نثار احمد صديقي
| Nisar Ahmed Siddiqui | |
|---|---|
| پيدائش | پريالو، خيرپور، سنڌ |
| وفات | 22 جون 2020ع (76 سال) جڏهن ڪراچي ۾ اسپتال داخل هيو |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | |
| مادر علمي | |
| پيشو | تعليمدان، سڌارڪ |
| شھرت جو ڪارڻ | سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر، اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر سکر |
| مشھور ڪم | سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سيبا ٽيسٽنگ سروسز (STS) |
| اعزاز | ستاره امتياز ٻہ ڀيرا |
| اڪيڊمڪ پسمنظر | |
| تعليم | |
| مادر علمي | |
| علمي خدمتون | |
| مُکيه ڪم | سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سيبا ٽيسٽنگ سروسز (STS) |
نثار احمد صديقي (Nisar Ahmed Siddiqui) ھڪ نامور پاڪستاني مدرس، تعليم دان، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جو باني وائيس چانسلر ۽ سنڌ، پاڪستان جو اڳوڻو بيوروڪريٽ ٿي گذريو آھي.[1][2]
تعليم
[سنواريو]صديقي معاشيات ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم ۾ پڻ ماسٽر جي ڊگري اتائين ڪيائون. پاڻ 1987ع ۾ آمريڪا ويا جتان بوسٽن يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم بي اي ڪيائون.[3]
پيشا وارانه خدمتون
[سنواريو]شروعات ۾، صديقي بطور استاد خدمتون ڏنيون ۽ ھڪ اسڪول ۾ رياضي، معاشيات ۽ انگريزي ٻولي پڙھايائون. بعد ۾ سينٽرل سپيريئر سروسز جو چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪيائون ۽ پاڪستان حڪومت ۾ بطور سماجي خدمتگار جي پيشا وارانه خدمتون ڏنائون.[4] 30 آڪٽوبر 2019ع تي مرينو بيچ ھوٽل، ڪولمبو سريلنڪا ۾ ايسوسيئيشن آف مينيجمينٽ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس ان سائوٿ ايشيا (ايمڊيسا) جي پندرھين اجلاس ۾ پروفيسر صديقي کي 2019ع-2021ع جي عرصي لاءِ، ايمڊيسا جو صدر چونڊيو ويو.[5][6][7]
عظمت
[سنواريو]پروفيسر نثار احمد صديقي پاڪستان جي تعليم جي شعبي ۾ سندس خدمتن جي ڪري بيحد عزت وارو رھيو. هن کي ”جديد دور جو سر سيد احمد خان“ سڏيو ويو.[8][9] ”ميرٽ، ڪوالٽي، ايڪسيلنس ان ايجوڪيشن“ جو تاريخي نعرو، نثار احمد صديقي 1994ع ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي قائم ڪري سڄي پاڪستان ۾ پيش ڪيو. اداري 2017ع ۾ يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو ۽ هو يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر بڻجي ويو. هن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڪاليجن جو تصور بہ آندو. پاڪستان جي تعليم لاءِ سندس قيمتي خدمتن جي اعتراف ۾، حڪومت پاڪستان کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ ستارۂ امتياز سان نوازيو.[10][11]
وفات
[سنواريو]نثار صديقي 22 جون 2020ع تي ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس سکر آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Tribune.com.pk (2020-06-22). "Educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away at 76". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2020-06-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "VC Sukkur IBA Nisar Siddiqui dies at 76". The Nation (انگريزي ۾). 2020-06-23. 2020-06-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Eminent educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away at 76". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2020-06-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sukkur IBA Vice-Chancellor Nisar Siddiqui passes away | SAMAA". Samaa TV (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-06-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Executive board of AMDISA". www.amdisa.org. 2020-06-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Amdisa (December 2019). "15th AMDISA General Assembly 30th October, 2019 at Colombo, Sri Lanka". AMDISA NEWSLETTER Volume 57.
- ↑ "Change and a school teacher". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 2020-07-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Renowned educationist Nisar Ahmed Siddiqui passes away". www.geo.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-06-22 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sir Syed Ahmed Khan of Sindh". The Nation (انگريزي ۾). 2020-06-26. 2020-06-27 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan & Gulf Economist (انگريزي ۾). Economist Publications. July 2004.
- ↑ hours, Zara Khan 6; Minutes, 39 (2020-06-22). "Renowned Educationist and Founder of IBA Sukkur, Nisar Ahmed Siddiqui passes away". Mashable Pakistan (انگريزي ۾). 2020-06-22 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|first2=has numeric name (مدد)CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)