نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز

Heart care hospitals
قائم 1963 (1963)
نوعيت Public
مقام Sindh, Pakistan
ويب سائٽ nicvd.org

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف كارڊيو ويسڪيولر ڊيزيز (دل جي بيمارين جو نيشنل انسٽيٽيوٽ؛ اردو:نیشنل انسٹیٹیوٹ آف کارڈیو ویسکیولر ڊيزيزز؛ انگریزی: National Institute of Cardiovascular Disease) یا مختصر طور تي، این آئي سي وي ڊي (NICVD) سنڌ حڪومت جي تعاون سان سنڌ، پاڪستان ۾ واقع صحت جي سارسنڀال مرڪزن جو هڪ سلسلو (Chain) آهي.[1]

ان جو بنياد سال 1963ع ۾ ڊاڪٽر علي محمد قاسم رکيو. دل جي بيمارين جو نيشنل انسٽيٽيوٽ (NICVD) دنيا جي واحد صحت جي سهولت بڻجي وئي آهي جنهن ۾ 4,000 کان وڌيڪ دل جي سرجري 8,197 پرائمري، 12,000 کان وڌيڪ پي سي آئي طريقا ۽ درجنين دل جا امپلانٽس ڪيا آهن، جيڪي سڀ ڪراچي م ان جي مکيه مرڪز ء اٺ سيٽلائيٽ سينٽر جیکا سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن، تي مفت آهن.[2] این آئي سي وي ڊي ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان طرفان تصديق ٿيل آھی.[3]

تاريخ[سنواريو]

سال 1956ع ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC) ڪراچي جي وارڊ 10 ۾ ننڍي سينٽرل هارٽ ڪلينڪ مان نڪرندي، اين آئي سي وي ڊي 65 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستانين لاءِ دل جي بنيادي سنڀال فراهم ڪندڙ آهي. حڪومت پاڪستان، يو ايس ايڊ (USAID) ۽ جاپاني حڪومت جي سهڪار سان، اين آئي سي وي ڊي 14 آگسٽ 1971ع تي مڪمل طور تي فعال ٽرشئري ڪارڊيڪ ڪيئر سينٽر بڻجي ويو. ايندڙ اٺن سالن تائين، اين آئي سي وي ڊي هڪ غير سرڪاري تنظيم (NGO) رهي پر سال 1979ع ۾ اها پاڪستان جي حڪومت طرفان نیشنلائز ڪئي وئي ۽ صحت جي وفاقي وزارت جي ماتحت هڪ خودمختيار ادارو بڻجي ويو.[4] سال 1963ع ۾ پنهنجي شروعات کان وٺي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊیو ويسڪيولر ڊزایز پاڪستان ۾ دل جي بيمارين جي مريضن جي سنڀال ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اين آئي سي وي ڊي ڏکڻ ايشيا ۾ پهريون ٽرشئري ڪارڊيئڪ ڪيئر انسٽيٽيوٽ آهي ۽ ان سان گڏ پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي لاءِ فليگ شپ سهولت آهي جنهن ۾ مريضن لاءِ بهتر خيال، طبي ماهرن لاءِ تعليم ۽ تربيت ۽ ڪارڊيالوجي ۾ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. اين آئي سي وي ڊي پاڪستان جي سڀني صوبن ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي مريضن جي وڏي اڪثريت جي دل جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. اهو سڄي ملڪ ۾ مقامي دل جي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملن جي وڏي تعداد کي تربيت ڏيڻ جو ذميوار آهي.[5] دل جي بيمارين جي مريضن لاءِ جديد ترين صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ چاهي اهي شهر ڪراچي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ هجن يا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن تائين، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته دل جي سهولت کي ڪراچي کان ٻاهر آندو وڃي ۽ ان کي وڌايو وڃي. ان لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز، سيني جي درد جا يونٽ ۽ سيٽلائيٽ سينٽرز متعارف ڪرائي ء دل جي صحت جي سنڀال جو هڪ نئون دور متعارف ڪرايو آهي. ڪراچي کان علاوه جتي اين آئي سي وي ڊي جي بنيادي سهولت موجود آهي، اهو ادارو پنهنجي سيٽلائيٽ سينٽرن ذريعي سنڌ جي ٻين 9 حصن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جن ۾ لاڙڪاڻي، ٽنڊو محمد خان، سيوهڻ، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، مٺي، خيرپور ۽ لياري شامل آهن.

این آئي سي وي ڊي، ٽنڊو محمد خان[سنواريو]

ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد کان 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بدين روڊ تي واقع آهي. این آئي سي وي ڊي سيٽلائيٽ سينٽر ٽنڊو محمد خان قائم ڪيو ويو ۽ ان جو افتتاح خميس 19 آڪٽوبر، 2017ع تي ڪيو ويو.[6] این آئي سي وي ڊي، ٽنڊو محمد خان ۾ ڪارڊیڪ ايمرجنسي، مشاورتي ڪلينڪ، انٽروينشنل ڪارڊيالوجي ۽ دل جي مريضن لاء خيال جی خدمتون شامل آهن . ٽنڊو محمد خان ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز ۾ ٻارن جي ڪارڊيوٿوراسڪ سرجيڪل ٽيم اربع 9 سيپٽمبر، 2020ع تي هڪ ننڍڙي ٻار جي پهرين ڪامياب اوپن هارٽ سرجري ڪئي.[7]150 کان وڌيڪ بالغن جي دل جي سرجري 100 بسترن واري سهولت تي ڪئي وئي، جيڪو پنهنجي قيام کان وٺي دل جي صحت جون خدمتون مفت فراهم ڪري ٿو.

این آئي سي وي ڊي سيٽلائيٽ سينٽر، سکر[سنواريو]

24 فيبروري، 2018ع تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز جي پنجين سيٽلائيٽ سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو.[8] سکر ۾ 300 بسترن تي ٻڌل ڪارڊيڪ (دل) جي هن جديد سهولت ۾ مڪمل سهولتون آهن جيئن ڪراچي سينٽر ۾ آهن.[9] جتي خدمتون مفت فراهم ڪيون وينديون. هي بين الاقوامي معيار جي هڪ مڪمل دل جي اسپتال آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي دل جي بيمارين جون وڏيون سهولتون، خاص ڪري انٽروينشنل ڪارڊيالوجي، سندن درن تي مفت فراهم ڪري رهي آهي.[10] اهو ڪراچي ۾ این آئي سي وي ڊي کان پوءِ سنڌ جو سڀ کان وڏو دل جو مرڪز آهي.

سهولتون[سنواريو]

هيءَ اسپتال اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي آبادي جي خدمت لاءِ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، جديد ايمرجنسي سان ليس ڪيٿ ليب، سي سي يو ۽ ڪنسلٽنگ ڪلينڪ معياري علاج، جديد تشخيص، 24×7 دل جي ايمرجنسي، بالغن ۽ ٻارن جي ڪارڊيالوجي، ايڪو ڪارڊيوگرافي جون خدمتون، شريان جي (ڪورونري) اينجيوپلاسٽي ۽ اينجيوگرافي جون سهولتون %100 مفت، بين الاقوامي ۽ مقامي تربيت يافته دل جي ماهرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٽيڪنيشنز طرفان فراهم ڪیو وینديون.

بالغن جي دل جي سرجري:

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز، سکر سيٽلائيٽ سينٽر، 18 مارچ 2018ع تي پروفيسر فضل ربي جي نگرانيءَ ۾ پنهنجي پهرين اوپن هارٽ سرجري ڪئي. پهريون اوپن هارٽ ASD بندش هڪ عورت مريض جي ڪئي وئي جنهن ۾ آرٽیريل سيپل ڊفيڪٽ هئي. ای ایس ڈی ڇنڇر تي ۽ ان جي پٺيان ٻه وڌيڪ کليل دل جي سرجري ڪئي وئي.[9]

ٻارن جي دل جي سرجري[سنواريو]

نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز، سکر ۾ ٻارن جی، پیڈیاٹرک ڪارڊيڪ سرجري ڊپارٽمينٽ جي ٻن رڪني ٽيم خميس 19 مارچ، 2020ع تي پنجن سالن جي ٻار جي اوپن هارٽ سرجري ڪاميابي سان ڪئي. -هڪ پنجن سالن جي ٻار تي دل جي سرجري[10] لڳ ڀڳ هڪ سال بعد، پهريون ڀيرو اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ ٻارن جي ڪارڊيالوجي ٽيم پاران ڪاميابيءَ سان اوپن هارٽ سرجري بدران ڊيوائس ذريعي آرٽیريل سيپل ڊیفيڪٽ (دل ۾ سوراخ) جی سرجري ڪئي وئي آهي.[11]

جديد ليبارٽريون[سنواريو]

اين آءِ سي وي ڊي، سکر جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي هڪ اليڪٽررو فزيالوجي ليب ۽ ٻي ڪيٿ ليب (ڪيٿيٽرائيزيشن ليب) جو افتتاح خميس 4 فيبروري، 2019ع تي ڪيو ويو. اها ليب اتر سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان مان پيس ميڪر ۽ ٻين امپلانٽس ۽ اينجيوپلاسٽيءَ جي گهرجندڙ مريضن جي وڏي تعداد جي خدمت ڪندي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، سکر هاڻي خطي جي بهترين دل جي سارسنڀال واري اسپتالن مان هڪ بڻجي وئي آهي جتي مريضن جو معياري علاج مفت ۾ ڪيو ويندو آهي.[12]

خارجي لنڪس[سنواريو]

NICVD جی سرڪاري ويب سائيٽ

حوالا[سنواريو]

  1. "Satellite Centres". nicvd.org. Retrieved 23 February 2019.
  2. "'NICVD now world's largest facility for free cardiac surgeries, primary PCIs'". The News International (newspaper). 11 January 2019. Retrieved 8 May 2021.
  3. NICVD is accredited by the College of Physicians and Surgeons of Pakistan College of Physicians and Surgeons of Pakistan website, Retrieved 8 May 2021.
  4. "HISTORY". nicvd.org. Retrieved 9 February 2021.
  5. About Us". nicvd.org. Retrieved 23 February 2019.
  6. Shoaib Ur Rehman (20 October 2017). "PPP Chairman inaugurates second state of art satellite centre of NICVD". Business Recorder (newspaper). Retrieved 8 May 2021.
  7. First paeds open heart surgery at NICVD, TM Khan". The Express Tribune. 10 September 2020.
  8. "Sukkur welcomes 300-bed NICVD satellite centre". The Express Tribune. 25 February 2018. Retrieved 6 April 2019.
  9. National Institute Of Cardiovascular Diseases (NICVD) - Sukkur Starts With Open Heart Surgery". Urdupoint. 19 March 2018.
  10. Sukkur NICVD performs open-heart surgery on first child patient". Dawn.com. 20 March 2020.