نورالدين محمود
نورالدين محمود | |
---|---|
دھلي جي سلطان طرفان سنڌ جو گورنر | |
1232 يا 1233کان تائين | |
پيشرو | نظام الملڪ |
جانشين | جلال الدين |
ريجنٽ | التمش، رڪن الدين فيروز،رضيہ سلطانہ ۽ سلطان علاؤالدين مسعود |
مذھب | اسلام |
نورالدين محمود: نظام الملڪ جي موٽڻ کان پوءِ سلطان التمش 630ھ (33 ــ 1232ع) ۾ نور الدين محمود کي سنڌ جو گورنر ڪيو.
تفصيلي احوال
[سنواريو]663ھ ۾ سلطان التمش لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس پٽ رڪن الدين فيروز شاهه تخت تي ويٺو ته سمورو خزانو عيش عشرت ۽ تماشي ۾ لٽائي ملڪي معاملا پنهنجي ماءُ جيڪا هڪ ترڪي ڪنيز هئي، جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيائين. اميرن وزيرن اهڙو حال ڏسي التمش جي وڏي ڌي رضيه سلطانه کي تخت تي ويهاريو. رضيه سلطانه وڏي بهادر ۽ سياڻي سيبتي عورت هئي، جنهن دهلي جي تخت تي ويهي سنڌ کان وٺي برهم پترا تائين پکڙيل ملڪ کي وڏي نيڪنامي سان هلايو. رضيه سلطانه طويل عرصي تائين حڪومت ڪندي رهي پر جڏهن جمال الدين ياقوت کي امير الامراءَ جو عهدو ڏنائين ته ترڪ ۽ افغان امير ڪاوڙجي ڪري بغاوت تي لهي آيا ۽ لاهور جي صوبيدار ملڪ اعزالدين بغاوت ڪري وڌي. رضيه سلطانه ان بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ لاهور ڏانهن وڌي ته ملڪ اعز الدين معافي جي درخواست ڪئي ۽ رضيه سلطان واپس دهلي موٽي آئي. انهيءَ ڏينهن ۾ ڀٽنڊي جي والي، جمال الدين ياقوت جي اڳراين کان تنگ ٿي بغاوت ڪئي ته رضيه ياقوت سان گڏ اوڏانهن ڪاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي پر ٻين اميرن وجهه وٺي ياقوت کي ماري وڌو ۽ رضيه سلطان کي گرفتار ڪري ملڪ التونيه ڏانهن موڪليو. ان بعد دهلي جي تخت تي سلطان التمش جي پٽ معزالدين بهرام شاهه کي تخت تي ويهاريو ويو. هوڏانهن ملڪ التونيه رضيه سان شادي ڪئي ۽ ٻئي زال مڙس هندو جاٽن ۽ گهگهڙن جو وڏو ڪٽڪ وٺي اچي دهلي تي چڙهائي ڪئي. سلطان معز الدين به پنهنجن فوجن سان گڏ ڪيٿل ويجهو پهتو. ٻنهي ۾ زورن جي جنگ لڳي پر رضيه سلطان ۽ ملڪ التونيه مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ ڀاڄ کاڌائون. واپس ويندي هڪ ڳوٺ ۾ هارين هٿان ٻئي مارجي ويا. رضيه سلطانه کان پوءِ معز الدين بهرام شاهه 27 رمضان 637 (40 ــ 1239ع) تي دهلي ۾ تخت نشيني جون رسمون ادا ڪيون پر ٿوري ئي وقت ۾ سڀ سردار کانئس بدظن ٿي پيا. انهيءَ وچ ۾ مغلن لاهور تي قبضو ڪري شهرين جو ڪوس ڪيو. 18 ذوالقعد 639ھ تي بهرام شاهه پنهنجي باغي سردارن هٿان ٻه سال، هڪ مهينو ۽ پندرهن ڏينهن حڪومت ڪري مارجي ويو. بهرام شاهه کان پوءِ انهن سردارن رڪن الدين فيروز شاهه جي پٽ علاؤ الدين مسعود کي قيد مان ڪڍي تخت تي ويهاريو. ان وقت سلطان التمش جي درٻار جي هڪ امير ملڪ اعز الدين بلبن دهلي تي قبضو ڪرڻ چاهيو پر درٻاري اميرن ۽ سردارن فيصلو ڪري اجمير، ناگور (مارواڙ) جنهن ۾ سنڌ به شامل هئي جاگير طور کيس ڏئي ڇڏيا.
منڪوتا جو ملتان ۽ اچ تي حملو
[سنواريو]سلطان مسعود جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ 643ھ (1242ع) ۾ منڪوتا نالي مغل لشڪر وٺي اچي اچ ۽ ملتان تي ڪڙڪيو. سلطان مسعود کي معلوم ٿيو ته سڀني صوبن کان فوجون گهرائي وڏي ڪٽڪ سان مغلن جي مقابلي لاءِ نڪتو. اڃا هو بياس درياءُ جي ڪپ تي پهتو ته مغل سندس لشڪر جي دٻدٻي ۽ جلال کان ڊڄي خراسان ڀڄي ويا ۽ سلطان مسعود سوڀارو ٿيندي بکر پهتو. ”طبقات ناصري“ جو ليکڪ منهاج سراج به ان سفر ۾ ساڻس گڏ هو.[1].
دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }