مواد ڏانھن هلو

مڪو ڪرين حادثو

مڪي مڪرمه ۾ حرم شريف توسيع ڪرڻ لاء تعينات ڪرين (تصوير:فيبروري 2014)
تاريخ11 سيپٽمبر 2015
مڪانيت21°25′21″N 39°49′34″E / 21.4225°N 39.8262°E / 21.4225; 39.8262
سببڪرين ڪري پئي
غير مهلڪ زخمي238+[1][2]

سعودي عرب جي شهر مڪي مڪرم ۾ مسجد الحرام ۾ تعميراتي مقام تي طوفاني هوائن سان ڪرين ڇت ڦاڙي حاجين تي ڪري پئي، سعودي شهري دفاع جي مطابق ان حادثي 107 حجاج جان بحق ۽ 238 زخمي آهن۔[3] حادثي جي جاء تي موجود هڪ عيني شاهد جي مطابق،مقامي وقت 5:45 پر ڪرين صفا و مروه جي مٿان مسجد حرام جي ٽين منزل جي ڇت کي ڦاڙي اندر داخل ٿي.[4]

پس منظر

[سنواريو]
اصل مضمون/مضمونن جي لاءِ ڏسو مسجد الحرام ۽ حج

حج جا ڏينهن سامهون آهن جنهن جي وجه سان لکين حاجي سڳورا مسجد حرام حج جي نيت سان ويا آهن۔ 11 سيپٽمبر تي شام جو وقت هيو جڏنهن ڪيترائي حاجي سڳورا طواف ۽ سعي ۾ مصروف هيا۔ پوئين هڪ هفتي کان حرم شريف ۽ سامهون وارن علائقن ۾ طوفاني آنڌي هلي رهي هئي۔جيئن ته هڪ طويل عرصي کان مڪي شريف ۾ مسجد حرام جي توسيع جو ڪم جاري آهي ان لاء ڪيترائي سے ڪرين ۽ ٻيون تعميراتي ڪلون (مشينون) تعينات ڪيو ويون آهن۔ ااچتو تيز هوائن سبب صفا و مروه ۾ تعميراتي ڪم جي لاء تعينات ڪرين عازمن تي وڃي ڪري، ان کان پوء سعودي دفاعي اداري 19 07 شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمين جي تصديق ڪئي۔ مسجد حرم ۾ موجود هڪ عيني شاهد جو چوڻ آهي ته سانچو:قول

رد عمل

[سنواريو]
  •  ڀارت – ڀارتي نا‏ئب صدرحامد انصاري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن حد تائين مدد فراهم ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي۔ انهن جان بحق ٿيڻ وارن جي اهل خانن سان همدري ۽ زخمين جي جلد صحت يابي جي لاء نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو۔[5]
  •  پاڪستان — وزير اعظم نواز شريف ان واقعي تي گهري رنج جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور تي اسپتالن ۾ وڃي زخمن جي هر ممڪن مدد ڪري۔[6]
  •  ملائيشيا – وزيراعظم نجيب رزاق ملائيشيا جي زخمي ٿيڻ وارن حاجين جي فوري طبي امداد جو مطالبو ڪيو آهي۔[7]

خارجي ڳنڍڻو

[سنواريو]

حوالو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named DailyMail.co
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Guardian2015-09-11
  3. بي بي سي اردو مسجد الحرام ۾ ڪرين ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 107 فرد هلاڪ
  4. "Scores killed after crane crashes in Mecca mosque". Al Jazeera. 11 September 2015. 11 September 2015 تي حاصل ڪيل.
  5. "Hamid Ansari expresses grief over accident in Mecca's Grand Mosque". Economic Times. 2015-09-11. 2015-09-11 تي حاصل ڪيل.
  6. "وزير اعظم نواز شريف جو سعودي عرب ۾ ڪرين حادثي تي گهري رنج جو اظهار". سماء ٽي وي. 11 سيپٽمبر 2015. {{cite news}}: |access-date= requires |url= (مدد); Unknown parameter |sdl= ignored (مدد)
  7. "PM pledges aid for Malaysian pilgrims injured in Mecca crane collapse". Bernama. The Malay Mail. 12 سيپٽمبر 2015. 12 سيپٽمبر 2015 تي حاصل ڪيل.