مواد ڏانھن هلو

نور بانو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مائي نور بانو (انگريزي:Mai Noor Bano) سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪار هئي. سندس ڪيترائي ڳايل گيت مشهور ٿيا.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

نور بانو ذات جي گوپانگ هئي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان هو. هيءُ 1942ع ۾ ڳوٺ مٺو خان گوپانگ تلهار تعلقو بدين ضلعو سنڌ ۾ پيدا ٿي.[1]

فن جي ابتدا

[سنواريو]

نور بانو کي ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هوندو هو. هوءَ لاڏا ۽ سهرا ڳائيندي هئي. ٿورو پڙهيل پڻ ھئي. سندس والد اباڻو ڳوٺ ڇڏي تلهار شهر ۾ اچي ويٺو.علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي جي توسط سان سيد وڏل شاھ جي معرفت 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس ڳايل گيت نشر ٿيڻ لڳا. هن استاد مٺو ڪڇي کان باقاعدي گائيڪي جو فن سکيو. 1970ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي رجسٽر فنڪار طور ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ ڏهاڪن تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيائين. سندس ڳاتل ڪيترائي لوڪ گيت مشهور ٿيا. سندس ڳايل لوڪ ڳيت منهنجا مائٽ ايندا مونکي ڏوري ڏسندا ۽ منهنجن مائٽن جون الا ٻوليون سڃاڻان وڌيڪ مقبول ٿيا.[1][2]

وفات

[سنواريو]

نور بانو 14 فيبروري 1999ع ۾ وفات ڪري وئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 سون سريکيون عورتون. اصل نسخو مان 2020-04-12 تي محفوظ ڪيل. 2020-04-12 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2020-04-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. 2020-04-12 تي حاصل ڪيل.