نندو شھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نندو شھر
شھر
يونين ڪائونسل
Nindo Shahr
نندو شھر is located in سنڌ
نندو شھر
نندو شھر
جاگرافي بيهڪ: 24°38′20″N 69°02′25″E / 24.63889°N 69.04028°E / 24.63889; 69.04028مڪانيت: 24°38′20″N 69°02′25″E / 24.63889°N 69.04028°E / 24.63889; 69.04028
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو بدين ضلعو
آبادي (2012)
 • ڪل 4,000+

نندو شھر(انگريزي: Nindo Shahr ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي بدين جي تعلقي بدين جو ننڍڙو شھر ۽ يونين ڪاؤنسل آهي. ھي شھر بدين نئون ڪوٽ روڊ تي واقع آھي. ضلعي صدر مقام: بدين شھر کان 22 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو باگو کان 19 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. شھر جي آبادي ٻہ ھزار تائين آهي ۽ يونين ڪاؤنسل جي آبادي اٽڪل ڏھ ھزار آھي. نندو شھر بدين شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل جي اولھ ۾ ,ڳوٺ عبدالله شاھ، ڏکڻ اوڀر م مٺي 111، اوڀر ۾ کوسڪي، اتر ۾ ڳوٺ پھاڙ مري واقع آهي. ھن شھر ۽ يونين ڪائونسل جي حدن ۾ رھندڙ ذاتين ۽ قبيلن ۾ عباسي، ابڙا، بجيج، ڀيل، چانڊيا، ڇلگري، فاروقي، حجم، جمالي، ڪڙيا، خاصخيلي، کٽي، خواجه، ڪولھي، ڪنڀر، لوھار، ملاح، ميگھواڙ، ميمڻ، مڱڻهار، مراداڻي، نوھريا، پنھور، پنجابي، قاضي، شيدي، شڪاري، سومرا، وانريا، وڌ شامل آهن[1].

آبادي[سنواريو]

1998 ۾ نندو يونين ڪائونسل جي آدمشماري 24،275 ھئي، 2003 ۾ وڌي 27366 ٿي وئي جيڪا 4561 گھرن ۾ رھندڙ آھي. ڪل آبادي جي سراسري مطابق في گھر م ڇھ ڀاتي رھندڙ آھن.جن مان 2003 جي رپورٽ مطابق 94 سيڪڙو گھر ڪچا آھن. ماڻھن جو معيار زندگي ڪريل آھي ۽ اڪثريت ۾ آبادي غربت جي لڪير ھيٺ زندگي گذاريندڙ آھي.

يونين ڪائونسل جون ديھون[سنواريو]

ھن يونين ڪائونسل ۾ 10 ديھون ۽ 73 ڳوٺ واقع آھن[2]. ديھن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

  1. نندو شھر ديھ
  2. سيالڪي ديھ
  3. گجو ديھ
  4. پنھوارڪي ديھ
  5. دستي ديھ
  6. کاکر ديھ
  7. خالصو ديھ
  8. مورکا ديھ
  9. انگري ديھ
  10. ڀنڀڪي ديھ

معيشيت[سنواريو]

نندو يونين ڪائونسل جي معيشت زرعي آھي. اڪثر آبادي ٻھراڙيءَ ۾ رھي پئي. نندو شھر م 6 سارين جي ڇڙائي جا ڪارخانا جن ۾ قاضي رائس مل، جعفري رائس مل، احمد رائس مل، خاصخيلي رائيس مل، حيدر رائس مل ۽ ميمڻ رائس مل شامل آهن. ۽ 15 اٽي جون ملون آھن. 3 سيڪڙو آبادي ڌنڌن سان تعلق رکندڙ ۽ 12 سيڪڙو شھري مزدور آھن. ھتان جي زرعي زمينن کيڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ علي واھ آباد ڪري ٿو. ھن يونين ڪائونسل م سڀ کان گھڻو ڪمند جو فصل ٿئي ٿو. ان کان علاوه ساريون، جوئر، ٽماٽي، مرچن جا فصل پڻ ٿين ٿا. ڪڻڪ جي پوک ھتي تمام گھٽ ٿئي ٿي. زرعي معيشت م جيڪي ڪمزوريون آھن تن م زراعت بابت تعليم ۽ مھارت جي ڪمي، آبپاشيءَ واري پاڻي جي کوٽ، ڪمزور مارڪيٽي نظام، سرمايي ۽ قرضن جي سھولت جو فقدان، خريداري جي سھولت جي کوٽ ۽ زرعي زمينن کان مارڪيٽ جي رسائي لاءِ مناسب روڊن جو بندوبست نہ ھجڻ آھي. 2013 م ھن يونين ڪائونسل ۾ چوپائي مال جو تعداد 9015 ھو جن ۾ مينھون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون وغيره شامل ھيون[3].

تعليم[سنواريو]

نندو شھر ۾ ھڪ انٽرميڊئيٽ ڪاليج ۽ ٻہ ھاء اسڪول موجود آهن جن مان ھڪ ڇوڪرن لاء ۽ ٻيو ڇوڪرين لاء آھي[4].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ورڊ پريس_ نندو شھر[1]
  2. ورڊ پريس_ نندو شھر[2]
  3. ورڊ پريس_ نندو شھر[3]
  4. ورڊ پريس_ نندو شھر[4]