نيلسن منڊيلا
نيلسن منڊيلا (Nelson Mandela) 18 جولاءِ، 1918ع تي ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ٽرانسڪي جي گاديءَ واري هنڌ امٽاٽا جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ "موويزو" ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هن جو نالو "رولي هلاهلا" رکيو، جنھن جي معنى وڻ جي شاخ کي ڇڪڻ آهي پر عام ڳالھه ٻولهہ ۾ ان جو مطلب "هلچل پيدا ڪرڻ وارو" آهي.
نيلسن منڊيلا | |
---|---|
(خوسيا ۾: Nelson Rolihlahla Mandela) | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (خوسيا ۾: Rolihllahla Mandela) |
ڄم | 18 جُولاءِ 1918 [1][2][3][4][5][6][7][8][9][10] |
موت | 5 ڊسمبر 2013 (95 سال)[11][3][12][5][6][7][8][9][10] |
شھريت | ![]() |
عملي زندگي | |
مادر علمي | لنڊن يونيورسٽي |
پيشو | سياستدان |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي [3][13] |
اعزازات | |
دستخط | |
![]() | |
ويب سائٽ | |
ويب سائٽ | باضابطہ ویب سائٹ (Afrikaans ، انگريزي ٻولي ۽ Xhosa ) |
![]() | IMDB تي صفحو |
ترميم ![]() |
نيلسن روليلهلا منڊيلا (Xhosa: xolíɬaɬa mandɛ̂ːla؛ 18 جولاءِ 1918 - 5 ڊسمبر 2013) هڪ ڏکڻ آفريڪي مخالف نسل پرست ڪارڪن ۽ سياستدان هو، جيڪو سال 1999ع کان 1994ع تائين ڏکڻ آفريڪا جو پهريون صدر رهيو. هن جي حڪومت، نسلي ملاپ کي فروغ ڏيڻ سان، نسل پرستي جي ورثي کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. نظرياتي طور تي هڪ آفريڪي قومپرست ۽ سوشلسٽ، هن سال 1991ع کان 1997ع تائين آفريڪن نيشنل ڪانگريس (ANC) پارٽي جي صدر طور ڪم ڪيو.
اقتصادي طور تي، هن جي انتظاميه پنهنجي سوشلسٽ عقيدن جي باوجود پنهنجي اڳوڻي لبرل فريم ورڪ کي برقرار رکيو، زمين جي سڌارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ، غربت کي منهن ڏيڻ ۽ صحت جي سار سنڀار جي خدمتن کي وڌائڻ لاء قدمن کي متعارف ڪرايو. بين الاقوامي سطح تي، منڊيلا پان ايم فلائيٽ 103 بم ڌماڪي جي مقدمي ۾ ثالث جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ 1998 کان 1999 تائين نان الائنڊ موومينٽ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان ڪم ڪيو. هن هڪ ٻيو صدارتي مدو رد ڪيو ۽ سندس نائب، ٿابو مبيڪي ان جي جاءِ تي ويٺو. منڊيلا هڪ بزرگ سياستدان بڻجي ويو ۽ خيراتي نيلسن منڊيلا فائونڊيشن ذريعي غربت ۽ ايڊز (HIV/AIDS) جي ڦيلائو کي روڪڻ لاء ڪوششن تي ڌيان ڏنو.
منڊيلا پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو هڪ تڪراري شخصيت رهيو. جيتوڻيڪ ساڄي پاسي جي نقادن هن کي ڪميونسٽ دهشتگرد قرار ڏنو ۽ پري کاٻي پاسي وارا هن کي فرقيواريت جي حامين سان ڳالهين ۽ صلح ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو خواهشمند سمجهن ٿا، هن پنهنجي سرگرمينءَ لاءِ عالمي شهرت حاصل ڪئي. عالمي سطح تي جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو، هن کي 250 کان وڌيڪ اعزاز مليا، جن ۾ نوبل امن انعام پڻ شامل آهي. هن کي ڏکڻ آفريڪا ۾ وڏي عزت سان ماڻيو ويندو آهي، جتي هن کي اڪثر ڪري سندس ٿيمبو قبيلي جي نالي، "مديبا" ۽ "قوم جو پيء" جي طور تي بيان ڪيو ويندو آهي.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]ننڍپڻ ۽ تعليم
[سنواريو]نيلسن منڊيلا ماديبا برادري جو فرد آهي ماديبا سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو جيڪو 18هين صدي عيسويءَ ۾ ٽرانسڪي تي حڪمراني ڪندو هو. نيلسن منڊيلا جي والد کي چار زالون هيون جنھن مان ”نوسي ڪيني فيني" هن جي ماءُ هئي. هن جي ٻاروتڻ ۾ ئي ڪنھن جي چغليءَ سبب سندس پيءُ جي سرداري واري حيثيت کَسجي وئي سندس سموري زمين، ڌن ۽ دولت بہ ضبط ڪئي وئي. ان صورتحال کانپوءِ هن خاندان جو اُتي رهڻ مشڪل بڻجي ويو سندس امڙ موويزو کان پري هڪ وڏي وسندي "قونو" منتقل ٿي وئي جتي سندس مائٽن جو سھارو مليو. منڊيلا 5 سالن جي عمر ۾ ئي دراڙ بڻجي ويو. هن ننڍي عمر ۾ ئي لٺ ۽ خنجر جي ويڙھه وڙهڻ جا طريقا سکي ورتا، جيڪي ڪنهن آفريڪي ڳوٺاڻي لاءِ ضروري سمجهيا ويندا آهن. 7 سالن جي ڄمار ۾ هن جو اسڪول وڃڻ ٿيو، اسڪول وڃڻ لاءِ سندس سٺو لباس سندس والد جي پينٽ ڪٽي پارائي وئي، پينٽ کي هڪ رسيءَ سان ٻڌو ويو. جنھن اسڪول ۾ هن کي ويھاريو ويو اُتي انگريزي فڪر ۽ نظرئي، انگريزي ثقافت ۽ روايتن کي هر شيءَ تي برتري حاصل هئي. اُن اسڪول ۾ انگريزن طرفان آفريڪين سان تعصب پرستي جي بنياد تي سندن نالا نہ ورتا ويندا هئا، جنھن سبب ”رولي هلا هلا“ کي اسڪول ۾ "نيلسن" جو نالو ڏنو ويو. جڏهن هي 9 سالن جو هو تہ سندس پيءُ ڦڦڙن جي بيماري ۾ گذاري ويو. سندس پيءُ جي وفات کانپوءِ سندس امڙ کي سندس ڳوٺ ”قونو“ ڇڏي ”ٿمبو لينڊ“ جي گادي جي هنڌ ”مڪيڪزويني“ اچڻو پيو. ٿمبو لينڊ جي قائم مقام سردار "ريجنٽ جوغن ٽابا" هن جي پيءُ سان واعدو ڪيو هيو تہ تنھنجي وفات کانپوءِ تنھنجي پٽ جي هو سرپرستي ڪندو. پوءِ 10 سالن تائين ريجنٽ نيلسن جو محسن بڻيو رهيو. نيلسن جي اميدن جو مرڪز سندس امڙ کيس نئين هنڌ ڇڏي واپس ”قونو“ هلي وئي. ان دوران هن جي تعليم ۽ تربيت ٿيندي رهي. هن اُتي انگريزي ۽ هاوسا ٻولين، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم جي شروعات ڪئي. هتي هي مذهب جي ڪافي ويجهو رهيو، هر آچر تي ريجنٽ ۽ سندس زال سان گڏ "ديول" ويندو هيو. ريجنٽ جي محل ۾ اڪثر قبيلائي اجلاس ٿيندا هئا جتي هر قسم جا مسئلا انگريزن جا ظلم ۽ ڏاڍ بحث هيٺ ايندا هئا. اُتي عام ماڻهن کي شرڪت جي اجازت هئي، ماڻهو بحث مباحثو ڪندا هئا، اجلاس ۾ موجود هر ماڻهو هڪ جهڙي حيثيت رکندو هو جنھن مان اصولي جمھوريت نظر ايندي هئي. نيلسن انهن بحث مباحثن کي ڌيان سان ٻڌندو هو. جڏهن ريجنٽ تي سخت تنقيد ٿيندي هئي تہ ريجنٽ خاموشي سان سڀ ڪجهہ ٻڌندو هو ڪڏهن بہ جذباتي رويي جو اظهار نہ ڪندو هو، ريجنٽ هر قسم جي تنقيد کي برداشت ڪندو هو ۽ آخر ۾ سڀني جي راءِ جو احترام ڪندي گڏيل فيصلو ڪيو ويندو هو، ڪوبہ فيصلو مڙهيو نہ ويندو هو. اڳتي هلي نيلسن منڊيلا پنھنجي سياسي جدوجھد دوران انهن سياسي ڪچھرين، روين ۽ جمھوري روايتن کي ئي اپنايو ۽ سدائين هڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ انهن اصولن جي پيروي ڪئي. هن محل ۾ قيام دوارن آفريڪا جي سمورين قومن ۽ قبيلائي بادشاهن ۽ حڪمرانن جي داستانن کان بہ واقفيت حاصل ڪئي. ان ڄاڻ دوران هن کي ڪيترائي آفريڪي هيروز ٻاهرين پرماريت جي خلاف جدوجھد ڪندي نظر آيا انهن بھادرن جي ياد سدائين هن پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سانڍي رکي. هن سدائين ريجنٽ جي ان اصول کي ياد رکيو تہ
"هڪ اڳواڻ جو مثال هڪ دراڙ جھڙو آهي هُو ڌڻ جي پٺيان پٺيان هلندو آهي اڳيان ويندڙن کي اهو احساس نہ ٿيندو آهي تہ سندن رهنمائي تہ سڀني جي پويان رهندڙ ڪندو آهي. گورن جي اچڻ کان اڳ سڀ آفريڪي ٿمبو، ڪونڊو، زهوسا، زولو سڀ هڪ پيءُ جو اولاد هئا امن ۽ سڪون سان گڏجي رهندا هئا، گورن هنن جي ڀائيچاري کي بہ تباھ ڪيو ۽ هنن جو سڀ ڪجهہ کسي ورتو."
هي آفريڪي ماڻهو ”بنتو“ ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي تاريخ، ڍنڍن، ميدانن ماٿرين جي هن کنڊ ۾ هزارين سال پراڻي آهي. نيلسن منڊيلا پنھنجي نئين رهائشگاھ ريجنٽ جي محل ۽ سندس اباڻو ڳوٺ جيڪو کيس ڪڏهن بہ نہ وسرندو هو جتي هن جو سڀ ڪجهہ هو ”قونو“ ڏانهن بہ ايندو ويندو هو. ننڍ پڻ ۾ علائقي جا ماڻهو هن کي ڄٽ ڳوٺاڻو چوندا هئا جڏهن هن ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تہ سندس وڏي ڀيڻ نيلسن کي ڄٽ ڇوڪرو چيو ۽ کيس چيو تہ هو پنھنجي سڄي زندگي تباھ ڪري ڇڏيندو ۽ ائين هن جا نيلسن سان لاڳاپا ختم ٿي ويا.
بالغ پڻ
[سنواريو]طھرن وقت نيلسن کي هڪ ٻيو نالو "ڊالي ڀنگها" به ڏنو ويو. ڀنگها ٽرانسڪي جي روايت حڪمران جماعت کي چوندا آهن ۽ هي ان جو بنيادي ميمبر هو. طھرن جي رسم جي خاتمي کانپوءِ هڪ خاص گڏجاڻي ڪئي ويندي آهي ان گڏجاڻي کي خطاب دوران سردار "ميلي ڪلي" انتھائي مختلف تقرير ڪري ويٺلن جا هوش اُڏائي ڇڏيا. هن چيو تہ
"هاوسا قبيلي جي هن خوبصورت نوجوانن ۽ پٽن کي جيڪي اسان جي قوم جو انمول سرمايو آهن ڪجهہ بہ ڏئي نہ ٿا سگهون، اسين هنن جي جوان مردي جا خواب پورا ٿيندي ڏسي نہ ٿا سگهون ڇاڪاڻ تہ "هاوسا" قوم سميت ڏکڻ آفريڪا جا سڀ ماڻهو مفتوح قوم آهيون، اسين پنهنجي ملڪ ۾ غلام آهيون، اسان کي پنھنجي وطن جي سرزمين تي ڪو بہ اختيار نہ آهي."
نيلسن منڊيلا ان تقرير کي سنجيدگي سان ٻڌو ۽ افسوس جو اظھار ڪيو تہ سردار جو خطاب بي معنى آهي، هُو سمجهي رهيو هو تہ گورن جي ڪيل ترقي سردار کي سمجهہ ۾ نہبٿي اچي، اسين نوجوان جيڪي انگريزي زبان سکي رهيا آهيون جنھن سان ترقي جا رستا نڪرندا اها بہ کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي. پر ڊگهي عرصي واري جدوجهد کانپوءِ نيلسن اهو سمجهي ورتو تہ ان ڏينھن وارو مقرر اهو ڄٽ سردار نہ پر ڄڻ هُو پاڻ هو. نيلسن کي وڌيڪ پڙهائي لاءِ "ڪلارڪ بري جي انسٽيٽيوٽ" ۾ داخلا وٺڻ لاءِ "انگ ڪوبو" وڃڻو پيو. ڪلارڪ بري ٿمبو لينڊ ۾ آفريڪن جو اعلى ترين تعليمي ادارو تصور ڪيو ويندو هو.
ريجنٽ ۽ سندس زال هن جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا، هن جي تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکندا هئا. هن تعليمي اداري ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏنو، راند ۾ دلچسپي وٺندو هو، فٽبال ۽ ٽينس هن جون پسنديده رانديون هيون. سندس تعليمي قابليت وچٿري هئي. سال 1937ع ۾ هن فورٽ بيوفورٽ جي "هيلڊ ٽائون مشنري اسڪول" ۾ داخلا ورتي جتي ريجنٽ جو پٽ جسٽس اڳي ئي موجود هو. اڻويھين صدي ۾ "فورٽ بيوفورٽ" هڪ انگريزي چوڪي هئي. گورن هاوسا ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن جي زمينن تي قبضو ڪيو ان لڙاين دوران هاوسا قوم ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن جهڙوڪ سنڊيلي، مکانڊا ۽ موڪوما، شھرت حاصل ڪئي. هنن کي برطانوي حڪمرانن "رابن آئلينڊ" ۾ جلاوطن ڪري ڇڏيو جتي هنن وفات ڪئي.
فورٽ بيو فورٽ جتي اڳ صرف هاوسا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا هاڻي صرف گورن ماڻهن جي بستي هئي. هن ڪاليج ۾ هڪ ڏينھن عظيم هاوسا شاعر، "ڪرونو مڪا هوي" آخري سال جي الوداعي پروگرام ۾ مھمان طور آيو هن جي تاريخي تقرير نيلسن منڊيلا کي شعور جي واٽ تي هلڻ لاءِ گس ڏسيو ۽ منڊيلا سوچيو تہ آفريڪي عوام گورن جي غلامي کان ضرور آجو ٿيندو. ان کانپوءِ نيلسن "يونيورسٽي ڪاليج فورٽ هيري" ۾ داخلا ورتي جنھن جو بنياد 1916ع ۾ اسڪاچ مشن وارن رکيو هو. جتي اڻويھين صدي ۾ انگريزن هاوسا قوم جي اڳواڻ ۽ ويڙهاڪ، "سنڊيلي" کي شڪست ڏنيو هو. ان دوران نيلسن جي دماغ ۾ هڪ ڳالھه هي بہ ھئي تہ صرف پڙهيل لکيل انگريز ئي سندس ماڊل آهي انهن جو مقصد صرف ڪارو انگريز بڻجڻ آهي، اهو ئي کين سيکاريو ويندو هو. هي ان تي بہ يقين ڪندا هئا تہ بھترين فڪر ۽ نظريو "انگريز نظريو"، بھترين حڪومت "انگريز حڪومت" ۽ بھترين انسان "انگريز انسان" ئي آهن. هن يونيورسٽي ۾ آفريڪا جا ڪجهہ عظيم استاد ۽ ڏاها موجود هئا، "پروفيسر ذڪ ميٿيوز" هڪ کاڻيون کوٽيندڙ جو پٽ ۽ مثالي اسڪالر هو ۽ بنا ڪنھن ڊپ جي گورن جي حڪمراني خلاف ڳالهائيندو هو.
فورٽ هيري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران نيلسن منڊيلا تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو هو تہ آءُ برطانيا جي نائب وزير اعظم، "سموٽس" جي هٿان ڊگري وصول ڪندس. هُو برطانيا جو زبردست حمايتي هو، هُو بي بي سي (BBC) تان پنھنجن دوستن سان گڏ ونسٽن چرچل جون پُرجوش تقريرون ٻڌي خوش ٿيندو هو پر سندس هڪ ڪلاس فيلو "گوگيسا" جو چوڻ هو تہ "سموٽس" نسل پرست شخص آهي ۽ ان ڪري مذمت لائق آهي. عجيب ڳالهه هي آهي ته اسين پاڻ کي ڪارو انگريز سمجهون ٿا پر گورا اسان تي ظلم ڪن ٿا ۽ اسان کي مھذب بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
"گوگيسا" جي خيالن نيلسن کي ڇرڪائي وڌو هو. هڪ ڀيري سندس دوست "پال" سان گڏ ٽپال گهر وٽ بيٺو هو ته گوري مجسٽريٽ ۽ پال جي درميان تلخ ڪلامي ٿي، نيلسن پال جي جرات ۽ بيباڪي کي احترام سان ڏٺو. هُو آفريڪي عوام سان ٿيل نا انصافي بابت ڪجهہ سمجهڻ لڳو هو پر کيس اڃا ايتري جرئت يا شعور جي پختگي نہ هئي جو پھرين صف ۾ اچي وڃي. هاڻي هُو تعليمي اداري ۾ هاسٽل ۾ رهائش، کاڌي پيتي جو معيار ۽ شاگردن کي وڌيڪ اختيار ڏيارڻ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو حصو بڻجڻ لڳو. ان دوران ريجنٽ سندس شادي هڪ مقامي خاندان ۾ ڪرائڻ پئي چاهي، پر هُو ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي گڏيل تعليمي ماحول ۾ رومانيت پسند نوجوان بڻجي چڪو هو، جنھن ڪري پنھنجي شريڪ حيات جي چونڊ جو اختيار ريجنٽ کي ڏيڻ لاءِ راضي نہ هو.
ملازمت
[سنواريو]"جسٽس" ۽ هن جوهانسبرگ لاءِ رٿا تيار ڪئي ۽ مختلف طريقن سان ڪاغذ پٽ ٺھرائي جوهانسبرگ پھچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جوهانسبرگ جو بنياد 1886ع ۾ سون جي کاڻين جي دريافت ڪرڻ وقت رکيو ويو. نيلسن کي کاڻ جي هيڊمين "پي ليسو" وٽ پوليس مين طور نوڪري ملي وئي. کاڻين جا منتظم آفريڪي سردارن جي وڏي عزت ڪندا هئا ڇاڪاڻ تہ کين سستي ليبر (مزدور) ملي ويندي هئي. ريجنٽ جي سردار هئڻ ڪري نيلسن کي بہ فائدو پھتو. کاڻين ۾ مختلف قبيلن جي ماڻهن کي الڳ الڳ رکيو ويندو هو جئين هُو متحد نہ ٿي سگهن. نيلسن جي ڊيوٽي ۾ شامل هو تہ هُو مٿي تي ٽوپلو پائي هڪ هٿ ۾ ٽارچ کڻي ٻئي هٿ ۾ ڏنڊو کڻي گيٽ تي بيھي سيٽي وڄائيندو رهي ۽ ان گيٽ تي هڪ بورڊ لڳل هو جنھن تي لکيل هو،
"خبردار مقامي ماڻهن جي داخلا تي بندش آهي."
نوڪري جي خاتمي کانپوءِ هُو هڪ معزز "ڊاڪٽر زوما" وٽ پھتو جيڪو ٽرانسڪي جو رهاڪو هو ۽ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو صدر بہ هو. نيلسن پھريون ڀيرو پنھنجي پسٽل جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيو جنھن تي ٿاڻيدار کيس ٻئي ڏينھن تي اچڻ جو چئي آزاد ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو تہ هن اهو پسٽل ٺڳن ۽ ڦورن کان بچڻ لاءِ رکيو هو.
نيلسن 1941ع ۾ جوهانبسرگ آيو. جوهانسبرگ ۾ پھچڻ سان هُو سخت پريشان هو نوڪري نہ ملڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو پوءِ هُو پنھنجي سئوٽ سان گڏ رهڻ لڳو. هن جي خواهش هئي تہ هُو سٺو وڪيل ٿئي. ٻئي ڏينھن تي سندس سئوٽ هن کي هڪ اسٽيٽ ايجنسي جي آفيس ۾ وٺي ويو جتي هن ٽرانسڪي جي نوجوان "والٽر سوسولو" سان ملاقات ڪرائي. جيڪو آفريڪي رهاڪن لاءِ جائيداد جي خريد و فروخت جو ڪم ڪندو هو. سال 1940ع ۾ جوهانسبرگ جي ڪجهہ علائقن ۾ آفريڪا جي رهاڪن کي جائيداد جي خريد و فروخت جا حق هئا جڏهن تہ سٽي ڪائونسل جي گهرن ۾ فقط رهائش جا حق هئا. سوسولو آفريڪي آبادي ۾ هڪ واپاري ۽ مقامي اڳواڻ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو. هُو پنھنجن ماڻهن جي لاءِ هڪ سگهارو شخص ڄاتو ويندو هو. نيلسن پنھنجي تعليم متعلق تڪيلفن کان کيس آگاھه ڪيو ۽ سوسولو هن کي خاطري ڪرائي. سوسولو انتھائي ذهين هو ۽ انگريزي ٻولي ڏاڍي مھارت سان ڳالهائيندو هو، حيراني جي ڳالھه اها هئي تہ هُو فقط پنج درجا پڙهيل هو.
آفريڪا جي اڪثر اڳواڻن يونيورسٽي جو ڪڏهن منھن بہ نہ ڏٺو. منڊيلا جوهانسبرگ ۾ هئڻ دوران مختلف هنڌن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو، ڪافي پريشان رهندو هو پر هن ڪڏهن بہ همٿ نہ هاري. والٽر سوسولو جي مدد سان "لازار سائٽ اسڪاءِ" فرم ۾ ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. هن وڪيل ٿيڻ لاءِ رات جي وقت يونيورسٽي ۾ خط و ڪتابت ڪورس ۾ داخلا پڻ ورتي.
اها فرم قانوني صلاحن کانسواءِ آفريڪن لاءِ جائيداد جي ڏيڻ وٺڻ جو ڪاروبار بہ ڪندي هئي. والٽر ان لاءِ گراهڪ ڳولهيندو هو ۽ ڪميشن وٺندو هو. ڪمپني جو مالڪ "لازار" نيلسن کي سخت محنت جي تلقين ڪندو رهندو هو. هن جو چوڻ هو ته، "پڙهيل لکيل انسان کي دٻائي نہ ٿو سگهجي، ان وٽ غور فڪر جي سگهہ هوندي آهي." هن نيلسن کي نصيحت ڪندي چيو تہ "هڪ سٺو قانوندان بڻجي ديس واسين جي بهترين خدمت ڪري سگهين ٿو، تو کي هڪ ڪامياب ۽ مثالي شخص بڻجڻ گهرجي."
فرم جو ٻيو مالڪ "سائيڊل سڪاءِ" هو، هُو هن جو استاد رهيو ۽ معمولي کان معمولي ڪم بابت سمجهائندو هو، قانون بابت سمجهائيندو هو، هُو نيلسن کي سياست کان پري رهڻ جي تلقين ڪندو هو، چوندو هو تہ، "سياست تمام خراب شئي آهي"، هُو والٽر سوسولو جي قابليت جو اعتراف ڪندو هو پر سندس سياست کان بيزار هو. آفيس ۾ "گوراڊيبي" اڪثر سائٽ اسڪاءِ سان الجهيل رهندو هو. اصل ۾ هُو آفريڪي نيشنل ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو. هن گوراڊيبي سان گڏ رهي اهو سکيو تہ فقط ڊگري قيادت جي ضمانت بڻجي نہ ٿي سگهي، قيادت عوام جي خدمت ڪندي حاصل ڪري سگهجي ٿي. گوراڊيبي نيلسن کي سينڊوچ ڏيندي چيو تہ "هن مان اڌ تون کاءُ"، هن ائين ئي ڪيو، گوراڊيبي نيلسن کي چيو تہ "ڏس هي ئي ڪميونزم جو فلسفو آهي". هُو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو ۽ هن نيلسن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر هن سڪاءِ جي هدايت تي عمل ڪيو ۽ ڪنھن بہ سياسي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو. نيلسن ڪيئي ڀيرا ڪميونسٽ پارٽي جي اجلاسن ۾ شرڪت بہ ڪيو پر صرف ڄاڻ جي لاءِ.
هاڻي هُو پنهنجي وطن ۾ گورن جي ڏاڍ ۽ جبر جي تاريخ کان واقف ٿي چڪو هو، نيلسن ان کي نسل پرستي جو نتيجو سمجهندو هو. جوهانسبرگ ۾ "اليگزينڊرا" جو علائقو آفريڪي ماڻهن جي لاءِ جنت جو نمونو هو. هتي لُچ لوفرن، بدمعاشن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ هئڻ جي باوجود ماڻهو خوش رهندا هئا، جتي آفريڪين کي جائيداد ۽ ملڪيت جو حق حاصل هو، جتي گورن آفيسرن جي ڏاڍ کانسواءِ پنھنجي معاملن جا خود مالڪ هئا. اها بستي ڳوٺن مان نڪري شھري زندگي گذارڻ جو بهترين موقعو فراهم پئي ڪري. گوري حڪومت جي ڪوشش هوندي هئي تہ هو ٻھراڙين ۾ هجن يا جيڪڏهن شھرن ۾ اچن تہ کاڻين جا مزدور ٿي رهن. هن وسندي ۾ نيلسن زندگي جا ڪيترائي ورهيہ گذاريا، کيس فرم طرفان هفتي ۾ ٻہ پائونڊ پگهار ملندو هو. ان پگهار مان ڪمري جي مسواڙ، يونيورسٽي جي في، سفر ۽ ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو. هن شديد غربت جي حالت ۾ گذاريو، تيل وارو ليمپ خريد ڪرڻ هن جي وس ۾ نہ هو. ڪڏهن ڪڏهن پئسا بچائڻ لاءِ ڪيترائي ميل پنڌ ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ڏينھن ڪپڙا بہ نہ مٽائي سگهندو هو.
"فلز ماسيڪو" فورٽ هيري ڪاليج ۾ هن سان گڏ رهي چڪي هئي، اُن هن کي پنھنجو ڏس پتو ڏنو ۽ چيو هئائينس تہ جڏهن بہ ضرورت پوي تہ مون وٽ اچجانءِ. هڪ ڏينهن سخت بک لڳڻ ڪري هُو هن جي گهر ويو، جنھن هن کي سٺي ماني کارائي ۽ پوءِ اڪثر هو هن جي گهر ماني کائڻ ويندو رهندو هو. هي پنھنجو گهڻو وقت تعليم جي حصول ۽ قانوني فرم ۾ نوڪري ڪندي گذاريندو هو.
هڪ ڀيري باسوٽو لينڊ جي راڻي، "موشويش وي" سان ملاقات دوران هن منڊيلا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ تون هڪ اهڙو وڪيل ۽ اڳواڻ آهين جيڪو پنھنجي قوم جي زبان کان بہ واقف ناهي. نيلسن گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيو تہ ڪيئن نہ گوري سرڪار اسان آفريڪي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مختلف ٻولين ۽ گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جو اسان پنھنجي وطن ۾ هڪڙي رنگ، هڪڙي ثقافت، هڪڙي ٻولي هجڻ جي باوجود گڏ ناهيون.
سال 1942ع ۾ سندس سنڀاليندڙ، ريجنٽ گذاري ويو، هي اُتي پھتو پر ريجنٽ اڳ ئي دفن ٿي چڪو هو. ريجنٽ اهڙو ماڻهو هو جيڪو سڀني جي ڳالھه ڌيان سان ٻڌندو هو، هر ڪنھن کي عزت جي نگاھه سان ڏسندو هو، جنھن ڪري علائقي جا سڀ ماڻهو سندس چاهيندڙ هئا. ريجنٽ ننڍڙي علائقي جو سردار هو پر هن جي عوام سان پنھنجائپ، مسئلن ڏانهن سنجيدگي، سٺي انسان وارين خوبين جي ڪري باوجود ان جي تہ هو سردار هو ۽ قومي اڳواڻ نہ هو پر سٺين خوبين ۽ ڪردار جي ڪري علائقي ۾ قومي اڳواڻ طور سڃاتو ويندو هو.
نيلسن قانوني اداري ۾ ڪم ڪندي فڪري ۽ نظرياتي طور تي تبديل ٿي چڪو هو. هُو فرم جي مالڪ، سڪاءِ جي تنبيھه جي باوجود گوراڊيبي جي گهڻو ويجهو رهيو جيڪو هن کي چوندو رهيو تہ "اسان جي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ تعليم بنيادي ۽ تمام ضروري آهي پر رڳو تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي آزادي نٿي ماڻي سگهجي، ان لاءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو آهي." جنھن ڪري هُو عمل کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو ۽ هُو آفريڪن نيشنل ڪانگريس کي سياسي سگهہ جي حاصلات لاءِ بھترين ذريعو سمجهندو هو. آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو قيام سال 1912ع ۾ عمل ۾ آيو. جنھن جي پويان جدوجھد جي ڊگهي تاريخ هئي، هن جو منشور نسل پرستي جو مخالف هو. هي جماعت ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌرتي ڌڻين کي هڪ مڪمل اختيار ڏيڻ جي حق ۾ هئي.
گوراڊيبي نيلسن کي ليڪچر ڏيندو هو، پڙهڻ لاءِ ڪتابون ڏيندو هو، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن جو بندوبست ڪندو هو ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ وٺي ويندو هو. گوراڊيبي نيلسن کي تاريخ جو درس ڏيندو هو، آزادي جي جدوجهد کان واقف ڪيائندو هو. گوراڊيبي کي انقلاب ۽ آزادي کانسواءِ ٻي ڪنهن به شئي سان دلچسپي نه هئي. ان ڳالهه نيلسن کي گهڻو متاثر ڪيو. گوراڊيبي جي ذاتي ۽ سياسي ڪردار نيلسن منڊيلا کي سياست ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪڙو سٺو سياسي ورڪر جيڪو پنهنجي فڪر ۽ نظرئي سان جڙيل هو، انقلابي ڪارڪن هجڻ جي رڳو دعوى ڪندڙ نه پر عملي طور تي به هُو نظرياتي ۽ انقلابي ڪارڪن ثابت ٿيو هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هُو پنهنجي عمل ۾ به بلڪل ائين ئي آهن جيئن هُو سوچين ٿا يا جيڪوڪجهه هُو ڳالهائين ٿا. گوراڊيبي جي ڪيل ان پورهئي هڪ اهڙي ماڻهو کي ذهني طور تيار ڪري پنهنجي فڪر ۽ نظرئي جي ويجهو آندو جيڪو اڳتي هلي آفريڪي عوام جو قومي سرواڻ ٿي اڀريو.
سنڌ جي قومي تحريڪ جو الميو اهو آهي ته اسان جا اڳواڻ/ڪارڪن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق رکن ٿا. سنڌ جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ/ڪارڪن انتهائي سهل پسندي جو شڪار بڻجي short cut جي ڳولا ۾ مصروف آهن. عام طور تي هُو ڪنهن ڳوٺاڻي غريب پورهيت ماڻهو سان ٻه گهڙيون ويهي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن، ان جو پهريون سبب يقينن سندن قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي هجي ٿو جڏهن ته ٻيو مکيه سبب نظرياتي يا فڪري طور تي پختگي جو نه هجڻ آهي. جيڪڏهن ڪو اڳواڻ/ ڪارڪن پاڻ ئي نظرياتي ۽ فڪري لحاظ سان مضبوط ڄاڻ جو مالڪ نه هوندو ته اهو پنهنجي پارٽي پروگرام جي پرچار ڪهڙي ريت ڪري سگهندو اهڙي طرح وري جيڪو ڪارڪن پنهنجي عمل ۾ پنهنجي سوچ، پنهنجي فڪر مطابق نه هوندو ته ان جون ڳالهيون عوام تي ڪو مثبت اثر نه ڇڏي سگهنديون نتيجي طور سنڌ جي قومي تحريڪ کي اهڙا سنجيده ۽ انقلابي ڪارڪن ڪي ٿورا ئي ملي سگهيا آهن، جنهن ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ هڪ مضبوط ۽ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ گورا ڊيبي پئدا ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن ڇاڪاڻ جو سندن هدف واضح ناهي ان ڪري هڪ ڳوٺاڻو پورهيت انقلابي بڻجي تاريخ جو اهم ڪردار بڻجي سگهي ٿو پر هتي ڇڙواڳ ۽ جاهل ماڻهن جي فوج تيار ڪئي پئي وڃي.“
نيلسن هن مهل تائين ته گوراڊيبي جي ليڪچر، سياسي پرگرامن ۾ مبصر طور شرڪت ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ وقت گذاريندو هو پر اگسٽ 1943ع ۾ اليگزينڊرا ۾ بسن جي ڀاڙي وڌائڻ خلاف هزارين ماڻهن بائيڪاٽ ۽ مارچ ڪيو نيلسن به ان ۾ حصو ورتو ۽ گوراڊيبي ان جي اڳواڻي ڪئي. نون (9) ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ان ڏينهن کان نيلسن مبصر واري حيثيت ڇڏي عملي ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، هن محسوس ڪيو ته پنهنجي قوم سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ سان ڪيتري نه راحت ۽ روح کي خوشي محسوس ٿئي ٿي. 1943ع ۾ هن يونيورسٽي آف سائوٿ آفريڪا مان خط و ڪتابت ذريعي امتحان پاس ڪيو.
هن کي جسٽس ۽ ٻين دوستن ئي بار بار چيو ته جوهانسبرگ ڇڏي ۽ واپس ”امٽاٽا“ اچي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪري پر نيلسن مستقبل ۾ هڪ مخصوص قبيلي يا گروهه بدران سڄي آفريڪي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ذهني طور فيصلو ڪري چڪو هو.
زندگي جو تيز وهڪرو هن کي اوڏانهن ئي ڇڪي رهيو هو. فورٽ هيري مان ڊگري وٺڻ کانپوءِ هن فڪري طور تي پنهنجو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ طئه ڪيو ته گريجوئيشن (Graduation) ڪرڻ سان يا ٿمبو جي حڪمران قبيلي سان لاڳاپن ڪري عزت ۽ احترام ته حاصل ٿيندو پر وڏو عهدي يا سٺي پگهار جي خواهش سندس مقصد نه رهيو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي مان ڪجهه به نه سکيو هو ڇاڪاڻ ته اُتي نسلي مت ڀيد، ڪارن سان ٿيندڙ ڏاڍ نه پڙهايو ويندو هو. نسلي تعصب هن تعليم ذريعي نه پر عملي طور سماج ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. 1943ع ۾ هن جوهانسبرگ ۾ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”يونيورسٽي آف واٽرز رينٽ“ ۾ داخلا ورتي. هن اداري ۾ ”جوسولوو“ مستقبل جي شريڪ حيات ”روزفرسٽ“ ”جارج بزاس“ ۽ ”برام فشر“ سان سندس ملاقات ٿي، اهي سڀ انتهائي ذهين ماڻهو هئا ۽ سڄي زندگي هن جا ساٿاري رهيا. اُن دوران هن جي هندستاني شاگردن سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ اسماعيل مير، جي.اين سنگهه ۽ احمد ڀولا شامل هئا جيڪي بعد ۾ هن جا پڪا دوست بڻجي ويا. اڳتي هلي اسماعيل مير جو فليٽ انهن سڀني دوستن لاءِ گڏجاڻي ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو مرڪز بڻجي ويو، ڄڻ ته نوجوان آزادي پسندن جو هيڊڪوارٽر بڻجي ويو. هڪ ڏينهن اسماعيل مير، جي . اين سنگهه ۽ نيلسن هڪ اهڙي ٽرام ۾ ويهي رهيا جنهن ۾ هندستاني ته سفر ڪري پئي سگهيا پر آفريڪن جو ويهڻ منع هيو. ٿوري دير ۾ ڪنڊيڪٽر اچي هندستانين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ”توهان جي هن ڪافر دوست کي هن ٽرام ۾ ويهڻ جي اجازت ناهي“ جنهن تي هندستاني دوست هن سان تکا مٺا ٿيا، ٽرام روڪرائي وئي ۽ پوليس گهرائي نيلسن کي گرفتار ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن برام فشر کيس عدالت مان آزاد ڪرايو. ”وٽز“ ۾ هن نئين دنيا جو دروازو ڳولهي لڌو جتي فڪر، نظريو، سياست، عقيدي ۽ مناظري جي دنيا هئي. هتي نيلسن کي سفيد فارم ۽ باشعور هندستاني نوجوانن سان گڏ گذارڻ جو موقعو مليو. هتي کيس هم عمر نوجوان دوست مليا جيڪي آزادي جي جنگ سان گهري دلچسپي رکندا هئا. هتي ڪجهه نوجوان رعايت هجڻ باوجود به محڪوم ۽ مظلوم طبقن جي خاطر سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا.
شروعاتي انقلابي سرگرميون
[سنواريو]قيد
[سنواريو]نسل پرستي جو خاتمو ۽ چونڊون
[سنواريو]ڏکڻ آفريڪا جي صدارت
[سنواريو]صدارت کان پوءِ ۽ آخري سال
[سنواريو]سياسي نظريو
[سنواريو]شخصيت ۽ ذاتي زندگي
[سنواريو]استقبال ۽ ورثو
[سنواريو]
هن جي موت جي وقت تائين، ڏکڻ آفريڪا ۾ منڊيلا کي وڏي پيماني تي "قوم جو پيء" ۽ "جمهوريت جو باني پيء" سمجهيو ويندو هو.[18] [19] ڏکڻ آفريڪا کان ٻاهر، هو هڪ "گلوبل آئڪن" هو،[20] ڏکڻ آفريڪي اڀياس جي اسڪالر ريتا برنارڊ کيس "اسان جي وقت جي سڀ کان وڌيڪ معزز شخصيتن مان هڪ" [21] طور بيان ڪيو. هڪ سوانح نگار کيس ”جديد جمهوري هيرو“ سمجهي ٿو.[22] ڪيترائي ليکڪ منڊيلا کي مسيحائي اصطلاحن ۾ پيش ڪيو، [23] سندس پنهنجي بيان جي برعڪس ته ”مان مسيحا نه پر هڪ عام ماڻهو آھيان، جيڪو غير معمولي حالتن سبب اڳواڻ بڻجي ويو“. [24] هن کي اڪثر مهاتما گانڌي ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر سان گڏ 20هين صدي جي مثالي نسل پرستي ۽ نوآبادياتي مخالف اڳواڻن مان هڪ طور حوالو ڏنو ويو آهي.[25] بوهمر هن کي "اسان جي دور جي مجموعي قدرن جو ٽوٽم: رواداري ۽ لبرل جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي عالمگير علامت" جي طور تي بيان ڪيو.[26][27]
نيلسن منڊيلا جي بين الاقوامي شهرت 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سندس جيل جي دوران اڀري، جڏهن هو دنيا جو سڀ کان مشهور سياسي قيدي بڻجي ويو، نسل پرستيء جي خلاف هڪ علامت ۽ لکين ماڻهن لاء هڪ آئڪن جنهن انساني برابري جي مثالي کي قبول ڪيو.[28][29][30][31] سال 1986ع ۾، منڊيلا جي سوانح نگار کيس ڏکڻ آفريڪا ۾ ”آزاديءَ جي جدوجهد جو مجسمو“ قرار ڏنو. [32] ميريڊيٿ چيو ته 1980ع واري ڏهاڪي دوران نسل پرستيءَ لاءِ ”مزاحمت جي هڪ مضبوط علامت“ بنجڻ ۾، هن بين الاقوامي سطح تي ”افسانوي حيثيت“ حاصل ڪئي.[33] سمپسن تبصرو ڪيو ته جيتوڻيڪ هن جي زندگي دوران، هن جو افسانوي ڪردار ايترو طاقتور ٿي چڪو هو ته اهو حقيقتن کي ڦهلائي ٿو ۽ منڊيلا کي "سيڪيولر سينٽ" ۾ تبديل ڪري ٿو.[34] هن جي صدارت جي پڄاڻيءَ جي هڪ ڏهاڪي اندر، منڊيلا جي دور کي وڏي پيماني تي ”اميد ۽ همت جو سونهري دور“ تصور ڪيو ويو ۽ ان لاءِ تمام گهڻي يادگيري (Nostalgia) جو اظهار ڪيو ويو. هن جو نالو اڪثر انهن طرفان سڏيو ويندو هو جيڪي هن جي جانشين جهڙوڪ مبيڪي ۽ زوما تي تنقيد ڪندا هئا. سڄي دنيا ۾، منڊيلا نسل پرستيءَ تي قابو پائڻ ۽ نسلي ميلاپ کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس سرگرميءَ لاءِ بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي، جنهن کي ”اخلاقي اختيار“ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن کي وڏي ”سچائي لاءِ ڳڻتي“ سان ڏٺو وڃي ٿو.
نيلسن منڊيلا جي غير معمولي حيثيت کي هن جي زندگي جي پيچيدگين کي لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو. منڊيلا پنهنجي سڄي ڪيريئر ۾ هڪ سرگرم ڪارڪن ۽ سياستدان جي حيثيت سان تڪرار پيدا ڪيو، جنهن ۾ ساڄي ۽ بنيادي کاٻي ڌر جا مخالف هئا. 1980ع واري ڏهاڪي دوران، منڊيلا کي مغربي دنيا جي اهم سياسي شخصيتن پاران وڏي پيماني تي دهشتگرد قرار ڏنو ويو، ته هن سياسي تشدد کي قبول ڪيو. ٿيچر موجب، مثال طور، آفريڪن نيشنل ڪانگريس (ANC) "هڪ عام دهشتگرد تنظيم" هئي. آمريڪي حڪومت جي رياستي ۽ دفاعي کاتن سرڪاري طور تي ANC کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ نيلسن منڊيلا سال 2008ع تائين انهن جي دهشتگردي جي واچ لسٽ ۾ رهيو. کاٻي پاسي، ANC ۾ ڪجهه آواز؛ انهن مان فرينڪ بي وائلڊرسن III، مٿس الزام هنيو ته هو ڌارين حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضي ٿيڻ ۽ پنهنجي صدارت دوران فريڊم چارٽر جي سڌارن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري وڪرو ڪيو ويو. برنارڊ جي مطابق، ”هڪ اهڙو احساس پڻ آهي جنهن ۾ هن جو بنيادي طور برداشت ۽ طرز عمل، هن پنهنجي قوم جي نمائندگيءَ لاءِ جيڪا عزت ۽ صلاحيت حاصل ڪئي، اها جمهوريت جي روح جي خلاف هئي“ ۽ ساڳيءَ طرح خدشا ظاهر ڪيا ويا. هن پنهنجي حيثيت ۽ شهرت کي پنهنجي ملڪ جي تبديليءَ کان مٿانهون رکيو. هن جي حڪومت کي ٻنهي ايڊز جي روڪٿام ۾ ناڪامي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ غربت جي اعلي سطح جي ڪارڻ تنقيد جو نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
Orders, decorations, monuments, and honours
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو List of awards and honours received by Nelson Mandela
Over the course of his life, Mandela was given over 250 awards, accolades, prizes, honorary degrees and citizenships in recognition of his political achievements.[35] Among his awards were the Nobel Peace Prize,[36] the US Presidential Medal of Freedom,[37] the Soviet Union's Lenin Peace Prize,[35] and the Libyan Al-Gaddafi International Prize for Human Rights.[38] In 1990, India awarded him the Bharat Ratna,[39] and in 1992 Pakistan gave him their Nishan-e-Pakistan.[40] The same year, he was awarded the Atatürk Peace Award by Turkey; he at first refused the award, citing human rights violations committed by Turkey at the time,[41] but later accepted the award in 1999.[35] He was appointed to the Order of Isabella the Catholic[42] and the Order of Canada,[43] and was the first living person to be made an honorary Canadian citizen.[44] Queen Elizabeth II appointed him as a Bailiff Grand Cross of the Order of St. John and granted him membership in the Order of Merit.[45]
In 2004, Johannesburg granted Mandela the Freedom of the City,[46] and in 2008 a Mandela statue was unveiled at the spot where Mandela was released from prison.[47] On the Day of Reconciliation 2013, a bronze statue of Mandela was unveiled at Pretoria's Union Buildings.[48] In November 2009, the United Nations General Assembly proclaimed Mandela's birthday, 18 July, as "Mandela Day", marking his contribution to the anti-apartheid struggle. It called on individuals to donate 67 minutes to doing something for others, commemorating the 67 years that Mandela had been a part of the movement.[49] In 2015 the UN General Assembly named the amended Standard Minimum Rules for the Treatment of Prisoners as "the Mandela Rules" to honour his legacy.[50] Subsequently, the years 2019 to 2028 were also designated the United Nations Nelson Mandela Decade of Peace.[51][52]
Biographies and popular media
[سنواريو]The first biography of Mandela was based on brief interviews with him that the author, Mary Benson, had conducted in the 1960s.[53] Two authorised biographies were later produced by friends of Mandela.[54] The first was Fatima Meer's Higher Than Hope, which was heavily influenced by Winnie and thus placed great emphasis on Mandela's family.[55] The second was Anthony Sampson's Mandela, published in 1999.[54] Other biographies included Martin Meredith's Mandela, first published in 1997, and Tom Lodge's Mandela, brought out in 2006.[54]
Since the late 1980s, Mandela's image began to appear on a proliferation of items, among them "photographs, paintings, drawings, statues, public murals, buttons, t-shirts, refrigerator magnets, and more",[56] items that have been characterised as "Mandela kitsch".[57] In the 1980s he was the subject of several songs, such as The Specials' "Free Nelson Mandela", Hugh Masekela's "Bring Him Back Home (Nelson Mandela)", and Johnny Clegg's "Asimbonanga (Mandela)", which helped to bring awareness of his imprisonment to an international audience.[58]
Mandela has also been depicted in films on multiple occasions.[59] Some of these, such as the 2013 feature film Mandela: Long Walk to Freedom, the 2017 miniseries Madiba and the 1996 documentary Mandela, have focused on covering his adult life in entirety or until his inaugural as president. Others, such as the 2009 feature film Invictus and the 2010 documentary The 16th Man, have focused on specific events in his life.[59] Lukhele has argued that in Invictus and other films, "the America film industry" has played a significant part in "the crafting of Mandela's global image".[60]
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]نيلسن منڊيلا بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
![]() |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي |
![]() |
نيوز اسٽوريز وڪي نيوز تان |
![]() |
چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان |
![]() |
سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان |
- Nelson Mandela Centre of Memory
- Nelson Mandela Children's Fund
- Nelson Mandela Foundation (archived)
- Mandela Rhodes Foundation
- The Elders
- Nelson Mandela Museum
- Nelson Mandela Day (archived)
- Nelson Mandela's family tree
- انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس (IMDb) تي نيلسن منڊيلا
- سانچو:C-SPAN
- سانچو:Nobelprize
سرڪاري عهدا | ||
---|---|---|
پيشرو F. W. de Klerk |
President of South Africa 1994–1999 |
جانشين Thabo Mbeki |
Party political offices | ||
پيشرو Oliver Tambo |
President of the African National Congress 1991–1997 |
جانشين Thabo Mbeki |
Diplomatic posts | ||
پيشرو Andrés Pastrana Arango |
Secretary General of Non-Aligned Movement 1998–1999 |
جانشين Thabo Mbeki |
حوالا
[سنواريو]- ↑ chapter: 1 — مصنف: نيلسن منڊيلا — عنوان : Long Walk to Freedom — صفحہ: 3 — ناشر: Little, Brown and Company
- ↑ Nelson Mandela, South Africa's first black president, dies aged 95 — اخذ شدہ بتاریخ: 18 آگسٽ 2014 — مصنف: David Richard Smith — ناشر: دي گارڊين — شائع شدہ از: 6 ڊسمبر 2013
- ↑ 3.0 3.1 3.2 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb120379994 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ GND ID: https://d-nb.info/gnd/118730541 — اخذ شدہ بتاریخ: 16 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ 5.0 5.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Nelson-Mandela — subject named as: Nelson Mandela — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ 6.0 6.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6cj8h00 — subject named as: Nelson Mandela — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 7.0 7.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/121260035 — subject named as: Nelson Rolihlahla Mandela — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 8.0 8.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/mandela-nelson-rolihlahla — subject named as: Nelson Rolihlahla Mandela — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 9.0 9.1 Gran Enciclopèdia Catalana ID (former scheme): https://www.enciclopedia.cat/ec-gec-0039703.xml — subject named as: Nelson Mandela — عنوان : Gran Enciclopèdia Catalana — ناشر: Grup Enciclopèdia
- ↑ 10.0 10.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000014839 — subject named as: Nelson Mandela — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ Nelson Mandela Dead: Former South African President Has Died At 95 — اخذ شدہ بتاریخ: 5 ڊسمبر 2013 — ناشر: Business Insider — شائع شدہ از: 5 ڊسمبر 2013
- ↑ CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/29428067
- ↑ مصنف: نيلسن منڊيلا — عنوان : Long Walk to Freedom — صفحہ: 611 — ناشر: Little, Brown and Company
- ↑ Nelson Mandela, South Africa's first black president, dies aged 95 — اخذ شدہ بتاریخ: 17 آگسٽ 2014 — مصنف: David Richard Smith — ناشر: دي گارڊين — شائع شدہ از: 6 ڊسمبر 2013
- ↑ http://www.nobelprize.org/nobel_prizes/peace/laureates/1993/
- ↑ https://www.nobelprize.org/nobel_prizes/about/amounts/
- ↑ "Nelson Mandela to spend Christmas in S Africa hospital". BBC News. 24 December 2012. https://www.bbc.co.uk/news/world-africa-20839504.
- ↑ Meredith 2010565.
- ↑ Barnard 2014, pp. 1, 2; Ndlovu-Gatsheni 2014, p. 906.
- ↑ Barnard 20141, 2.
- ↑ Lodge 2006225.
- ↑ Suttner 2007125–126.
- ↑ Meredith 2010, p. 599; Barnard 2014, p. 4.
- ↑ Boehmer 2008, p. 82; Ndlovu-Gatsheni 2014, p. 918.
- ↑ Boehmer 200816.
- ↑ Boehmer 20081.
- ↑ Barnard 20141.
- ↑ Hooper, Simon. "The world's most famous political prisoner". Al Jazeera. وقت 29 June 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 June 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Nelson Mandela's letters detail his 27 years as the world's most famous political prisoner". Los Angeles Times. وقت 28 June 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 June 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Mandela death: How a prisoner became a legend" (en-GB ۾). BBC News. 7 December 2013. https://www.bbc.com/news/magazine-25256818.
- ↑ Benson 198613.
- ↑ Meredith 2010xv.
- ↑ Sampson 2011xxvi.
- ↑ 35.0 35.1 35.2 "How the awards have just kept flooding in". The Cape Times. 18 July 2012.
- ↑ Barber 2004, p. 68; Lodge 2006, p. 182; Meredith 2010, p. 494; Sampson 2011, p. 474.
- ↑ "President Honors Recipients of the Presidential Medal of Freedom". The White House. وقت 7 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 October 2008. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Prizes: And the Winner Is ...". Time. 8 May 1989. http://www.time.com/time/magazine/article/0,9171,957634,00.html.
- ↑ "List of all Bharat Ratna award winners". NDTV. وقت 11 March 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 February 2013. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Mandela in Pakistan". The Independent (London: Independent Print Limited). 3 October 1992. https://www.independent.co.uk/news/world/mandela-in-pakistan-1555096.html.
- ↑ "Statement on the Ataturk Award given to Nelson Mandela". African National Congress. وقت 1 October 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 January 2007.
- ↑ "Royal Decree 270/1999, 12th February 1999". Spanish Official State Gazette. وقت 13 September 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 September 2017. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Canada presents Nelson Mandela with the Queen Elizabeth II Diamond Jubilee medal". Queen's Printer for Canada. وقت 2 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 February 2013. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Mandela to be honoured with Canadian citizenship". CBC News. 19 November 2001. https://www.cbc.ca/amp/1.264674.
- ↑ "The Order of Merit". Royal Insight. وقت 5 January 2005 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 October 2008.
- ↑ "Madiba conferred freedom of Johannesburg". Gauteng Provincial Government. وقت 21 June 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 October 2008.
- ↑ Stern, Jennifer. "Long walk immortalised in bronze". Media Club South Africa. وقت 24 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 November 2009. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Nelson Mandela statue unveiled in Pretoria by Zuma". BBC News. 16 December 2013. https://www.bbc.co.uk/news/world-africa-25399709.
- ↑ Battersby 2011, p. 601; "UN gives backing to 'Mandela Day'". BBC News. 11 November 2009. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/africa/8353853.stm.
- ↑ Standard Minimum Rules for the Treatment of Prisoners from the United Nations General Assembly (Report). United Nations. صفحو. 6. وقت 30 September 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 July 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Ods Home Page" (PDF). وقت 23 December 2022 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 December 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Nelson Mandela International Day". وقت 18 December 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 December 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Lodge 20068.
- ↑ 54.0 54.1 54.2 Lodge 2006vii.
- ↑ Lodge 2006vii, 13–14.
- ↑ Nelson 2014130.
- ↑ Nelson 2014138.
- ↑ Lynskey, Dorian (6 December 2013). "Nelson Mandela: The Triumph of the Protest Song". https://www.theguardian.com/music/2013/dec/06/nelson-mandela-protest-song-special-aka.
- ↑ 59.0 59.1 Bromley 201441.
- ↑ Lukhele 2012289.
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- مضمون جن ۾ انگريزي ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- مضمون جن ۾ ڪاتالان ٻولي جو متن شامل آھي
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون جن ۾ خوسيا ٻولي جو متن شامل آھي
- 1918ع جون پيدائشون
- 18 جُولاءِ جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- 2013ع جون وفاتون
- 5 ڊسمبر جون پیدائشون
- مادر علمي وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- اعزاز وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- باضابطه ويب سائٽ وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- Imdb ڳنڍڻو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- سان اي سي عنصر17
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ULAN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- MusicBrainz سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Wikipedia articles with faulty authority control identifiers (SBN)
- Nelson Mandela
- 1918 births
- 2013 deaths
- 20th-century Methodists
- 20th-century philanthropists
- 20th-century South African lawyers
- 20th-century South African male writers
- 21st-century Methodists
- 21st-century South African philanthropists
- 21st-century South African politicians
- African and Black nationalists
- Alumni of the University of London
- Alumni of University of London Worldwide
- Anti-capitalists
- Bailiffs Grand Cross of the Order of St John
- Collars of the Order of Isabella the Catholic
- Congressional Gold Medal recipients
- Respiratory disease deaths in South Africa
- Infectious disease deaths in South Africa
- Deaths from respiratory tract infection
- Grand Commanders of the Order of the Federal Republic
- South African HIV/AIDS activists
- Honorary companions of the Order of Australia
- Honorary companions of the Order of Canada
- Honorary companions of the Order of the Star of Ghana
- Honorary members of the Order of Merit
- Honorary King's Counsel
- Inmates of Robben Island
- Recipients of the Lenin Peace Prize
- Members of the National Assembly of South Africa 1994–1999
- Members of the South African Communist Party
- Nobel Peace Prize laureates
- People acquitted of treason
- People from King Sabata Dalindyebo Local Municipality
- Political prisoners
- Presidential Medal of Freedom recipients
- Presidents of the African National Congress
- Presidents of South Africa
- Recipients of the Bharat Ratna
- Recipients of the Gandhi Peace Prize
- Recipients of the Order of Prince Yaroslav the Wise, 1st class
- Saboteurs
- Sakharov Prize laureates
- Secretaries-general of the Non-Aligned Movement
- South African anti-apartheid activists
- South African autobiographers
- South African Marxist writers
- South African Methodists
- South African nationalists
- South African Nobel laureates
- South African prisoners and detainees
- South African revolutionaries
- South African socialists
- UMkhonto we Sizwe personnel
- University of Fort Hare alumni
- University of South Africa alumni
- University of the Witwatersrand alumni
- World Rugby Hall of Fame inductees
- Xhosa people
- International Simón Bolívar Prize recipients
- 20th-century presidents in Africa
- شخصيتون
- ڏکڻ آفريڪا
- آفريڪي شخصيتون
- 2013ع جون فوتگيون