بين الاقوامي مالياتي مرڪز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بين الاقوامي مالي مرڪز (International Financial Centres) موجوده دور ۾ تقريبن هر ملڪ کي ٻين ڪيترن ملڪن سان ناڻي جي معملي ۾ ڏي وٺ ڪرڻي پوي ٿي. جيڪڏهن هر ملڪ جي بئنڪ ٻين سڀني ملڪن جي بئنڪن سان پنهنجن کنڌن بابت ويهي لکپڙه ڪري ته هڪ قسم جي گيهل ٿي پوندي، ۽ ناڻي جي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻ تڪليف جو باعث ٿيندو. ان ڪري اهڙي قسم جا مسئلا ڪن خاص پرڏيهي مالي مرڪزن وسيل حل ڪري سگهجن ٿا، جتي سڀني ملڪن جي نمائندگي اتي جي بئنڪ جي شاخ ڪندي. خاص ڪري اهڙا ٻه مالي مرڪز، لنڊن ۽ نيويارڪ گهڻي اهميت رکن ٿا. لنڊن واري مرڪز ۾ ڏي – وٺ پائونڊن ۾ ٿيندي آهي، تنهنڪري ان کي پاونڊ جو دائرو ۽ نيويارڪ واري مرڪز ۾ وري ڊالر ۾ ڏي وٺ ٿيڻ ڪري ان کي ڊالر وارو دائرو ڪوٺجي ٿو.

پائونڊ جي دائري ۾ انگلينڊ، ڀارت، سلون، برما، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا ۽ آئرس ريپبلڪ اچي وڃن ٿا. هن دائري اندر دنيا جو 27 سيڪڙو واپار هلي ٿو. ڊالر جي دائري ۾ هيٺيان ملڪ اچي وڃن ٿا: ڪئناڊا، ڪئبين اپٻيٽ، آمريڪا، فلپائين ۽ جپان. جيئن ته مٿي لکي آيا آهيون ته پائونڊ واري دائري جو مرڪز لنڊن، ۽ ڊالرواري دائري جو مرڪز نيويارڪ ۾ آهي؛ انهيءَ مان اهو مطلب نه آهي ته ٻنهي دائرن جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق نه آهي. ڪن ملڪن کي ته ٻنهي مرڪزن سان واسطو رهندو آهي، ۽ وقت تي ٻنهي مان ڪم وٺڻو پوي ٿو. انهن مرڪزن کان سواءِ پئرس، برلن، روم، ائمسٽرڊم، ۽ ٽوڪيو ۾ پڻ اهڙا مرڪز آهن، جي ساڳيءَ طرح ناڻي جي ڏي وٺ ۾ مدد ڪن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ ايڊيشن:1970ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو