هري موٽواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

هري نارايڻ سنگهه موٽواڻي (Hari Naraaynn Singh Mottwanni) نومبر 1929ع ۾ لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

هري موٽواڻي رڳو چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي سگهيو ۽ پنهنجي ناني سان گڏ هردوار (Haridwar) هليو ويو، جتي ڪپڙي جو دڪان هلائڻ لڳو. اڳتي هلي بمبئي (ممبئي) ۾ لڏي آيو، جتي پنهنجو ڌار ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺڻ لڳو.

ادبي اوسر[سنواريو]

هري سنڌي اڃا چوٿين درجي ۾ هو ته ڪتابن پڙهڻ جي شروعات ڪيائين. انهن مان هڪ ڪتاب ”ديواندر جاسوس“ کيس گهڻو وڻيو. اتان کان منجهس جاسوسي ناول پڙهڻ جي چوس پئي. پوءِ هو رام منڊلي جو ميمبر بڻيو، ان کان پوءِ شيوا منڊلي جو ميمبر ٿيو، ٻنهي هنڌن تان هو ڪتاب وٺي پڙهڻ لڳو. جاسوسي ناولن کانپوءِ هن جو لاڙو قصن ۽ آکاڻين ڏانهن ويو. انهن جاسوسي ناولن کان متاثر ٿي پاڻ پنهنجي هڪ جيڏي دوست پنجوءَ سان گڏجي هڪ جاسوسي ناول ”خوني ٽارچ“ لکيو. اهو ناول ڇپيو ته ڪو نه هو. پر سندس چوياري ۾ سڀني پڙهيو.

هري موٽواڻي ورهاڱي کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ سنڌ ڇڏي هردوار ويو هو، جنهن ڪري سندس سنڌي جو اڀياس اڌورو رهجي ويو. پر پوءِ به هو حيدرآباد مان سنڌي ڪتاب گهرائيندو رهندو هو. 1945ع ڌاري سندس مامي کيس هڪ ناول ڏيئي چيو ”تون جاسوسي ناول ڇڏي ههڙا پڙهه“. ”مون اهو ڪتاب پڙهيو، هڪ ڀيرو نه ٻه ڀيرا پڙهيم (۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا پڙهيم) ان ڪتاب پڙهڻ سان منهنجي اڀياس جو رخ بدلجي ويو. ان ڪتاب ۾ ڪتاب جي ليکڪ منهنجي زندگي ۾ ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ڪتاب هو ”شرت چندر“ جو ”آخري التجا،“ جيڪو جڳت آڏواڻي جو ترجمو ڪيل ۽ ڇپايل هو. ان کان پوءِ مون شرت جا ۽ ٻيا پنگتي ناول ڪافي انداز ۾ پڙهيا“. شرت چندر جي ڪتابن جو هري موٽواڻي تي ايترو ته اثر ٿيو جو هڪ ڏينهن هي شرت بابوءَ جو بينگال ڏسڻ جي لاءِ ڪلڪتي وڃي پهتو. 1951ع ۾ هري موٽواڻي جي دوستي ’جيوت چاولا‘ سان ٿي، جنهن جي ذريعي ديوداس موٽواڻي ۽ سڳن آهوجا سان واقفيت ٿيس. انهي دوستن جو مٿس وڏو اثر ٿيو. هري موٽواڻي پنهنجي پهرين مجموعي ”هڪ لهر“ (1975ع) ۾ لکيو آهي ته ”مون تي انهن اديبن جي لکڻين جو گهڻو اثر رهيو آهي ۽ خاص طور سڳن آهوجا فن جي باريڪين بابت گهڻي رهنمائي ڪئي هئي“.

انهن ڏينهن بمبئي ۾ ”ساهت منڊل“ جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جن ۾ هري موٽواڻي به شريڪ ٿيڻ لڳو. هري موٽواڻي پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”تڙي پار“ 1960ع ۾ لکي ۽ بمبئي جي ادبي ڪلاس ۾ پڙهيائين. جيڪا ڏاڍي پسند ڪئي ويئي. هري موٽواڻي جو پهريون آکاڻين جو ڪتاب ”هڪ لهر“ 1975ع ۾ ڇپيو، جنهن بابت هو لکي ٿو ته ’اهي منهنجي ڀرپاسي جي جيون جون ڪهاڻيون هيون، جن سان مان جڙيل هوس. ان ڪتاب مون کي اديب جي سڃاڻپ ڏني.“ هري موٽواڻي جي آکاڻين جو ٻيو مجموعو ”ڌرتي“ 1983ع ۾ ۽ ٽيون مجموعو ”خوددار“ 1991ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن تي کيس مهاراشٽر جي سنڌي اڪيڊمي بهترين ڪتاب جو انعام ڏنو. سندس ڪهاڻين جو چوٿون مجموعو ”اڇا وار، ڪارا ڀئنور“ 1994ع ۾ ڇپيو.

پنهنجي ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي هري موٽواڻي لکي ٿو، ”منهنجي آکاڻين ۾ سماج جي الڳ الڳ طبقن ۽ انهن جي زندگي طرف ردعمل ۽ اشارا آهن. منهنجي پنهنجي اسٽائيل ۽ نموني ۾. مان ڪرافٽ مئن ڀل نه هجان، جيئن ٻيا ڪيترا ليکڪ آهن، جي آکاڻيءَ کي گهڙي تراشي پيش ڪندا آهن. مان سنئون سڌو اسٽوري ٽيلر آهيان. مان ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، پنهنجي انداز ۾ ، پنهنجي طرز سان.“

هري موٽواڻي جو پهريون ناول ”ابو“ 1988ع ۾ ڇپيو. ابو تي راءِ ڏيندي موهن ڪلپنا لکيو: جي نقاد ڪتاب کي اڇاترو پڙهندا، تن کي اهو اڇاترو ڏسڻ ۾ ايندو، نه ته ڪتاب ۾ ڏاڍي گهرائي آهي. درد جو درياهه آهي. ابو سنڌ ۽ هنڌ جي تاريخ آهي. صداقت سان لکيل قابل اعتماد هڪ تاريخي انڀو آهي. ابو ورهاڱي جي درد جو سنڌي ۾ پهريون ۽ فلحال آخري ناول آهي.“ ابو ناول تي هري موٽواڻي کي ”هارمني“ ايوارڊ (قومي ايڪتا) ڏنو ويو.

هري موٽواڻي جو ٻيو ناول ”اجهو“ 1990ع ۾ ڇپيو، جنهن جو تاڃي پيٽو، ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ سنڌي جيوت آهي. ناول بابت هري موٽواڻي لکي ٿو ”مان ڪافي عرصي کان محسوس ڪري رهيو هوس ته اسان سنڌين سان هتي اهڙو وهنوار ڪيو پئي ويو، ڄڻ اسان کي هتي مهرباني طور اجهو ڏنو ويو هو! ان ڪري جڏهن تڏهن غير سنڌين اسان سان زورايون پئي ڪيون آهن هر هنڌ! اديب ۽ فنڪار، جيڪو پنهنجي جاتي جوهڪ انگ آهي. اهو جڏهن جاتي تي ٿيل ڏاڍايون پاڻ تي ٿيل ڏاڍايون محسوس ڪرڻ ٿو لڳي، تڏهن هن جي قلم جنبش ۾ اچي ٿو ۽ هو پنهنجي قلم سان ان جبر خلاف احتجاج ڪري ٿو“. انهي ناول تي هري موٽواڻي کي ”ساهيتيه اڪيڊمي“ جو انعام ڏنو ويو.

هري موٽواڻي جو ٽيون ناول ”پاڻيارا پکي“ 1993ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ۽ انهيءَ جو ماحول ۽ پسمنظر هري موٽواڻي جي ڳوٺ ”ڌامراهه“ جو هو. انهيءَ ناول ۾ هن ڳوٺاڻي ماحول کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هري موٽواڻي جو چوٿون ناول ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو“ 1995ع ۾ ڇپيو. اهو ناول هري موٽواڻي جي ٽنهي ناولن کان مختلف آهي، جنهن بابت هري موٽواڻي لکي ٿو ”جن منهنجا پهريان ٽي ناول پڙهيا آهن انهن کي مون طرفان هن قسم جي ناول جي اميد ڪا نه هئي. انهن ليکي هن ناول ۾ سيڪس جي اُپٽار آهي. منهنجي ليکي سيڪس زندگي جو هڪ اهم حصو ۽ انگ آهي، تنهنڪري ان کان ڇرڪڻ واجب نه آهي“.

هري موٽواڻي جا ٻه ٻيا اهم ڪتاب[سنواريو]

  • جڙيل جن سان جند

سنڌ جو سفرنامو آهي. جيڪو 1988ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. اهو سندس 1987ع جي سنڌ ياترا جي ڪٿا آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ طارق اشرف لکيو، ”هري جي هن سفرنامي ۾ ڏاڍي بي ساختگي آهي. سڪ ۽ محبت صفحي صفحي تي نظر ايندي. هري ڏاڍي سهڻي ۽ دلچسپ نموني سفر جو احوال لکيو آهي. مان سنڌ ۾ رهان ٿو، سنڌ جي شين کي سوين نه بلڪه هزارين دفعا ڏٺو اٿم، پر ڪن ڪن نظارن ۽ شين جوذڪر هريءَ اهڙي نموني ڪيو آهي، ڄڻ مان به سنڌ ۾ اهي شيون پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هجان. هن سفرنامي لکڻ کانپوءِ هريءَ جو ادبي قد، ڀارت جي تمام وڏي سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا جيترو ئي ٿي ويو. هري جا ڪي ڪي جملا اهڙا وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن، ڄڻ ته اهي هري جا نه بلڪي ڪنهن وڏي شاعر جي رچنا مان ورتل هجن.“

  • آخري پنا

هري موٽواڻي جي آتم ڪهاڻي آهي، جيڪو 1997ع ۾ هند ۾ ۽ ساڳئي سال سنڌ ۾ پڻ ڇپيو. سنڌ جي ڇاپي ۾ ناز سنائي لکي ٿو: ”هي آتم ڪٿا هڪ ماڻهو جي آتم ڪهاڻي هوندي به هڪ قوم، هڪ ٻولي ۽ ان جي سڄي ساهت جي ڪهاڻي آهي ته اسين ڪيتريون نيون ڳالهيون پڙهي سگهون ٿا. هڪ ماڻهو جي ان سڄي سفر جي ڪهاڻي آهي، انهن سمورين ڏکن ۽ ڏاکڙن جي آکاڻي آهي، جيڪي هن کي پنهنجي سفر دوران پلئه پيا.“

ڪونج جو جاري ٿيڻ[سنواريو]

هري موٽواڻي جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ”ماهوار ڪونج“ رسالي جو جاري ڪرڻ هو. اهو رسالو هن 1960ع کان شروع ڪيو ۽ اڄ تائين جاري آهي. ڪونج جو پهريون رسالو ڊسمبر 1960ع ۾ ظاهر ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر موهن ڪلپنا ۽ ٻانهن ٻيلي گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا هئا. هري موٽواڻي انهيءَ جو پبلشر هو، پر ڪجهه رسالن نڪرڻ کانپوءِ، موهن ڪلپنا رسالي کان ڌار ٿي ويو ۽ اهو رسالو هري موٽواڻي هلائڻ شروع ڪيو. ”ڪونج“ جو هندستان ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي مقام آهي. انهي رسالي جي ذريعي هري موٽواڻي ڪيترن ئي ليکڪن کي باقاعده ليکڪ بڻايو، تنهن کانسواءِ ڪونج پاران ڪيترائي نوان سلسلا پڻ شروع ڪيا ويا. جهڙوڪ ”آئيني جي اڳيان“، جنهن ۾ هر پيڙهيءَ جي اديب جو سيلف پورٽريٽ ڇپيو. اڳتي هلي اهي سيلف پورٽريٽ ساڳئي نالي ”آئيني جو اڳيان“ سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. ڪونج پاران سهڪاري ناول ”يوجنا“ ۾ گوبند مالهي کان شروع ڪري موهن ڪلپنا تائين آخري قسط پهتي. اهو سنڌي ادب ۾ ته ڇا پر سڄي ادبي تاريخ ۾ نئون ۽ انوکو تجربو هو. ان جون ڌار ڌار قسطون لکندڙ ٽن پيڙهين جا ليکڪ هئا. اهڙي طرح جيئرن اديبن تي ”شخصيت نمبر“ ڪڍڻ جي روايت به ”ڪونج پبليڪيش“شروع ڪئي، تنهن کانسواءِ ڪونج پبليڪيشن پڻ قائم ڪيائين، جنهن پاران هڪ سئو کان به وڌيڪ ڇپايا ويا آهن. انهن مان ڪيترن ئي ڪتابن کي ساهيتيا اڪاڊمي ايوارڊ پڻ مليا. مٿين ادبي ڪم کانسواءِ ’ڪونج ٿيٽر‘ ۽ ’ڪونج فلمس‘ وجود ۾ آندائين. ڪونج ٿيٽر پاران ناٽڪ ”ننڊ نه ڪر نادان“ پيش ڪيو ويو ۽ ڪونج فلمس پاران ”هو جمالو“ نالي سنڌي فلم پروڊيوس ڪيائين، جنهن ۾ ديش پريم ڏيکاريو ويو، جنهن سبب مهاراشٽر، راجسٿان ۽ ڪن ٻين هنڌن تي وندر ڍل معاف ڪئي ويئي جهڙيون فلمون ٺاهيون.

هريءَ جا ڪتاب يونيورسٽين جي ٽيڪسٽ بُڪن ۾ شامل[سنواريو]

هري موٽواڻي جا ٽي ناول ”ابو“ ”اجهو“ ۽ ”پاڻيارا پکي“ راجسٿان ۽ ممبئي يونيورسٽين تي ٽيڪسٽ بڪ طور منظور ٿيل آهن. [1] [2]


حوالا[سنواريو]