ناخدا مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ناخدا مسجد

ناخدا مسجد، رات جی وقت
بنيادي ڄاڻ
جاءِ کولکتہ، انڈیا
مقانيت 22°34′35″N 88°21′21″E / 22.57639°N 88.35583°E / 22.57639; 88.35583مڪانيت: 22°34′35″N 88°21′21″E / 22.57639°N 88.35583°E / 22.57639; 88.35583
وابستگي اسلام
Rite حنفي
ضلعو کولکتہ
صوبو اولھہ بنگال
ويبسائيٽ nakhodamasjid.com
تفصيل تعميرات
تجويز اڏاوت کچھی میمن جماعت
قسم اڏاوت مسجد
قسم اڏاوت اسلامی، مغل
مڪمل سال 1926ع
تعميراتي لاڳت 1,500,000 روپیا
خصوصيتون
Direction of façade اولھہ
گنجائش 10,000
قبو 3
منارا 27
منارن جي اوچائي 151 فوٹ

ناخدا مسجد (گجراتي: ناخدا:ملاح) هندستان جي ڪولڪتا جي پرنسپل مسجد آهي، جيڪا ڪولڪتا شھر جي ڪاروباري ضلعي ۾ بورا بازار جي چتپور علائقي ۾ ذڪريا اسٽريٽ ۽ رابندر آسراني جي چوڪ تي آهي.

تعمير[سنواريو]

Entrance resembling Buland Darwaza

هيءَ مسجد سڪندرا، آگره ۾ مغل شهنشاهه اڪبر جي مقبري جي نقل طور ڪڇ جي سني مسلمان برادري جي هڪ ننڍڙي جماعت ڪچي ميمن جماعت طرفان ٺاهي وئي هئي.[1][2][3][4] ناخدا مسجد اولهه بنگال ۽ اوڀر هندستان ۾ سڀ کان وڏي مسلمان مسجد آهي، جنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. سال 1854ع کان اڳ موجوده ماڳ تي ٻه مختلف مسجدون هيون. حاجي ذڪريا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪچي ميمن سوداگر ۽ ڪاروباري ٽائيڪون هو، باقاعده نمازي هو. ڪچي ميمن هڪ مسلمان برادري آهي، جيڪي سال 1823ع کان پوءِ ڪلڪتي ۾ آيا. حاجي ذڪريا ٻين سني مسلمانن جو اڳواڻ هو، جيڪي موجوده مسجد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آباد هئا. ان مسجد جو نالو ”ناخدا“ يعني ”ملاح“ رکيو ويو. ان جي تعمير جو ڪم سال 1926ع ۾ شروع ٿيو ۽ سا 1935ع ۾ مڪمل ٿيو .نئين مسجد جي تعمير لاءِ ڪلڪتي جي سڀني وڏن ڪچي ميمن حصو ورتو. پر عبدالرحيم عثمان سڀ کان وڏو عطيو ڏيندڙ هو. سال 1926ع ۾ ان جي تعمير تي ڪل خرچ 1,500,000 هندستاني روپيا آيا. مسجد جي ٻيهر تعمير جو ٺيڪو هڪ برطانوي انجنيئرنگ ڪمپني، ميڪنٽوش برن اينڊ ڪمپني کي ڏنو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Indo-British Review, Volume 22, Issue 1, Indo-British Historical Society, 1996.
  2. Calcutta's edifice: the buildings of a great city by Brian Paul Bach 2006
  3. The Book review, Volume 25
  4. Urban roots of Indian nationalism: pressure groups and conflict of interests in Calcutta City politics, 1875-1939.