نار (چرخي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نار ۾ جوٽيل اُٺ

نار يا چرخي انگريزي (Water wheel) يا (انگريزي: Persian Wheel) (عربي ۾ ساقيه) (لاطيني ٻولي:tympanum[1]) آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ مٿانهين زمين تي فصل پوکڻ لاء آبپاشي جو نظام گهڻو ڪري نار وسيلي هوندو هو. ڪچي توڙي پڪي ۾ واهن، ڪسين يا کوهن تي نار چاڙهي نارن وسيلي پاڻي کڻي زمين سيراب ڪري آبادي ڪئي ويندي هئي. اول ڪاٺ جا نار هوندا هئا پر پوءِ لوهه جا نار ڪم اچڻ شروع ٿيا. نارن ۾ اٺ، ڏاند يا ڪٿي ٻيا جانور به جوٽيا ويندا هئا.نار ۾ ڍينگو ٿئي جنهن ۾ لوٽا ٻَڌبا هئا جنهن کي مالهه چئبو هو. وڏي چڪر به هوندي هئي جيڪا پِڙُ تي لڳل هوندي ۽ اها ڍينگي جي ننڍي چڪر ۾ ڦاسندي هئي ۽ ان وڏي چڪر ۾ مٿان ڪاٺ جي ڳاڌي وڌي ويندي هئي جنهن ۾ جانور جوٽيا ويندا هئا. وڏي چڪر ڍينگي جي چڪر کي چوريندي هئي ته ڍينگو ڦرڻ لڳندو هو.چڪر ۾ رسو ٻَڌبو هو جنهن کي ڪڍ چئبو هو جيڪا ڳاڌي ۾ ٻڌبي هئي ۽ ان جو ٻيو پاسو ڍڳن جي جوٽ وقت پاڃاري سان ۽ اُٺ جي جوٽڻ وقت ان جي پٺي جي اڳئين حصي ۾ ٻَڌبي هئي. هڪڙا نار سورهيا ٿيندا هئا ۽ ٻيا ارڙهيا. سورهيا جنهن جنهن جي مالهه ۾ سورنهن لوٽا فڪس ايندا هئا ۽ ارڙهيا جنهن ۾ ارڙهن لوٽا فڪس ايندا هئا. فڪس لوٽن واري کي ٻائڙ ٻَڌو يا ٻاڙوڌو چئبو هو جيڪو لفظ شاهه لطيف به پنهنجي شاعري ۾ ڪم آندو آهي. نار جو پاڻي اول پاڙڇ يا پاڙڇي ۾ پوندو هو. پاڙڇي کان پاڻي نيسر وسيلي آڏ ۾ پوندو هو ۽ آڏ ذريعي پاڻي وهي زمينون سيراب ڪندو هو. [2]هُرلي يا نار جي ڍيڍيءَ ۾ لڳل اُڀين ڪاٺين کي اوڀارا سڏيو ويندو آهي. ڍيڍيءَ جو ڪم -ڀانڊي- کي ڦيرائڻ آهي، جنهن جي ڦرڻ سان مالهه ۾ ٻڌل لوٽا يا ڪنگريون پاڻيءَ سان ڀرجي نيسر ۾ پونديون.[3]

1905 ۾ نڪتل نار يا پرشين ويل جو ڦوٽو

مشھور عرب انجنيئر بديع الزمان أَبُ اَلْعِزِ إبْنُ إسْماعِيلِ إبْنُ الرِّزاز الجزري (جنم: 1136 ۽ وفات: 1206 عيسويءَ ۾ )‎ پڻ نار جي ھڪ قسم جي مشين ايجاد ڪئي ھئي جنھن م لوٽن جي لڙھ کوھ ۾ ڦيرائي پاڻي ڪڍبو ھيو. نار جي ٻئي قسم م وري لوٽن جي لڙھ بدران لوٽا ڦيٿي جي چوڌاري ٻڌل ھوندا آھن.

الجزري واري نار جو نقشو

حوالا[سنواريو]

  1. "Water lifting devices". حاصل ڪيل 28 May 2016. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (Lasaniyat)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-08-21. 
  3. اوڀارا : (Sindhianaسنڌيانا)