جيتوڻيڪ فوجين جو جهاز ٻڏي ويو، پر هيءُ محفوظ رهيو. 1820ع ۾ سِيڪريٽ سروس ۾ شموليت اختيار ڪيائي. يونان ۾ هاءِ ڪمشنر جي هٿ هيٺ سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ مقامي ماڻهن جي چڱي سهائتا ڪيائين.