مواد ڏانھن هلو

ٻڌمت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ٻڌ ڌرم کان چوريل)
ٻڌ ڌرم جو ڌارمڪ نشان ڌرم چڪر

ٻڌمت يا ٻڌ ڌرم دنيا جي وڏن ڌرمن مان ھڪ ڌرم آھي، جيڪو مھاتما گوتم ٻڌ جو وضع ڪيل اخلاقي ۽ فلسفي نظام يا زندگيءَ جو دستور يا آئين آھي. مھاتما گوتم ٻڌ ھيءُ پنٿ، 563 ق.م ۾ جاري ڪيو ھو، جنھن ۾ ھن ننڍ وڏائيءَ ۽ ظلم خلاف مھاڏو اٽڪائڻ ۽ ان سان نفرت جو گس ڏسيو، جيئن ته ان دور ۾ عوام جي برھمڻن جي سخت نظام کان بيزاري انتها تي پھچي چڪي ھئي، تنھنڪري ٻڌمت ماڻھن جي دلين ۾ جاءِ ڪندو ويو.

سچائي

[سنواريو]

گوتم ٻڌ پنھنجي پنٿ ۾ چار سچ بيان ڪيا (1) زندگي ڏک ئي ڏک آھي (2) ڏک جو سبب نفساني خواھشون آھن (3) نفساني خواھشن جي خاتمي سان ڏک پاڻمرادو نشٽ ٿي وڃي ٿو ۽ (4) نفساني خواھشن جي ناش لاءِ ”نرواڻ“ (مڪتي) حاصل ڪيو وڃي. ٻيءَ معنيٰ ۾ ٻڌ ڌرم ۾ سڄو زور ”نرواڻ“ حاصل ڪرڻ تي ڏنل ھو، مھاتما گوتم ٻڌ ”نرواڻ“ جي حاصلات لاءِ ھيٺيان 8 اصول بيان ڪيا:

  1. صحيح ارادو ۽ تڪميل جو عقيدو، يعني دنيا ۽ زندگيءَ جي اصليت کي صحيح نموني سڃاڻڻ، سمجھڻ ۽ ڏسڻ
  2. صحيح، مثبت ۽ حقيقت پسنداڻي سوچ، جنھن ۾ غلط ۽ ناپائيدار شين کي حاصل ڪرڻ جو خيال به نه اچي. نفساني خواھشون ترڪ ڪرڻ ۽ اھنسا واري واٽ وٺڻ
  3. عملي طور صحيح چلت، سٺي ۽ مناسب نموني سان ڳالھائڻ
  4. صحيح ۽ حق حلال لاءِ جاکوڙڻ، جنھن ۾ مناسب طريقي سان ڪمائي زندگي گذارجي.
  5. سچ ڳالھائڻ
  6. سٺن ۽ صحيح تجربن ۽ مشاھدن جي يادگيري ڪرڻ
  7. صحيح نيڪ نيتي، سٺين ڳالھين کي ياد رکڻ ۽ فضول ۽ خراب ڳالھين کي وسارڻ
  8. صحيح ۽ سچائيءَ تي ٻڌل عبادت.

شرڌا (عقيدا)

[سنواريو]

ٻڌ جي سکيا پٽاندڙ ”نرواڻ“، روح جي سچي ۽ حقيقي خوشي يا آخري منزل آھي. جيستائين ”نرواڻ“ حاصل نٿو ٿئي، تيستائين روح ھڪ زندگيءَ کان ٻيءَ زندگيءَ ۾ گھمندو ڦرندو رھي ٿو، انھيءَ عقيدي موجب ٻڌ ڌرم، ھندو ڌرم ۽ جين مت وانگر ”آواگون“ جو قائل آھي. البت ٻڌمت وارا بھشت ۽ دوزخ کي تسليم نٿا ڪن ۽ نه ئي ويدن کي علم جو صحيح ذريعو سمجھن ٿا. ٻڌ مت موجب دنيا ۾جيڪي به شيون آھن، اھي فقط ھڪ گھڙيءَ ۾ ھڪ صورت ۾ رھن ٿيون، ھر شيءِ ھر گھڙيءَ پنھنجي شڪل ۽ صورت بدلائيندي رھي ٿي. ڪا به شيءِ ھميشه رھندڙ ناھي. ايستائين جو انسان جي آتما به ھميشه نٿو رھي. ٻڌمت جي تعليم کي برھمڻن کان باغي ۽ ذات پات جي ويڇن کان تنگ آيل ماڻھن قبول ڪيو. سنڌ تي به ٻڌ ڌرم جو وڏو اثر رھيو. مير رڪڻ جو ٺل، ڪاھوءَ جو دڙو، ٻڌڪا ٽڪر، موھن جي دڙي جو مٿيون اسٽوپا ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڳ ٻڌمت جا چٽا آثار آھن. ٻڌ جون سکيائون قديم پراڪرت (پالي) ٻوليءَ ۾ موجود آھي.

ٻڌ ڌرم وارا روح جي ھستيءَ کي نٿا مڃين. گوتم ٻڌ کان پوءِ ٻڌ ڌرم ۾ ڪئين پنٿ ۽ تحريڪون پيدا ٿيون، ھڪ پنٿ اھو ھو جيڪو پالي ٻولي ۾ گوتم ٻڌ جي نصيحتن ۽ اصولن کي علم جو ذريعو تسليم ڪندو ھو، ٻيو پنٿ انھن ماڻھن جو ھو جن گوتم ٻڌ کان پوءِ ڌرم ۾ نون خيالن جو اضافو ڪيو. پھرئين پنٿ کي ”ھنايان“ ۽ ٻئي کي ”مھايان“ چيو وڃي ٿو. ”ھنايان“ لنڪا ۽ برما ۾، ۽ ”مھايان“ جپان ۾ زور ورتو. ھنن ٻنھي فرقن ۾ اھو به فرق ھو ته ”ھنايان“ وارا فقط پنھنجي نرواڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا، جڏھن ته ”مھايان“ وارا خود نرواڻ حاصل ڪري ٻين کي به نرواڻ جو تجربو ڪرائڻ پنھنجو فرض سمجھندا ھئا.

پکڙجڻ

[سنواريو]

ٻڌ ڌرم کي موريا خاندان جي راجائن تمام گھڻو زور وٺرايو، جنھن سبب اھو دنيا جي وسيع خطي ۾ پکڙجي ويو، ھندستان ۾ مھاراجا اشوڪا جي دور (3 صدي ق. م) ۾ ٻڌمت اوج تي ھو. مھاراجا اشوڪا، سنڌ، بلوچستان ۽ افغانستان، سوات، ڪشمير ۽ نيپال تائين ٻڌ ڌرم جا ڪيترائي ڪتبا کڙا ڪرايا، جن مان ڪي اڄ به موجود آھن. 647ع ۾ راجا ھرش جي دؤر حڪومت ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال ٿيڻ لڳو. ھرش کان پوءِ راجپوتن زور ورتو، جيڪي ڪالي ديويءَ جا پوڄاري ۽ ٻڌمت جا دشمن ھئا، جنھنڪري ٻڌ ڌرم هوريان هوريان ھندستان مان گھٽجڻ لڳو،پر لنڪا ۽ برما ۾ قائم رھيو. چين ۾ ھيءُ ڌرم پھرين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ ڪوريا جي رستي چين مان جپان پھتو، ھن وقت به ٻڌ ڌرم ڪيترن ئي ملڪن ۾ زندھ مذھب آھي ۽ دنيا جي ٽن وڏن مذھبن (اسلام، عيسائيت، يھوديت، سان گڏ چوٿون مذھب شمار ٿئي ٿو.

ھن وقت ٻڌمت ۾ چار خاص پنٿ (فرقا) آھن (1) ظاھر ۽ باطن ۾ ھر شيءِ جي وجود کي تسليم ڪندڙ (2) فقط ظاھري شين جي وجود ۽ انھن مان علم حاصل ڪرڻ واري فلسفي کي مڃيندڙ (3) ظاھري شين جي وجود کان انڪار ڪندڙ، جيڪي ظاھر کي خواب يا عقلي پيدائش تسليم ڪن ٿا ۽ (4) ظاھر ۽ باطن ۾ ڪنھن وجود کي تسليم نه ڪندڙ، جن جي عقيدي موجب ڪنھن به قسم جي تخليق نه ٿي آھي ۽ نه ٿيندي.

ھن وقت ھندستان ۾ صورتحال

[سنواريو]

ھندستان ۾ ٻڌ مذھب نالي ماتر وڃي رھيو آھي ۽ ان جو اصل روح ختم ٿي چڪو آھي. ھندو ڌرم وارن مھاتما گوتم ٻڌ کي وشنو جو اوتار سمجھي ان جي ضروري تعليم کي ھندو ڌرم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان کي پنھنجي ئي ڌرم جي شاخ سمجھڻ لڳا آھن، جنھنڪري ٻڌ مت جي جدا حيثيت وٽن ڄڻ ته ختم ٿي چڪي آھي. ٻڌ ڌرم جي پوڄارين کي ”ٻوڌي“ ۽ مذھبي تبليغ ڪندڙن کي ”ڀڪشو“ چيو وڃي ٿو. چين ۾ ٻڌ ڌرم پهرين صدي عيسويءَ ۾ پهتو ۽ بعد ۾ ڪوريا جي رستي جاپان پهتو. هتي ان ”مهايان“ مت جي صورت اختيار ڪري ورتي. تبت ۾ ٻڌ ڌرم، لاما ڌرم ٿي ويو، هن ڌرم ۾ گهڻا فرقا پيدا ٿيا، جن مان ”زين“ به هڪ آهي.

خانقاھ

[سنواريو]

ٻُڌن جي خانقاهه کي ’وِهار‘ چئبو آهي ۽ عبادت جو مکيه مرڪز اسٽوپا ٿئي ٿو. ڪن اسٽوپائن جي وچ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جون هاٺيون به دٻليءَ ۾ بند ڪري پوريون ويون هيون. سنڌ ۾ به وِهار ۽ هاٺيون پوريل اسٽوپا مليا آهن.

ٻڌن جا ھِنايان ۽ مَھايان پنٿ

[سنواريو]

ھِنايان (Theravada) پنٿ، ٻُڌ مَت جي مھايان پنٿ کان اڳ آھي. پر، ھن وقت دنيا ۾ مھايان پنٿ تعداد ۾ وڌيڪ ۽ پکڙيل آھي. ٻُڌ عالمن جي تشريح موجب مھايان پنٿ اصل ۾، ھِنايان جي توسيعي صورت آھي. انڪري سمورا مھايان اصل ۾ ھِنايان آھن، پر سمورن ’ھِنايان‘ کي ’مھايان‛ نه ٿو چئي سگھجي. مھايان پنٿ کي ٻُڌ بادشاھن وڏي ھٿي ڏني. ٽين صدي ق.م ۾ ٻُڌ مت کي طاقتور اشوڪ جي بادشاھيءَ ۾ سرپرستي حاصل ٿي، ۽ ھُو مھايان ٻُڌ مَت جو وڏو حامي ٿيو ۽ ھن مَت تي عمل ڪيو.

مھايان پنٿ کي انڪري به مقبوليت ملي ته ڪنھن ’مھايان‛ ٻُڌ لاءِ اھو ضروري نه ھو ته گوتم ٻُڌ وانگر نرواڻ وٺي، توڙي جو ھُو نرواڻ کي ويجھو به پھچي وڃي، بلڪه ھن لاءِ ٻُڌيستوا (Bodhisattva) جي منزل ئي ضروري ھئي ڇاڪاڻ ته ان ريت ھُو ’راست راھه‛ تي ھلي خلق خدا کي نرواڻ جي حصول ۾ مددگار ۽ محافظ رھي پئي سگھيا. ھن پنٿ موجب ٻُڌ مَت جو پرچار فقط شخصي آتما جي ترقيءَ لاءِ نه ھو، پر اصل مقصد ان فلسفي جو پرچار ۽ ان کي پکيڙڻ ھو. اھو ئي سبب ھو جو اشوڪ ٻُڌ مت جي پرچار لاءِ سڄي ھندستان ۽ ھندستان کان ٻاھر ايلچي موڪليا.

ھِنايان پنٿ وارن جو بنيادي زور ٻُڌ جي اَٺن اصولن واري واٽ، جوڳ ۽ مراقبن تي ھو. ان ريت باقي دنيا ان مَت ڏانھن مائل ٿيڻ کان قاصر ھئي. مھايان پنٿ ھِنايان ۾ ترميم ڪري ٻُڌڪن اصولن ۾ ردوبدل ڪئي. بادشاھن ۽ رياست جي ٻُڌ ٿيڻ کان پوءِ ان جي توسيع ۽ حفاظت لاءِ فقط ٻُڌ راھبن سان سماج ھلي نه ٿي سگھيو، ان لاءِ سڄي پورھيت طبقي ۽ رياستي نظام کي ان ھيٺ رکڻو ھو. مھايان پنٿ ھِنايان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماڻھن کي ٻُڌ مَت ۾ شامل ڪري سگھيو ٿي، ۽ ايئن ئي ٿيو. پوءِ، ان ئي مھايان (وڏي گاڏي) طبقي Theravada پنٿ کي ھِنايان (ننڍي گاڏي) چيو.[1]

حوالا

[سنواريو]