جلال الدين
جلال الدين | |
---|---|
دھليءَ جي سلطان طرفان سنڌ جو گورنر | |
کان 1246 تائين | |
پيشرو | نورالدين محمود |
جانشين | قتلغ خان |
ريجنٽ | سلطان مسعود شاھ |
مذھب | اسلام |
جلال الدين: سلطان مسعود بکر پهچي نورالدين محمد کي سنڌ جي گورنريءَ جي ڪرسي تان لاهي جلال الدين کي ويهاريو.
تفصيلي احوال
[سنواريو]اتي سڀئي انتظام سنواري دهلي موٽيو ته رستي ۾ ملتان وٽ ڪجهه نوجوانن سلطان تائين رسائي حاصل ڪري ورتي. سلطان هاڻي گهڻو وقت شراب خوريءَ ۾ گذارڻ لڳو، جنهن جي ڪري ملڪ جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو. اميرن مشيرن سندس چاچي ناصرالدين محمود بن التمش جيڪو ان وقت بهڙائچ جو گورنر ۽ ڏاڍو ڪم وارو ماڻهو هو، جي سر تي سلطنت جو تاج رکيائون، جڏهن ته سلطان مسعود کي جيل ڀيڙو ڪري ڇڏيائون. سلطان سنجر ۽ قتلغ خان ملتان ۽ سيوهڻ جي گورنريءَ تي: 25 محرم 644ھ (1246ع) تي فيروزه ۾ سلطان ناصر الدين تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي پرهيزگاري، خدا ترسي ۽ ڪردار ڪري شهرت ماڻي. 22 شوال 649ھ تي هو اچ کان ٿيندو سنڌ پهتو ۽ اتي بکر کان وٺي ملتان جي مٿئين حصي تي سلطان سنجر خان ۽ ديبل کان بکر تائين قتلغ خان کي گورنر مقرر ڪيو. قتلغ جي گادي جو هنڌ سيوهڻ هو. سلطان پوءِ دهلي موٽي آيو.[1].
دھلي جي غلام گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page13.html. Missing or empty
|title=
(مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }