واپرائيندڙ:MansoorJarwar

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منصور جروار يا منصور علي جروار، منهنجو تعلق قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ جيئند جروار سان آهي. مون پرائمري کان ٻارهين ڪلاس تائين شهدادڪوٽ شهر منجھ پڙهيس. ٻارهين کان پوءِ انگريزي سکڻ لاءِ ڪراچي جي هڪ اداري پاڪ امريڪن ڪلچرل سينٽر (انگريزي: Pak American Cultural Center) ۾ ٽين ليول ۾ سليڪٽ ٿي ڪورس ڪيو. ان کان بعد مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان سول انجينيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي.

سنڌي وڪيپيڊيا تي منهنجو سفر ڪجھ وقت کان جاري آهي. شروعات ۾ سمجھ نه آيو پوءِ ڪجھ دوستن جي اصلاح کان پوءِ سکيا جو عمل جاري ٿيو. هن وقت آئون ڪراچي منجھ رهائش پذير آهيان.