مواد ڏانھن هلو

ناخدا مسجد

ناخدا مسجد
ناخدا مسجد، رات جی وقت
بنيادي ڄاڻ
جاءِکولکتہ، انڈیا
مقانيت22°34′35″N 88°21′21″E / 22.57639°N 88.35583°E / 22.57639; 88.35583
ڳانڍاپواسلام
Riteحنفي
ضلعوکولکتہ
صوبواولھہ بنگال
ويبسائيٽnakhodamasjid.com
تفصيل تعميرات
تجويز اڏاوتکچھی میمن جماعت
قسم اڏاوتمسجد
قسم اڏاوتاسلامی، مغل
پورو ٿيڻ جو سال1926ع
اڌاوتي لاڳت1,500,000 روپیا
خصوصيتون
Direction of façadeاولھہ
گنجائش10,000
قبو3
منارا27
منارن جي اوچائي151 فوٹ

ناخدا مسجد (گجراتي: ناخدا:ملاح) هندستان جي ڪولڪتا جي پرنسپل مسجد آهي، جيڪا ڪولڪتا شھر جي ڪاروباري ضلعي ۾ بورا بازار جي چتپور علائقي ۾ ذڪريا اسٽريٽ ۽ رابندر آسراني جي چوڪ تي آهي.

تعمير

[سنواريو]
Entrance resembling Buland Darwaza

هيءَ مسجد سڪندرا، آگره ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي مقبري جي نقل طور ڪڇ جي سني مسلمان برادري جي هڪ ننڍڙي جماعت ڪچي ميمن جماعت طرفان ٺاهي وئي هئي.[1][2][3][4] ناخدا مسجد اولهه بنگال ۽ اوڀر هندستان ۾ سڀ کان وڏي مسلمان مسجد آهي، جنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سال 1854ع کان اڳ موجوده ماڳ تي ٻه مختلف مسجدون هيون. حاجي ذڪريا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪچي ميمن سوداگر ۽ ڪاروباري ٽائيڪون هو، باقاعده نمازي هو. ڪچي ميمن هڪ مسلمان برادري آهي، جيڪي سال 1823ع کان پوءِ ڪلڪتي ۾ آيا. حاجي ذڪريا ٻين سني مسلمانن جو اڳواڻ هو، جيڪي موجوده مسجد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آباد هئا. ان مسجد جو نالو ”ناخدا“ يعني ”ملاح“ رکيو ويو. ان جي تعمير جو ڪم سال 1926ع ۾ شروع ٿيو ۽ سا 1935ع ۾ مڪمل ٿيو .نئين مسجد جي تعمير لاءِ ڪلڪتي جي سڀني وڏن ڪچي ميمن حصو ورتو. پر عبدالرحيم عثمان سڀ کان وڏو عطيو ڏيندڙ هو. سال 1926ع ۾ ان جي تعمير تي ڪل خرچ 1,500,000 هندستاني روپيا آيا. مسجد جي ٻيهر تعمير جو ٺيڪو هڪ برطانوي انجنيئرنگ ڪمپني، ميڪنٽوش برن اينڊ ڪمپني کي ڏنو ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Indo-British Review, Volume 22, Issue 1, Indo-British Historical Society, 1996.
  2. Calcutta's edifice: the buildings of a great city by Brian Paul Bach 2006
  3. The Book review, Volume 25
  4. Urban roots of Indian nationalism: pressure groups and conflict of interests in Calcutta City politics, 1875-1939.