نيوٽن جي حرڪت جا قانون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
طبعياتدان آئزڪ نيوٽن (1643–1727) جنھن حرڪت جا قانون دريافت ڪيا

نيوٽن جاحرڪت جا قانون: (Neotons three laws of motion):

نيوٽن جا حرڪت جا قانون فزڪس جا قانون آھن جيڪي ڪلاسيڪل ميڪينڪس جو بنياد آھن. جيڪي جسم ۽ انھن تي اثرانداز ٿيندڙ طاقتن جي وچ ۾ تعلق ۽ انھن طاقتن جي اثر سان پيدا ٿيندڙ حرڪت جي باري ۾ بيان ڪن ٿا.نيوٽن جا حرڪت جا ٽي قانون آھن. نيوٽن جا حرڪت جا قانون فزڪس جا قانون آھن جيڪي ڪلاسيڪل ميڪينڪس جو بنياد آھن جيڪي جسم ۽ انھن تي اثرانداز ٿيندڙ طاقتن جي وچ ۾ تعلق ۽ انھن طاقتن جي اثر سان پيدا ٿيندڙ حرڪت جي باري ۾ بيان ڪن ٿا. نيوٽن جي حرڪت جا ٽي قانون آھن.

⏩(1) Newton's First Law of Motion نيوٽن جو پھريون قائدو.

⏩(2) Newton's second law of Motion نيوٽن ٻيو قائدو.

⏩(3) Newton's third law of Motion نيوٽن جو ٽيون قائدو.

⏩(1) Newton's First Law of Motion ⏪(1) نيوٽن جو پھريون قائدو :-

جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي، اُهو هميشہ سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين اُن تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. زور هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو جسم جي سڪون واري حالت يا يڪسان حرڪت واري حالت کي تبديل ڪري ٿو. هڪ جسم هميشہ هڪ طرف ئي حرڪت ڪندو جيستائين اُن تي ڪو زور عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن اسين بال اُڇلائيندا آهيون تہ اُهو يڪسان حرڪت ڪندو رهي ٿو ۽ ڪجھ فاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ رڪجي ويندو آهي ڇاڪاڻ تہ گاٺ جو زور اُن بال کي حرڪت ڪندو رهڻ کان روڪي ٿو. نيوٽن جي پھرئين قائدي کي انرشا وارو قائدو بہ چئبو آهي. جيترو ڪنھن جسم جو مايو وڌيڪ هوندو، اوترو اُن تي انرشا وڌيڪ هوندو، ڇاڪاڻ تہ ڪنھن جسم جي حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ ايترو ئي زور گهربل هوندو آهي. فرض ڪيو تہ اوهان ڪنھن بس ۾ ويٺا آهيو، جڏهن بس هلڻ شروع ڪندي آهي تہ اوهان پاڻ کي پوئتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو ۽ جڏهن بس هلڻ بند ڪندي آهي تہ اوهان پاڻ کي اڳتي ڪرندي محسوس ڪندا آهيو. انرشا اسان کي ساڳي ئي حالت ۾ رکندي آهي انهي ڪري جڏهن بس هلڻ شروع ڪري ٿي تہ اسان جو بدن پوئتي ئي رهڻ جي ڪري پوئتي ڪري ٿو ۽ بس جي اوچتو بيھڻ جي ڪري اسان جا پير تہ بس جي بيھڻ سان هڪدم بيھي رهندا آهن پر اسان جو مٿيون جسم اڳتي هليو ويندو آھي ان ڪري اسان جو جسم اڳئين طرف ڪري ٿو. سيٽ بيلٽ بہ انهي قائدي جي بنياد تي ٺاهيا وڃن ٿا. پھريون قانون ٻڌائي ٿو تہ جيڪڏهن نيٽ فورس يا طاقت (net force) زيرو ھوندي تہ جسم جي رفتار (velocity) يڪسان ٿي ويندي آهي. رفتار اصل ۾ مقدار جو ويڪٽر آهي جيڪو جسم جي تيزي ۽ طرف ظاهر ڪري ٿو تنھن ڪري ايئن چئبو ته ڪنھن جسم جي رفتار يڪسان آھي تہ ان جو مطلب اھو ٿيندو تہ ان جسم جي ڪنھن رخ ۾ تيزي بہ يڪسان آھي.

⏩(2)Newton's second law of Motion :- ⏪نيوٽن ٻيو قائدو :-

نيوٽن جي پھرئين قاعدي ۾ آهي تہ جيڪو جسم سڪون واري حالت ۾ آهي، اهو هميشہ سڪون واري حالت ۾ رهي ٿو، جيستائين ان تي ڪو ٻاهريون زور اثر نٿو ڪري. پر ٻاهرين زور کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ اهو وري نيوٽن جي ٻئي قائدي ۾ بيان ٿيل آهي. نيوٽن جو حرڪت جو ٻيون قاعدو دراصل زور کي بيان ڪري ٿو جيڪو جسم جي سڪون واري حالت کي تبديل ڪري، اهو زور آهي. جڏهن ڪنهن بہ جسم تي زور لڳائجي ٿو تہ اهو انهيءَ جسم ۾ تيزي پيدا ڪري ٿو. ٻن مختلف جسم جن ۾ هڪ هلڪو ۽ ٻيو ڳورو آهي، ٻنهي تي ساڳيو زور لڳائجي ٿو تہ هلڪي جسم ۾ پيدا ٿيل تيزي ڳري جسم جي تيزي کان وڌيڪ هوندي آهي. ڪنھن بہ جسم جي تيزي ان تي لڳايل زور جي مقدار سان سڌي نسبت رکي ٿي. جڏهن ڪنهن جسم تي مسلسل زور لڳائجي ٿو تہ ان جسم جي تيزي ۽ ان جي رخ ۾ فرق اچي ٿو. جيڪڏهن هڪ جسم اڳ ۾ ئي حرڪت ۾ آهي تہ ٿي سگهي ٿو ان جسم جي تيزي وڌي وڃي يا آهستي ٿي وڃي يا وري ان جو رخ تبديل ٿئي، اهو ان جسم تي لڳايل زور جي رخ تي منحصر آهي. زور کي ”F“ ، مايي کي ”m“ ۽ لڳايل زور جي تيزي کي ”a“ سان بيان ڪيو وڃي ٿو. رياضي مطابق تيزي ۽ زور جي تعلق کي هيٺين فارمولا ذريعي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. F = ma

⏩(3)Newton's third law of Motion :- ⏪نيوٽن جو ٽيون قائدو :-

ٻن جسمن جي باهمي عمل ۾ ٻہ زور شامل ٿين ٿا، هڪ کي عمل جو زور چئبو آهي ۽ ٻئي کي ردعمل جو زور چئبو آهي. نيوٽن جي حرڪت جي ٽئين قاعدي ۾ هر عمل ۾ برابر ۽ مخالف ردعمل ٿئي ٿو. مثال طور، جيڪڏهن اوهان ڪنھن ڀت کي ڌڪو ڏيو ٿا تہ اها ڀت بہ اوهان کي اوترو ئي زور سان واپس ڌڪيندي. ڪنهن بہ جسم تي عمل ٿيندڙ زور ان جي مخالف ٿيندڙ ردعمل جي برابر هوندو. جيئن هڪ هموار ميز تي هڪ ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي، زمين جي ڪشش ثقل وارو زور ان ڪتاب کي هيٺاهين طرف ڌڪي رهيو آهي، ساڳئي ريت ميز ڪتاب کي مٿئين طرف ڌڪي رهي آهي. اهي ٻئي زور متوازن هجڻ جي ڪري ڪتاب سڪون واري حالت ۾ آهي ۽ ان تي عمل ڪندڙ زور جو حاصل ٻڙي آهي. راڪيٽ جو مٿي آسمان طرف وڃڻ بہ نيوٽن جي ٽئين قاعدي کي بيان ڪري ٿو. راڪيٽ جي انجڻ ۾ ٻارڻ جي ٻرڻ سبب ڪيتريون ئي گيسون پيدا ٿين ٿيون. اهي گئسون ڦوهاري جي صورت ۾ تمام گهڻي تيزي سان راڪيٽ جي پوئين پاسي کان ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ ان جي ردعمل ۾ راڪيٽ ساڳي تيزي سان مٿين طرف حرڪت ڪري ٿو. نيوٽن جو ٽيون قاعدو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن A زور B مٿان لڳائي ۽ B وري ساڳيو زور A مٿان لڳائي تہ پھريون زور ايڪشن يا عمل سڏبو ۽ ۽ ٻيون زور وري ري ايڪشن يا رد عمل سڏبو. ياد رھي تہ زور کي انگريزي ۾ فورس چوندا `ھن پر پراڻي انگريزي ۾ فورس کي لفظ ايڪشن سان ظاهر ڪندا ھئا تنھنڪري نيوٽن جو فورس جو ٽيون قائدو ايڪشن جو ٽيون قاعدو سڏبو آهي. فزڪس جي ڊڪشنريءَ مطابق رد عمل جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ محدود حالت ۾ بہ استعمال ٿيندو آھي يعني ڪنھن ٽيڪ جو ڪنھن شئي تي ٽيڪ ڏيڻ سان ٿيندو آهي. ان صورت ۾ عمل ان شئي تي ٽيڪ جي وزن جو نتيجو ھوندو آھي.

حرڪت جو پھريون قانون[سنواريو]

پھريون قانون ٻڌائي ٿو تہ جيڪڏهن نيٽ فورس يا طاقت (net force) زيرو ھوندي تہ جسم جي رفتار (velocity) يڪسان ٿي ويندي آهي. رفتار اصل ۾ مقدار جو ويڪٽر آهي جيڪو جسم جي تيزي ۽ طرف ظاهر ڪري ٿو تنھن ڪري جڏهن ايئن چئبو ته ڪنھن جسم جي رفتار يڪسان آھي تہ ان جو مطلب اھو ٿيندو تہ ان جسم جي ڪنھن رخ ۾ تيزي به يڪسان آھي. حرڪت جي ھن پھرين قانون کي رياضي جي مساوات م ھيٺين طريقي سان لکبو آھي:


ھي مساوات ٻڌائي ٿي ته

  • جيڪڏهن جسم ساڪن ھوندو ت ان ۾ حرڪت نہ ٿيندي سواء تڏھن جڏھن ان تي ڪو زور يا فورس استعمال ٿئي.
  • جيڪڏهن ڪا شئي حرڪت ۾ آهي ته ان جي رفتار تيستائين تبديل نہ ٿيندي جيستائين ان ۾ طاقت يا فورس جو دخل نہ ٿئي.

حرڪت جو ٻيون قانون[سنواريو]


بدلجندڙ جسم وارو نظام(Variable-mass system)[سنواريو]


حرڪت جو ٽيون قانون[سنواريو]

نيوٽن جو ٽيون قاعدو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن A زور B مٿان لڳائي ۽ B وري ساڳيو زور A مٿان لڳائي ته پھريون زور ايڪشن يا عمل سڏبو ۽ ۽ ٻيون زور وري ري ايڪشن يا رد عمل سڏبو. ياد رھي تہ زور کي انگريزي ۾ فورس چوندا `ھن پر پراڻي انگريزي ۾ فورس کي لفظ ايڪشن سان ظاهر ڪندا ھئا تنھنڪري نيوٽن جو فورس جو ٽيون قائدو ايڪشن جو ٽيون قاعدو سڏبو آهي. فزڪس جي ڊڪشنريءَ مطابق رد عمل جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ محدود حالت ۾ به استعمال ٿيندو آھي يعني ڪنھن ٽيڪ جو ڪنھن شئي تي ٽيڪ ڏيڻ سان ٿيندو آهي.ان صورت ۾ عمل ان شئي تي ٽيڪ جي وزن جو نتيجو ھوندو آھي.