ملڪ اعزالدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ملڪ اعزالدين بلبن
بزرگ
دھلي جي غلام گھراڻي جي ايمپائر جو سنڌ ۾ گورنر
648 ھجري کان تائين
پيشرو قتلغ خان
جانشين سلطان محمد
ريجنٽ سلطان ناصرالدين
پورو نالو
ملڪ اعزالدين بزرگ بلبن
جنم ڪشلو خان
مذھب اسلام

ملڪ اعز الدين بزرگ: 648ھ ۾ سلطان ناصر الدين، ملڪ اعز الدين بلبن بزرگ کي سندس جاگير سنڌ موڪليو، 649ھ بلبن بزرگ جڏهن بغاوت ڪئي ته سلطان ناصر الدين ملتان جي والي ملڪ شير خان کي سندس بغاوت ڪچلڻ جو حڪم ڏنو. ملڪ شير خان اچي اچ کي گهيرو ڪيو ۽ بلبن بزرگ نيٺ آڻ مڃي قلعو ملڪ شير جي حوالي ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ تفصيل[سنواريو]

انهيءَ دؤر ۾ سنڌين بغاوت ڪري ملڪ شير خان کي شڪست ڏني. ناصر الدين دهلي مان نڪري بياس درياءُ وٽ اچي لٿو ۽ ارسلان خان کي سنڌ جون واڳون ڏئي پاڻ واپس موٽي ويو. 651ھ کان پوءِ سنڌ ملڪ اعز الدين بلبن جي حوالي ٿي، جنهن جو نالو طبقات ناصري ۽ تاريخ مبارڪ شاهي ۾ ڪشلو خان به لکيل آهي. 655ھ (58 ــ 1257ع) ۾ گورنر سنڌ بلبن بزرگ، قتلغ خان ۽ ٻين سردارن کي پاڻ سان ملائي بغاوت ڪئي. سلطان ناصر الدين الع خان لشڪر سان گڏ بغاوت ڪچلڻ لاءِ موڪليو.ان وچ ۾ دهلي جي شيخ الاسلام سي قطب الدين، قاضي شمس الدين ۽ ٻين چڱن مڙسن قتلغ خان ۽ بلبن بزرگ کي ڳجها خط پٽ لکي کين دهلي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ چيو. انهن خطن جي خبر الغ خان کي پئي، جنهن سڄو احوال سلطان ناصر الدين کي لکيو ۽ گذارش ڪئي ته خط لکندڙن کي پنهنجن پنهنجن جاگيرن ڏانهن ڀيڙو ڪيو وڃي ته جيئن فساد وڌيڪ نه وڌي. سلطان ناصر الدين خط ملندي ئي انهن مان ڪن کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ ڪن کي پنهنجي علائقن ڏانهن اماڻي ڇڏيو. پر اهي خط بلبن بزرگ ۽ قتلغ خان کي ملي چُڪا هئا، تنهن ڪري ٻئي ٻه سؤ ميل فاصلو ٻن ڏينهن ۾ طئي ڪري اچي لشڪر سان گڏ دهلي پهتا. پر هيڏانهن سلطان ناصر الدين ته ڦاٽ ڦاٽڻ کان پوءِ اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيا هئا، تنهن ڪري ٻنهي کي جڏهن انهيءَ راز جي خبر پئي ته موٽي وڃڻ ۾ ئي پنهنجي چڱائي سمجهيائون. 11 جمادي الاول 655ھ الغ خان ڪاميابي ماڻي موٽيو. بلبن بزرگ سنڌ پهچي الغ خان وسيلي سلطان ناصر الدين کان معافي گهري. سلطان کيس معاف ڪري سنڌ جي گورنريءَ تي قائم رکيو. انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ تاتاري مغلن خراسان کان اچي وري ملتان تي ڪاهه ڪئي، سلطان ناصر الدين به سندن مقابلي لاءِ وڏي ڪٽڪ سان ملتان طرف وڌيو، جنهن جي خبر ٻڌي مغل موٽي ويا. سلطان ناصر الدين 664ھ (66 ـ 1265ع) تي لاڏاڻو ڪري ويو.سلطان غياث الدين بلبن جڏهن بادشاهت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکيو ته پنھنجي پٽ سلطان محمد کي سنڌ ۽ پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو[1].

دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }