وينجھرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وينجھرو
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 422: No value was provided for longitude.
علائقو سڪرنڊ تعلقو ،شھيد بينظير آباد
قسم ڦٽل شھر
پکيڙ 30 ايڪڙ
تاریخ
معمار وينجھر ذات جا ماڻهو
ثقافت سنڌي
مقام جي باري ۾
حالت ڦٽي ويو

وينجھرو(انگريزي: Venjhro) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ھڪ قديم ڦٽل شھر جو نالو آهي.”وينجهرو“ جو شهر به ڪهن زماني ۾ سنڌ جو هڪ مکيه ۽ اهم شهر هو. وينجهرو جو دڙو سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾ موجوده سڪرنڊ شهر کان قاضي احمد ويندڙ قومي شاهراھ N5 جي ڏکڻ ۾ مشائخ شاخ جي وٽ سان اڀرندي طرف واقعي آهي. قديم دور ۾ هيءُ شهر هڪ وڏو پر رونق ۽ وسندڙ شهر هو . هن وقت ھڪ کنڊر آھي.[1]

نالو[سنواريو]

. تاريخ مظهر شاهجهاني جي احوال مان هن شهر جي قدامت ۽ اهميت جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر سنڌ جي هڪ قديم ذات ”وينجهر“ جي ماڻهن جو آباد ڪيل هو . موجوده دور ۾ به وينجهر ذات جا ڪيترائي ماڻهو موري شهر ۽ ٻين ڪيترن آسپاس جي ڳوٺن ۾ رهن ٿا. انهيءَ قوم جي پوئتان هن شهر جو نالو ”وينجهرو“ پئجي ويو[1].

تاريخ جي رڪارڊ جو احوال[سنواريو]

سنڌ جي تاريخ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ”وينجهرو“ سنڌ جي لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ قديم شهر هو. گويا هي شهر لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو درياهي واپاري پتڻ هو. واپاري قافلا ۽ فوجي نقل و حرڪت جو هي مکيه مرڪز هو. لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو اناج ۽ ٻيو واپار هن پتڻ جي ذريعي سنڌ جي قديم شهر نصرپور جي رستي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان هلندو هو[1]. هن شهر جي آباد ٿيڻ جي باري ۾ تاريخي لحاظ کان ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي ته هي شهر ڪڏهن ۽ ڪهڙي دور ۾ آباد ٿيو. سنڌ جي تاريخ جا قديم ماخذ جهڙوڪ تاريخ معصومي، تاريخ طاهري ۽ تحفتہ الڪرام وغيره سڀ خاموش نظر اچن ٿا. ليڪن هن دڙي جا کنڊرات ٻڌائن ٿا ته اڳئين زماني ۾ هي شهر وڏي ايراضيءَ وارو شهر هو. هن وقت انهيءَ شهر جو ويرانو تقريباً ٽيهن ايڪڙن ۾ ڦهليل نظر اچي ٿو. قديم دور ۾ شايد هن شهر کي ايتري فوجي اهيمت ڪانه هئي، جيتري مغل دور ۾ ڏني ويئي هئي. هن جي باري ۾ ميرڪ يوسف تاريخ مظهر شاهجهاني[2] ۾ ڪافي تفصيل سان روشني وڌي آهي. پراڻي زماني ۾ هي شهر سيوهڻ کان اٽڪل تيرهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو[2] هن شهر ۾ سميجن انڙن جي پاڙن جا ڪيترائي ماڻهو رهندا هئا[1]. وينجهري شهر جي ويراني جي اوڀر ۾ هڪ وڏو ڍورو آهي، جو مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب ته اهو درياهه جو پراڻو وهڪرو هو. ليڪن اسان جي تحقيق موجب ته اهو درياهه جو ڍورو نه آهي، بلڪ ڍنڍ آهي، جنهن جي ڪناري تي وينجهري جو قلعو اڏيل هو. سنڌو درياهه وينجهري شهر ۽ قلعي جي الهندي طرف کان وهندو هو ۽ اهو اڄ تائين ساڳيءَ طرح سان وهندو رهي ٿو. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي مصنف جي قول موجب پڻ اها ڍنڍ هئي[2] انهيءَ ڍنڍ جي پاسن کان وقت جي حاڪمن عاليشان باغ رکايا هئا ته جيئن قلعو دشمن جي حملن ۽ سرگرمين کان محفوظ رهي. هن وقت سڀڪجهه ويران ٿي چڪو آهي. جيئن اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته وينجهرو لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ اهم مرڪزي شهر هو. هن پرڳڻي ۾ سميجن انڙن جون هميشہ شورشون پيون رهنديون هيون. لاکا ۽ انڙ هر وقت پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا. سيوهڻ سرڪار جي مغل انتظاميه هميشہ لاکن جو طرف وٺندي هئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته لاکن ۽ سميجن انڙن جي باهمي جهيڙن جو سبب اهو هو جو لاکا سيوهڻ جي مغل حاڪمن جا سميجن انڙن جي خلاف ڪَن ڀريندا هئا ۽ هنن جي خلاف جاسوسي پڻ ڪندا هئا[2] سميجن انڙن هن علائقي ۾ ڏاڍو گوڙ مچائي ڇڏيو هو، ايتريقدر جو لاکاٽ جي قلعي کان سواءِ بکر، ٺٽو ۽ جيسلمير وغيره سندن وڳوڙ کان آجا نه هوندا هئا. لاکاٽ پرڳڻي جي سميجن انڙن ۽ مناهيجن کي مطيع ڪرڻ لاءِ مغل شاهي سرڪار وينجهري شهر جي ويجهو ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ڪچو مٽيءَ جو قلعو تعمير ڪرايو هو[2] تاريخ مظهر شاهجهاني جي مصنف انهيءَ قلعي جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان ايترو چئي سگهجي ٿو ته هي قلعو سن 1009ھ يا 1013ھ جي لڳ ڀڳ سيوهڻ سرڪار جي صوبيدار مير ابوالقاسم ”نمڪين“ تعمير ڪرايو هو.[2]سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته ”سميجن جي وچ ۾ ”وينجهرو“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن ۾ مير نمڪين هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو. ساڳيءَ طرح سان مير صاحب حويلي پرڳڻي ۾ ”ديه ڳوٺ“- ۾ درياهه سنڌ جي ڪناري تي هڪ ٻيو قلعو تعمير ڪرايو هو.“[3]تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ تذڪره اميرخاني جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مير ابوالقاسم ”نمڪين“ بکر جو جاگيردار ٿي آيو. ميرابوالقاسم ”نمڪين“ وڏو بهادر، مدبر ۽ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. ان وقت سيوهڻ سرڪار جو انتظام به سندس حوالي ڪيو ويو. مير ”نمڪين“ سن 1009ھ ڌاري سيوهڻ پهتو هو[3]وينجهري جو قلعو ساڍن ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ آهي. چوطرف مضبوط و پڪري ڪچي مٽيءَ جي ديوار ڏنل هئي، غالباً انهيءَ جي ساخت ڪوٽ واري هئي. سموري ڪوٽ کي چار دروازا هئا، اندر قلعي ۾ ڦاسي گهاٽ پڻ ٺهيل هو، جتي بيگناهه سميجن، انڙن ۽ مناهيجن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو هو. قلعي جي جوڙجڪ ۽بيهڪ تي ڪنهن به مورخ تفصيل سان وڌيڪ روشني نه وڌي آهي. قلعي جي اندر رهائش لاءِ وقت جي حاڪمن ۽ عملدارن جون محلاتون، ماڙيون ۽ حويليون جوڙايون ويون هونديون، پر سڀ زماني جي انقلابن ۽ تباهين جي لهر ۾ لڙهي ويون. اڄ انهن جو ڪوبه نشان باقي نظر ڪونه ٿو اچي. هن قلعي ۾ هر وقت هڪ مضبوط فوج توبخاني سان رهندي هئي. تاريخ مظهرشاهجهاني ۾ ميرڪ يوسف سيوهڻ سرڪار جي عملدارن کي مشورو ڏيندي چوي ٿو ته”لاکن واري پاسي وينجهرو قلعو آهي. ان کي چڱي طرح سان مرمت ڪري، اُتي مضبوط فوج ۽ توبخانو رکيو وڃي ته جئن لاکن سان سميجن انڙن جي ڪابه هٿ چراند نه ٿئي[2].“وينجهري قلعي جي اندر هن وقت پڪين سرن جون ڊٺل ٽي مزارون آهن جيڪي مغل ڪارندن جون ٿيون لڳن.مير ابوالبقا پنهنجي دور ۾ ٻيهر وينجهري جي قلعي جي مرمت ڪرائي هئي، ڇاڪاڻ ته سميجن انڙن قلعي جي ديوارين کي ڏاڍو نقصان رسايو هو. مير ابوالبقا مير ڪامل کي سپاهه ڏيئي وينجهري جي قلعي جو ستقل طور حاڪم مقرر ڪيو هو[1]. مير ابوالبقا کان پوءِ شمشير خان اوزبڪ سيوهڻ سرڪار جو سن 1019ھ کان 1023ھ تائين ٻه ڀيرا حاڪم مقرر ٿي آيو هو. هن جي دور ۾ پڻ سميجن انڙن ۽ مناهيجن جنگيون ڪيون هيون، جن ۾ ڌڻي پرتو خان سميجو ۽ طيب خان مناهيجو قتل ٿي ويا هئا. ديه ڳوٺ جي هوسڙن کي مغل ڪارندن هن قلعي ۾ ڦاسيون ڏنيون هيون. ان کان پوءِ ديندار خان جي دور ۾ سميجن وينجهري شهر ۽ قلعي تي قبضو ڪيو هو، جنهن کي وڏي تباهيءَ کان پوءِ وري واپس ورتو ويو هو. مگر شهر ۽ قلعو اهڙو اُجڙي ويا جو وري انهيءَ ساڳئي اوج تي اچي نه سگهيا[1]. هن وقت وينجهري جو شهر ۽ قلعو ٻئي تباهه ٿي ويا آهن. قلعي جا وينجهري شهر جي دڙن کان الهندي طرف سڏ کن پنڌ تي اڃا ڪجهه نشان ۽ اهڃاڻ باقي نظر اچن ٿا. باقي شهر سمورو ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيو پيو آهي. شهر جي تباهيءَ مان ظاهر ٿيئ ٿو ته دشمن جي حملي وقت هن شهر کي خوب لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي ۽ اُن سان گڏ باهيون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن جا نشان شهر جي سڙيل گهرن ۽ ديوارين مان پيا ظاهر ٿين. اهڙيءَ طرح سان سمورو شهر زماني جي الٽ پلٽ سببان ناس ٿي ويو ۽ سمورو شهر دڙن ۽ ڀڙن جي صورت ۾ پکڙيو پيو آهي[1]. وينجهري جي تباهي شايد شاهجهان بادشاهه جي آخرين دور ۾ ٿي ويا شاهجهان کان پوءِ اورنگزيب جي تباهي شايد شاهجهان بادشهاه جي آخرين دور ۾ ٿي يا شاهجهان کان پوءِ اورنگزيب جي زماني ۾ ٿي هوندي. اسان جو گمان آهي ته شاهجهان جي ايام اسيري جي دوران شهزادن جي تخت ۽ تاج واري ويڙهه ۾ هي شهر بلڪل اُجڙي ويو، جو پوءِ ڪڏهن به اُسري نه سگهيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ هن شهر ۽ قلعي جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 قريشي حامد علي خانائي جو مقالو: وينجهرو (سنڌ جو هڪ قديم تاريخي شهر) رسالو ؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 يوسف ميرڪ- تاريخ مظهر شاهجهاني- (سنڌي) صه 76، 178
  3. 3.0 3.1 سيد حسام الدين راشدي- تذڪره امير خاني- صه 29.