هدايت پريم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هدايت پريم 24 مارچ 1942 تي ڄائو. سندس اصل ڳوٺ روهڙي آهي. ابتدائي تعليم روهڙي مان ورتائين ۽ ٿانوي تعليم سکر مان حاصل ڪيائين. پهريائين ٻيلي کاتي ۾ آفيسر هو. 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي اڄڪلهه اسسٽنٽ پروفيسر آهي. 1989 ۾ اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز لنڊن مان لسانيات ۾ ڊپلوما ڪيائين. هدايت صاحب 15 ڪهاڻيون ۽ ڪيئي مضمون لکيا آهن. سندس مضمونن جو تعلق لسانيات جي موضوع سان آهي.