نادرن خطو
نادرن ٽيريٽري نادرن خطو | |||
---|---|---|---|
| |||
سانچو:Pluralize from text: ٽيريٽري سانچو:Pluralize from textمٿيون ڇيڙو | |||
![]() آسٽريليا جي نقشي ۾ نادرن ٽيريٽري نمايان ڏيکاريل | |||
جاگرافي بيهڪ: 20°S 133°E / 20°S 133°E | |||
ملڪ | ![]() | ||
رياست | نادرن ٽيريٽري | ||
نيو سائوٿ ويلز پاران قائم ڪيل | 1825 | ||
سائوٿ آسٽريليا جي حوالي ٿي | 1862 | ||
دولت مشترڪه جي حوالي ٿي | 1911 | ||
نادرن خطي جي تحليل | 1927 | ||
سڌارن ھيٺ آئي | 1931 | ||
الڳ حڪومتي نظام جو قيام | 1978 | ||
گادي جو هنڌ | ڊارون | ||
وڏي ۾ وڏو شھر | ڊارون | ||
Government | |||
• Type | آئيني بادشاهت | ||
• Body | نادرن ٽيريٽري گورنمينٽ | ||
• حڪومت جو ايڊمنسٽريٽر | وڪي او ھئلورن | ||
• وزيراعلي | مائيڪل گنر آسٽريلين ليبر پارٽي (ٽيريٽري واري شاخ) | ||
مقننه | پارليامينٽ 25 سيٽون | ||
عدليه | * نادرن ٽيريٽري جي سپريم ڪورٽ | ||
وفاقي نمائندگي | آسٽريليا جي پارليامينٽ | ||
Area | |||
• Total |
1,420,970 ڪ.م2 (548,640 ميل2) | ||
• Land | 1,349,129 ڪ.م2 (520,902 ميل2) | ||
• Water | 71,839 ڪ.م2 (27,737 ميل2) | ||
• Rank | 3rd |
نادرن ٽيريٽري آف آسٽريليا يا نادرن خطو يا اتريون علائقو(انگريزي: Nothren Territory ) (مختصرن: NT) [3] آسٽريليا جو ھڪ رياستي خطو آھي جيڪو ان جي وچولي ۽ اترئين حصي تي مشتمل آهي. ان جون حدون اولھ ۾ ويسٽرن آسٽريليا سان، ڏکڻ ۾ سائوٿ آسٽريليا، اوڀر ۾ ڪئينسلينڊ سان ملي ٿي. ان جي اتر م تيمور سمنڊ، ارافورا سمنڊ ۽ ڪارپينٽاريا سمنڊ واقع آھن جن ۾ نيو گني، انڊونيشيا جي ٻيٽن جي جھرمٽ واقع آھن. ھن خطي جي پکيڙ 1٬349٬129 ڪلوميٽرزچورس (520٬902 sq mi) آهي ۽ آبادي
245,353 اٿس[1]

جن خطي جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جيڪا ويسٽ منسٽر نظام تحت ڪم ڪندي آهي. اھا 1974ع ۾ قائم ٿي. ان کان اڳ ھن خطي ۾ ھڪ ليجسليٽو ڪائونسل ڪم ڪندي ھئي جنھن جو قيام 1947ع ۾ ٿيو ھو ان جا رڪن جزوي طور تي چونڊ ذريعي مقرر ٿيندا ھئا. ھن خطي ۾ راڻي جو عيوضي ايڊمنسٽريٽر ھوندو آھي. ليجسليٽو اسيمبلي جا 25 رڪن آھن جيڪي چونڊ ذريعي چئن سالن لاء منتخب ٿيندا آهن. ھتي خطي اندر ماڻھن جو مطالبو ٿيندو رھيو آھي تہ ھن ٽيريٽري کي رياست جو درجو ڏنو وڃي[4] ھن خطي جي حڪومت جو سربراھ وزيراعلي ھوندو آھي. ٽيريٽري جي حڪومت جي گادي ڊارون شھر ۾ آھي.
حوالو
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 24 September 2020.
- ↑ "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 20 November 2019.
- ↑ "Northern Territory Acceptance Act 1910". https://www.legislation.gov.au/Details/C2012C00254. "6(1). The Northern Territory is by this Act declared to be accepted by the Commonwealth as a Territory under the authority of the Commonwealth, by the name of the Northern Territory of Australia."
- ↑ سانچو:Cite video