مواد ڏانھن هلو

ناديه مراد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناديه مراد
Nadia Murad 2017 (cropped).jpg
ناديه مراد (2018)
پيدائشناديه مراد باسي طاحه
1993 (عمر 3233)
ڪوجو، عراق
شھريتڪردستاني/عراقي
پيشوانساني حقن جي ڪارڪن
سَرگَرمُ سالَ2014–موجوده
مذھبيزيديت
اعزازسخاروف انعام (2016)
امن نوبل انعام (2018)

ناديه مراد باسي (انگريزي: Nadia Murad Basee، پيدائش: 1993ع)، جرمني ۾ رهندڙ عراق جي ڪردستاني انساني حقن جي ڪارڪن ۽ امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ يزيدي عورت آهي. هن کي داعش پاران اغوا ڪري ٽن مهينن تائين قيد ۾ رکيو ويو.[1] 2018ع ۾ ڊينس ماڪويج ۽ هن کي ”جنسي ڏاڍائي کي جنگين ۾ هٿيار طور استعمال ڪرڻ“ خلاف جدوجهد تي گڏيل طور امن جو نوبل انعام ڏنو ويو.[2] هي پهرين عراقي شهري آهي جنهن کي امن جو نوبل انعام مليو.[3]

ناديه مراد، ناديه انيشيٽوو نالي تنظيم جي باني آهي، هي تنظيم اهڙن عورتن جي ڪم لاءِ وقف ڪيل آهي، جيڪي جنگي علائقن ۾ ظلم جو شڪار ٿين ٿيون، جن جي نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي ۽ جن کي اسمگلنگ ڪيو وڃي ٿو، هي اهڙين عورتن جي زندگي ٻيهر سنوارڻ ۾ مددگار تنظيم آهي.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. Westcott, Lucy (19 March 2016). "ISIS sex slavery survivor on a mission to save Yazidi women and girls". Newsweek. http://www.newsweek.com/nadia-murad-isis-sex-slavery-yazidi-438421. Retrieved 22 September 2016.
  2. "Announcement" (PDF). The Nobel Peace Prize.
  3. "Nobel Peace Prize winner Nadia Murad". 5 October 2018 via www.bbc.com.
  4. "Nadia Murad". Forbes. Retrieved 5 October 2018.

سانچو:ابتدائی ترتیب:مراد، ناديه